وعليڪم السلام ورحمت الله وبرڪاته ، مولا علي مدد ، سدا موجود ،
جنين ڏاند نه ٻج تنين به تنهنجو آسرو ، اول ڏئين انهن کي پوءِ اڀارين سج
الله جيئن نالو تيئن مون وڏو آسرو
ادا ڌڻيءَ ۾ ڀروسو رکو ان شاءُ الله ڪو نه ڪو طريقو نڪري ايندو ، بي روزگاري واقعي تمام وڏي پريشاني جو باعث آهي ، بس الله پاڪ کان بهتري جي دعا ڪندا رهو هر نماز کانپوءِ ، والله خير الرازقين ، ۽ وترزق من تشاءُ بغير حساب ڪثرت سان پڙهندا رهو اول آخر درود شريف ، مولا ڀلائي ڪندو