شوڪت منگي : سماجَ کي سونهن ارپيندڙ مصور

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏14 مئي 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    شوڪت منگي : سماجَ کي سونهن ارپيندڙ مصور
    تحرير: مٺل کهڙو


    مُصَور پنهنجي رنگن ذريعي ڪائنات جي حُسن کي محفوظ ڪندا آهن. خيرپور سان تعلق رکندڙ نامياري مصور شوڪت منگيءَ جو شُمار به اهڙن مصورن ۾ ٿئي ٿو، جنهن پنهنجي تصويرن ۾ سِنڌُ جي سونهن ۽ سنڌُ جي صوفياڻن قدرن کي محفوظ ڪيو آهي. 8 مارچ 1972ع تي خيرپور جي نظاماڻي محلي ۾ مرحوم رحيم بخش منگيءَ جي گهرَ ۾ جنم وٺندڙ شوڪت منگيءَ جي خاندانَ ۾ هونئن ته ڪيترائي مصور موجود آهن پر هُنَ پنهنجي مُنفرد ڪم جي آڌار تي پنهنجي الڳ سڃاڻپ پيدا ڪئي آهي.

    شوڪت منگيءَ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي فائن آرٽس واري شعبي مان 2000ع ۾ ماسٽرس ڪئي ۽ گولـڊ ميڊل حاصل ڪيو ـــ شوڪت منگي اسڪلپچر آرٽ ۽ سيرامڪس جي ڪَمَ ۾ خاص مهارت رکي ٿو. شوڪت منگيءَ جي تخليقي ڪَمَ جون ٻاويهن کان مٿي نمائشون ٿي چڪيون آهن ـــ ڪلفٽن، ڪينٽ، اسٽيل ٽائون سميت ڪراچيءَ جي مختلف حصن ۾ اهڙين ايگزيبيشنس کان علاوه سکر ۽ خيرپور ۾ مختلف ثقافتي موقعن تي شوڪت منگيءَ جو تخليقي ڪَمُ ساراهيو ويو آهي. هُنَ لطيف يونيورسٽي خيرپور، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو، سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي، لياقت يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ٻين تعليمي ادارن ۾ ڪانوڪيشن ۽ ڪانفرنسن جي موقعي تي اسٽيج ڊزائننگ به ڪئي آهي.

    پنهنجي فني سفر دؤران شوڪت منگيءَ ڪيترائي ايوارڊ به حاصل ڪيا آهن. اهڙن ايوارڊن ۾ سنڌ رور مُوٽ، نيشنل يوٿ ايوارڊ، اجرڪ ايوارڊ ۽ ٻيا شامل آهن. شوڪت منگيءَ ڪيترن ئي ادارن جا ايوارڊ پڻ ڊزائن ڪيا آهن اهڙن ايوارڊن ۾ سچل ايوارڊ، بيدل ايوارڊ، ريڊيو پاڪستان ايوارڊ ۽ ٻيا اڻ ڳڻيا ايوارڊ شامل آهن. هُنَ ڪيترن ئي ادارن جا مونوگرام به ڊزائن ڪيا آهن.
    عظيم صوفي شاعِرَ حضرت سچل سرمست جي فڪر سان شوڪت منگيءَ کي خاص اُنسيت رهي آهي. هُنَ سال 2012ع ۾ سچل سرمست سائينءَ جو شاندار اسڪلپچر ٺاهيو جيڪو سچل سرمست يادگار ڪاميٽيءَ جي آفيس ۾ رکيل آهي ۽ جنهن کي تمام گهڻو ساراهيو ويو. سال 2013ع ۾ درازا ۾ سچل سائينءَ جي مزارَ جي ڀرسان شوڪت منگيءَ ”سچل ميوزيم“ قائم ڪيو جيڪو پڻ ڏيهه پرڏيهه کان ايندڙ سچل جي پانڌيئڙن جي توجهه جو مرڪز رهندو پئي آيو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ شوڪت منگي سچل جي راڳين ۽ سچل جي شارحن جا اسڪلپچر به ٺاهڻ جو ارادو رکي ٿو.
    جڏهن به خيرپور کي سينگارڻ جو ذّڪر نڪرندو ته شوڪت منگيءَ جي تخليقي ڪَمَ جو ذڪر به ضرور نڪرندو هُنَ خيرپور ۾ کُجور منڊي ٽاور، جيلاني ٽاور ۽ خيرپور ضلعي حڪومت جو لوگو (جيڪو اسيمبلي هال جي گيٽ تي نصب ٿيو) ڊزائن ڪيا ۽ مڃتا ماڻي.
    تازو ئي کيس خيرپور جي بيوٽيفڪيشن پلان جو نئون ڪَمُ مليو آهي جنهن ۾ کيس کجيءَ جي وَڻَ، خيرپور جي مهراڻي جي سڃاڻپ هرڻي، صُراحي، يڪتارو ۽ ڏاندَ گاڏيءَ جا ماڊلَ ٺاهڻا آهن.
    نيو ڪراچي جي معراج ڀائي پارڪ ۾ شوڪت منگيءَ جو ٿيل ڪَمُ اڄُ به سڀني جي توجهه جو مرڪز آهي. جِتي هُنَ سيمنٽ مان، مختلف پکين ۽ جانورن جا مُجسما ٺاهيا. اهڙن مجسمن ۾ هاٿي، شينهن، ڊائنو سار ۽ ٻيا پکي شامل آهن.
    تازو خيرپور ۾ منعقد ٿيندڙ ورلڊ اسڪائوٽ جمبوريءَ ۾ به آرٽ ورڪ جي حوالي سان شوڪت منگيءَ جو وڌ کان وڌ ڪردار رهيو.
    شوڪت منگي قدرت پاران عطا ڪيل ڏات کي پاڻَ تائين محدود رکڻ جو قائل ناهي، بلڪه هُو انهيءَ ڏاتِ کي ونڊڻ ورڇڻ لاءِ مختلف ادارن ۾ تدريسي ڪَم به ڪري ٿو ـــ اُنهيءَ سلسلي ۾ هُو ليڊي برڊ گرامر اسڪول ڪراچي، آرمي پبلڪ اسڪول ملير ڪينٽ، قائد اعظم پبلڪ اسڪول ڪراچيءَ ۾ فن جي سکيا ڏئي چڪو آهي ۽ اڄ ڪلهه گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڊرٻ ميهر شاهه ۾ پنهنجون خدمتون سرنجام ڏئي رهيو آهي.
    شوڪت منگيءَ ”سيو دي ارٿ“ ۽ ”ارٿ ڪوئيڪ“ جي موضوعن تي موضوعاتي ڪَمُ ڪري به ايوارڊَ حاصل ڪيا آهن.
    شوڪت منگي خيرپور آرٽس ڪائونسل جي بنيادي ميمبرن مان هِڪُ آهي، جنهن خيرپور آرٽس ڪائونسل جي بنياد کان وٺي پاڻُ پتوڙيو آهي. خيرپور آرٽس ڪائونسل جي شهيد محترمه بينظير ڀُٽو اوپن ايئر ٿيٽر ۾ سندس تصويرن جو نُماءُ به ٿيو، جنهن جو افتتاح ڊاڪٽر نفيسه شاهه ڪيو هو پر اڳتي هلي جڏهن هيءَ آرٽس ڪائونسل غير تخليقي ذهنن جي وَر چڙهي وئي، تڏهن خيرپور جي اڪثر قلمڪارن، راڳين، آرٽسٽن، مصورن سميت شوڪت منگيءَ پڻ عافيت انهيءَ ۾ ئي سمجھي ته پنهنجي صلاحيتن کي ضايع ڪرڻ جي بدران، ڪنهن ڪنڊ ۾ ئي ويهي پنهنجي ڪمَ کي جاري رکجي ۽ هُو اَڄُ به پنهنجي تخليقي ڪم ۾ مصروف آهي.
    آرٽ جي حوالي سان شوڪت منگي انتهائي اميد پرست آهي. سندس خيال آهي ته آرٽ جي ذريعي سماجَ مان ناڪاري تصورن جو خاتمو آڻي سگهجي ٿو. سندس تخليقي ڪَمَ جا ڪيترائي بروشر شايع ٿي چُڪا آهن ۽ اهي جتي جِتي به پُهتا آهن اُتي اُتي پيارَ، امن ۽ رواداريءَ جو پيغام پهتو آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو