سدا حيات ۽ ڪلاڪار خانصاحب استاد گلزار علي خان سانگھڙائي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏15 مئي 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    [​IMG]ناصر مقصود گل

    مولا علي عليه السلام جن جو فرمانِ عاليشان آهي ته: ”هڪ عالِم جو موت، پوري عالَم جو موت آهي“ ڇاڪاڻ ته هڪ علم وارو انسان، جڏهن هي جهان ڇڏي پنهنجي خالقِ حقيقي سان وڃي ملندو آهي ته پنهنجي پٺيان پوريءَ دنيا کي سوڳوار ڇڏي ويندو آهي. جيڪڏهن مولا علي عليه السلام جي هن قول جي گهرائيءَ تائين وڃجي ته ان جو مقصد اهوئي آهي ته علم کي اهڙي فضيلت ۽ درجو حاصل آهي، جو جڏهن هڪ علم وارو انسان هِن جهان مان هن جهان ڏي روانو ٿيندو آهي ته اڻ گھڙيءَ ڄڻ ته سندس فيض کان پورو عالَم محروم ٿي ويندو آهي. علم وارا انسان فرد واحد هوندي به اهڙن ادارن مثل هوندا آهن، جيڪي ڏات ۽ فن جي ڪري سدائين قدر دان ماڻهن جي دلين ۾ آباد هوندا آهن، اهي ماڻهو جهڙيءَ ريت جيئري ماڻهن جون دليون جيئاريندا رهندا آهن، اهڙيءَ ريت سان مُئي پڄاڻان سموري ديس کي اداس ڪري ويندا آهن.

    اڄ ڏهين مئي آهي ۽ هي ڏينهن موسيقيءَ جي هڪ عالم ۽ با ڪمال ڪلاڌڻيءَ جي وڇوڙي جو ڏينهن آهي. ڏهين مئي سنڌي سنگيت نگر لاءِ ڏکارو ڏهاڙو آهي، ڇاڪاڻ ته اڄ کان ٺيڪ هڪ سال اڳ سنڌي سنگيت گهر ۾ هڪ ڪوهيارل ڪاڻ ڪوهياريءَ ڪهرام مچايو هو، مالڪوسَ ماتم ڪيو هو، درٻاري دانهون ڪيون هيون، سورٺ سڏڪا ڀريا هئا، سرمنڊل جون تارون ڇيهون ڇيهون ٿي پيون هيون ۽ طبلي جي ٻنهي پاسن شاهيءَ بجاءِ پنهنجي سِر ۾ خاڪ وڌي هئي، سريلن سازن روڄ راڙي سان، زارو قطار هنجون هاري هڪ محبوب سان موڪلاڻي ڪئي هئي. سال اڳ هن ڏينهن تي سنگيت جي گلزار ۾ سوڳوار تڏو پٿارجي ويو هو، سال 2014ع جي اڄوڪي ڏينهن سنڌي ڪلاسيڪي راڳ جي سرموڙ راڳيءَ، سـُـرَن جي بادشاهه ۽ طبع جي فقيرَ، سانگھڙائي سپوتَ، خانصاحب استاد گلزار علي خان سانگھڙائيءَ پنهنجون اهي اوجاڳيل اکيون هميشه لاءِ بند ڪري ڇڏيون هيون، جن اکين سنگيت جي سڪ ۽ موسيقيءَ جي محبت ۾ ٻاهتر سالن (1942ع کان 2015ع تائين) کان اوجاڳا اورانگھيا هئا. خانصاحب استاد گلزار علي خان سانگھڙائي هن پريم جي پنٿ جو سفر ڪٿان کان شروع ڪيو، ڪهڙا ڪشالا ڪاٽيا، ڪهڙيون تڪليفون چاهه سان چشمن تي چايون، اچو ته سندس جيون تي هڪ نظر ڌريون.

    خانصاحب استاد گلزار علي خان سانگھڙائيءَ جو اصلوڪو ديس ننڍي کنڊ جي رياست راجسٿان هو. راجسٿان ڀارت جي ٻيو نمبر وڏي رياست آهي، جنهن جي پکيڙ 3 لک 42 هزار چورس ڪلوميٽر (اتر- اولهه) ٿيندي. هيءَ راجپوتن جي سرزمين آهي، جن لڳ ڀڳ هڪ هزار سال راجسٿان تي حڪومت ڪئي هئي. هنن سمورن ٻاهرين سان مهاڏا اٽڪايا ۽ ڀوري سامراج سان جنگيون جوٽيون هيون. راجپوتن ريگستاني علائقي ۾ وڏا وڏا قلعا چتورڳڙهه، جوڌپور، جيسلمير وغيره ٺاهيا. راجائن ۽ ٺڪرن جي نالي سان سڃاپجندڙ هن رياست جي موسيقيءَ جي تاريخ به ان جيتري ئي قديم آهي، جيتري هن رياست جي قدامت آهي. ان حوالي سان ڪيترائي موسيقار گھراڻا هن رياست سان تعلق رکن ٿا، جن گھراڻن جي انمول فردن، مانائتن موسيقارن پاڻ ولوڙي، ننڊون ۽ آرام تياڳي، محنتون ۽ رياض ڪري، سرن ۾ ساهه وڌو هو ۽ هميشه لاءِ امر ٿي ويا.

    هن سر زمين سان تعلق رکندڙ موسيقارن ۽ ڪلاڪارن جي گھراڻن مان هڪ ’ قريشي گھراڻو‘ پڻ ايامن کان هتي آباد هو، هن گھراڻي سان وابسته ڪلا ڌڻين جي جيڪڏهن ڪٿا ويهي ڪبي ته ڪتاب ڀرجي ويندا. راجسٿان جي قريشي راڳي گھراڻي مان پنهل جي قافلي جيان عنبير جي سرهاڻ جهڙن سرن جي خوشبوءِ پکيڙيندڙ فردن جو هڪ ٽولو پنهنجي اصلوڪي ديس راجسٿان مان لڏي پلاڻي پهرين پنجاب جي شهر بهاولپور ۽ پوءِ سنڌ ۾ پاڻ سان گڏ سر ۽ ساز جي ڪيميا کڻي آيو، اُن گھراڻي جا املهه هيرا خانصاحب استاد رحيم بخش خان (استاد گلزار علي خان جو چاچو)، خانصاحب استاد الاهي بخش خان (استاد گلزار علي خان جو والد صاحب) ۽ باڪمال ڪٽنب جا ٻيا فرد سنڌ ۾ اچي پهريان ٽنڊي ڄام، تنهن بعد کپري ۽ ان بعد مستقل طور سانگھڙ ۾ اچي پنهنجا پکڙا اڏي ويٺا ۽ اسان سنڌين جي اها خوشبختي چئبي جو اهي انمول راڳي هميشه لاءِ سنڌ جا ئي ٿي ويا.

    ڪلا جي ان قريشي گھراڻي ۾ موسيقيءَ جي ازلي اوشاق ۽ امر آواز جي مالڪ خانصاحب استاد گلزار علي خان سانگھڙائيءَ پڻ جنم ورتو، جنهن جي سريلي آواز جي گونج راجسٿان کان سانگھڙ يعني هند کان سنڌ تائين پهتي ۽ اسان کي پڪ آهي ته اها پيڙهين تائين گونجندي رهندي. سنڌ جي ان ئي سدا سريلي ڏاتيار گھراڻي جو باڪمال ڪلاڪار خانصاحب استاد گلزار علي خان سانگھڙائيءَ 1942ع ڌاري پنهنجي وقت جي تمام سگھاري سارنگي نواز خانصاحب استاد الاهي بخش خان جي گھر ۾ عالم ارواح جا ننڊاکا نيڻ کولي دنيا جو ديدار ڪيو. سندس تربيب هڪ موسيقار گھراڻي ۾ ٿي، ان ڪري ننڍپڻ کان وٺي سندس ٻاراڻا ٻاتا ٻول آلاپ ۽ سريلا ساز سندس رانديڪا بڻجي ساڻس گڏ گڏ رهيا. استاد گلزار علي خان سانگھڙائي موسيقيءَ جهڙي مٺڙي مڌ جو پياڪ ته ننڍ پڻ کان ئي ٿي ويو هو، پر عملي طور تي باقاعدگيءَ سان بهاولپور ۾ خانصاحب استاد بندي علي خان جي حضور ۾ حاضر ٿي، سندس سرپرستيءَ هيٺ سرن جي سوغات حاصل ڪيائين. تاريخ جي ورقن اٿلائڻ سان ان ڳالهه جو پتو پڻ پوي ٿو ته خانصاحب استاد گلزار علي خان سانگھڙائي گائيڪيءَ کان اول پنهنجي باڪمال چاچي خانصاحب استاد رحيم بخش خان سان سنگت ۾ طبلو پڻ وڄايو.

    خانصاحب استاد گلزار علي خان سانگھڙائي ڪلاسيڪل موسيقيءَ جي هڪ مڪمل اداري جي حيثيت رکندو هو، هو ڪلاسيڪل توڙي نيم ڪلاسيڪل موسيقيءَ جي هر صنف جهڙوڪ: خيال، ٺمري، گيت، تراني، ڪافي جي گائيڪيءَ ۾ پنهنجو مثال پاڻ هو. استاد گلزار علي خان سنڌي ڪلاسيڪل موسيقيءَ جي حوالي سان هڪ مڪمل ۽ منفرد مقام ماڻي ورتو هو. آئون هن مضمون تيار ڪرڻ جي سلسلي ۾ جڏهن نامياري ليکڪ، ريڊيو جي تمام سگھاري براڊڪاسٽر، پروڊيوسر ۽ ريڊيو حيدرآباد جي اسٽيشين ڊائريڪٽر محترم نصير مرزا سان ملاقات ڪئي ته اهو ڄاڻي مون کي تمام گھڻي حيرت ٿي ته ننڍي کنڊ جي سگھارن سنگيتڪارن ۽ ڪلاسيڪل ڪلاڪارن ۾ شمار ٿيندڙ استاد گلزار علي خان سانگھڙائي شهرت جي شوق کان ايترو ته اڻ واقف هو، جو هن ريڊيو جي دنيا ۾ ڪافي عرصو بعد 90ع جي ڏهاڪي ۾ قدم رکيو هو، جڏهن ته ڪيترائي سندس همعصر ۽ همعمر سنگيتڪار پاڪستان ٺهڻ کان اڳ، آل انڊيا ريڊيو جي اسٽوڊيوز جي ريڊيائي لهرن تان پاڻ مڃرائي چڪا هئا.

    استاد گلزار علي خان سانگھڙائيءَ پنهنجي فن جي فيض سان ڪيترن ئي شاگردن کي فيضياب پڻ ڪيو، جيڪي اڄ سنڌي موسيقيءَ ۾ اهم جڳهه والارين ٿا، سندس شاگردن ۾ استاد عنايت علي خان (پٽ)، استاد ولايت علي خان (پٽ)، رجب گلزار علي خان (پٽ)، اختيار خشڪ، سيد وزير علي شاهه، نظر محمد، حافظ اسماعيل ۽ ٻين جا نالا شمار ڪري سگھجن ٿا. پاڻ فني زندگيءَ کان علاوه عام زندگيءَ ۾ عملي طور تي به پنهنجي ذات ۾ درويشياڻين وصفن ۽ صوفياڻين صفتن سان سرشار هو. پاڻ هڪ ڪلاسيڪل ڪلاڪار هجڻ سان گڏ زندهه دل شخصيت جو مالڪ پڻ هو، حوالي سان پنهنجي تڏي تي هر ايندڙ ويندڙ جو دل سان آڌر ڀاءُ ڪندڙ ۽ محبتي ميزبان پڻ هو.

    استاد گلزار علي خان سانگھڙائيءَ کي سندس ڪيل عمر ڀر جي فني پورهئي جي عيوض سال 1984ع ۾ ’استاد منظور علي خان ايوارڊ‘، سال 2010ع ’شاهه لطيف ايوارڊ‘، 1995ع ۾ ’آل سنڌ سنگيتڪار ائسوسيئيشن، شڪارپور‘ (آسا) پاران ايوارڊ، ’استاد گلزار علي خان ايوارڊ‘، ’سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ‘ پاران ’مادرِ وطن ايوارڊ‘ سميت ٻيا به ڪيترائي سرڪاري توڙي غير سرڪاري ايوارڊ ۽ موسيقيءَ جي مداحن پاران اڻ ميون محبتون ۽ مڃتائون پڻ مليون.

    سنڌ جن هن سگھاري سنگيتڪارَ، قربائتي ڪلاسيڪل ڪلاڪارَ، گڻائتي گلوڪارَ، استاد گلزار علي خان سانگھڙائيءَ پنهنجي زندگيءَ جون ٻاهتر بهارون ماڻي، 10 مئي 2014ع تي، پنهنجن محتبي مداحن کان هميشه لاءِ جدا ٿيندي، سرگمن کي سوڳوار ڪري، راڳ کي روئڻهارڪو ڪري، ويراڳ کي ويڳاڻو ڪري، آلاپن کي الوداع ڪري ۽ سونهاريءَ سنڌ کي هميشه لاءِ خدا حافظ چئي راهه ربانيءَ طرف راهي ٿيو،
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو