جواب: تعارف سهڻي ننڍڙي ڦوٽوءَ ساه سلهاڙيل ادا عبدالحفيظ چانڊيا صاحب، ڀلي ڪري آيا ، جي آيا، اسانجون اکيون ٿڌيون ، سنڌ سلامت جو هي اڱڻ سنڌ جي سڄڻن جي اوطاق آهي، اميد ته اوهان به هن اوطاق تي دوستن سان ساٿ نڀائيندا ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ۾ پاڻ ملهائيندا ۔۔۔ اوهانجي ڪجهه وڌيڪ تفصيل سان تعرف ڪرايو ها ته هوند ڪيترو نه ڀلو ٿئي ها ۔۔۔ مثلن اوهان ڪهڙي ڳوٺ جا، ڪهڙي شهر جا ۽ ڪهڙي ڪرت سان ڪهڙي ڪم سان ۽ ڪهڙا ڪهڙا شوق رکوٿا وغيره وغيره ۔۔۔ اوهانکي هيءَ اوطاق ڪيئن لڳي؟ ضرور لکجو ۔۔۔ دعائن ۾ گڏ
جواب: تعارف ادا منهنجو تعلق ضلع نوشهروفيروز جي ڳوٺ شهبيگ خان چانڊيو سان آهي۔ هن وقت دبئي ۾ سيمينٽ فيڪٽري ۾ جاب آهي۔
جواب: تعارف شاهبيگ چانڊئي جا سهڻا دوست، تمام گهڻي خوشي ٿي، اوهان سان ملاقات ڪري، دبئي جا حال ڇا آهن؟ اوهانجي اوس پاس ته تمام گهڻا سنڌي دوست هوندا، ڇاڪاڻ دبئي ۾ به ڪافي سنڌي دوست آهن، ڀلا سنڌي هندن جا ڇا حال آهن، اهي به سنڌ جي سنڌين کي پنهنجو سمجهن يا بلڪل الڳ ٿلڳ رهن ۔۔۔ دوست! اسانجو دعائون آهن ته سنڌ ۾ به خوشحالي اچي ۽ آزاد ٿي وڃي ته دبئي کان به وڌ خوشحال ٿي سگهي ٿي پر افسوس جو هن وقت پاڪستان جي نظام ۾ اهڙي ته جڪڙي آهي جو جان ڇڏائڻ به آزار ٿي ويو آهي ۔۔۔ پر الله ڪندو ته جان آزاد ٿيندي ۽ اسان سڀ پرديسي پرديس ۾ ڪمائڻ جي بجا سنڌ ۾ ئي روزگار ڪمائي سگهنداسون ۔۔۔ هي اوطاق اوهانکي ڪئين لڳي ۽ ڪهڙي قسم جا شوق آهن اوهانجا مطلب پڙهڻ پڙهائڻ، موسيقي ٻڌڻ يا راند روند وغيره ۔۔۔ اوهان هن اڱڻ تي چڪر هڻندا رهجو ۽ سنڌ جي خدمت ۾ دوستن سان ساٿ نڀائيندا ۔۔۔۔ الله اوهانکي سلامت رکي ۔۔۔ ڪو به ڪم هجي مونجهارو هجي ته اسين دوست حال حاضر آهيون۔ دعائن ۾ گڏ
جواب: تعارف ڀاء سنڌ سلامت جي فورم تي توهان کي ڀليڪار هجي۔ ادا اميد ته هي سنڌ سلامت جو فورم توهان کي پسند ايندو۔
جواب: تعارف ادا چانڊيا، توهان کي خوش آمديد ٿا چئون، اميد ته توهان کي هتي ڪافي سارو پيار ۽ محبت ڀريا دوست ملندا۔