• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شاعر،اد يب،ا ستاد، ۽ سماجي ورڪر وفا ياسين آرائين جو تعارف

1461453_1387173468206919_642606095_n.jpg

اصل نالو:غلام ياسين آرائين
ادبي نالو: وفا ياسين آرائين
والد جو نالو: محمد حسن آرائين
جنم: 1970_03_02
جنم جو هنڌ: ڳوٺ پيارو خان آرائين
تعليم : گريجوئيٽ
پيشو: استاد
سڃاڻپ:شاعر،اديب،نثرنگار۽ سماجي ورڪر
شادي: 1993
اولاد: ٽي پٽ ۽ ٻ نياڻيون
مختلف تنظيمن سان وابستگي،سنڌي ادبي سنگت شاخ ڦلجي اسٽيشن جو ٻ ڀيرا سيڪريٽري ۽ سگا جي مختلف عهدن تي رهي چڪو آهي.
1990ع تي کيس پرائمري استاد طور مقرر ڪيو ويو،پنهنجي ڊيوٽي بهترين نموني نڀائيندو پيو اچي،محنتي استاد هئڻ سبب تعليم کاتي پاران ڪيترا ئي مڃتا سرٽيفڪيٽ مليل اٿس.
وفا ياسين لکڻ جي شروعات 1990 کان ڪئي ۽ استاد بخاري جي شاعري کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيائين. هن تقريبن سڀني صنفن تي لکيو آهي جهڙوڪ بيت،چوسٽا،هائيڪا،گيت،نظم،وائي ۽ گهڻو غزل لکيو اٿس.
سندس شاعري جي ٽن ڪتابن جيترو مواد اڻ ڇپيل صورت ۾ آهي. سندس ڇپيل شاعري سنڌ جي سڀني اخبارن ۽رسالن ۾ شايع ٿيل اٿس.
سندس ريڊيو سان ب پراڻو تعلق اٿن،هن 1985 کان ريڊيو تي لکڻ شروع ڪيو.جڏهن هي مئٽرڪ ۾ هئو. سگا ۽ ادبي سنگت طرفان ڪيترا ئي ايوارڊ مليل اٿس.
سندس پسند جي ليکڪن ۾ نورالهدا شاھ ، امر جليل ، عبدالقادر جوڻيجو ۽پسند جي شاعرن ۾ شاھ لطيف،شيخ اياز ، استاد بخاري، مشتاق ڦل ، احمد خان مدهوش ، آصف مٺياڻوي آهن
سندس وندر شاعري ڪرڻ،مضمون نثر لکڻ ،شاه جو رسالو پڙهڻ، ريڊيو ٻڌڻ،اسلامي ادبي ۽تاريخي ڪتاب پڙهڻ آهي.
پاڻ هن وقت شهر ڦلجي اسٽيشن ۾ رهائش پزير آهي.
سندس ڪجھ شاعري پيش ڪجي ٿي.

10996033_1613294192261511_7091866747775211044_n.jpg
11265577_1611883749069222_7385337247440760103_n.jpg
11018723_1579039859020278_7857544354799338236_n.jpg
11021159_1579037892353808_3367183039089344332_n.jpg
156057_1579035575687373_8814002913590958993_n.jpg
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top