Sindh Hall of Merit اياز لطيف پليجو پاران سنڌ جي محنتي ۽ چٽاڀيٽي جي مقابلن ۾ پاڻ مڃائيندڙن سنڌي نوجوانن جي لسٽ جوڙي آهي جنهن ۾ منهنجي وڏي ڀا نصرالله عباسي، اسسٽنٽ ڪمشنر ، مير پور بٺورو جو به مختصر تعارف پيش ڪيو اٿس، اوهان سان به اهو ٿورو تعارف ونڊ ڪيان ٿو ۽ هيٺ لنڪ ڏئي رهيو آهيان اوهان به انهن سنڌي نوجوانن بابت پڙهو ته ڪهڙي ريت سنڌ جا هي نوجوان پنهنجي قابليت ، پنهنجي ڏاهپ وسيلي اڄ سنڌ ۽ سندس والدين جو نان روشن ڪري رهيا آهن.. نصرالله عباسي، جيڪو لاڙڪاڻي ضلعي ۽ هوڻوڪي قمبر شهدادڪوت ضلعي جي ننڍڙي ڳوٺ واسو ڪلهوڙو ۾ ڄائو والد سڳورو پڙهيل ڳڙهيل جامع مسجد جو امام سڳورو هارپي جي پيشي سان لاڳاپيل، نصرالله عباسي ننڍپڻ کان ذهين هوشيار ۽ ذهني طاقت سان مالامال رهيو آهي. هن ننڍپڻ کان پنهنجي ڏاهپ وسيلي ٻارڙن جي گُل ڦُل رسالي ۾ لکڻ طور شروعاٿ ڪئي. ڪيترائي مضمون پنهنجي ڪاليج جي تعليم تائين لکيائين، لکڻ سان گڏوگڏ فلاحي جي ڪمن ۾ وڌ ۾ وڌ ڪردار پيش ڪندو رهيو آهي، پنهنجي ڳوٺ ۾ بارڙن جي تعليم ۽ تربيت ڳوٺ وارن اڻ پڙهيل ماڻهن کي پڙهائڻ جي ڪمن ۾ رڌل رهيو. جنهن جو مثال اڄ به ڳوٺ وارا ڏيندا آهن نصرالله عباسي پي سي ايس جي چٽا ڀيٽي واري امتحان ۾ پهرين پوزيشن کڻڻدڙ سنڌي نوجوان هو جيڪو 2011 ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر چونڊيو ويو. ان کان پهريان اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اميگريشن ۽ پاسپورٽ ۾ فيدرل سروس ڪميشن جي امتحان وسيلي چونڊيو ويو. نصرالله عباسي ڪراچي يونيورسٽي مان پهرين پوزيشن ۾ ماسٽر جي ڊگري جيڪا بين الاقوامي تعلقات ۾ ڪئي. نصرالله عباسي ڪراڇي يونيورسٽي ۾ اهو پهريون سنڌي نوجوان هو جنهن پنهنجي قابليت ۽ ڏاهپ وسيلي جنهن کي جاپان جي فارين منسٽري هڪ ورڪشاپ ستن ايشائي ملڪن جنهن ۾ جاپان، ڀوٽان، نيپال، مالديپ، انڊيا، سريلنڪا، پاڪستان ۾ چونڊيو جنهنجو عنوان سائوٿ ايشا يوٿ ڪانفرنس هو جيڪا 2002 ۾ ٽوڪيو جاپان ۾ ڪوٺائي وئي ۽ نصرالله عباسي پاڪستان جي نمائندي سان گڏ سنڌي ثقافت واري ڊريس اجرڪ ۽ ٽوپي پهري ڪانفرنس ۾ شامل ٿي ڪري سنڌ ڌرتي جي نمائندگي پڻ ڪئي. نصرلله عباسي اڄ ڪلهه ضلعي سجال جي تعلقي ميرپور بٺورو ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر طور ڪم ڪري رهيو آهي، ۽ پنهنجي سگهه جي آڌار تي اتان جي ماڻهن کي اڳتي وڌڻ تعليم جي واڌاري ۽ فلاحي توڙي ادبي ڪمن ۾ وڌي چڙهي ڪوششن ۾ مصروف عمل آهي ته جئين سنڌي ماڻهن سڌو ۽ آسان معاشرو جوڙي پنهنجي ۽ سنڌ جي خوشحالي جو باعث بڻجن... وڌيڪ اهڙن ئي قابل سنڌي نوجوانن بابر پڙهو ۽ ڄاڻ ڏيڻ لا هيٺ ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪري اياز لطيف پليجو پاران ڏنل ترتيٻ مان معلومات وٺو... الله پاڪ کان دعا آهي ته سنڌ جا اهي نوجوان ترقيون ماڻين پنهنجي خاندان توڙي سنڌي معاشري ۽ ملڪ جي فلاح ۽ ترقي لا سدائين جاکوڙيندا رهن... آمين ثم آمين (Visit "Sindh Hall of Merit": https://www.facebook.com/AyazLatifPalijo/media_set…
بلڪل سائين اياز جو پيج ڏٺو هو پر اڄ خوشي ٿي ته اوهان جو ڀا آهي. واڌايون. يقينا سنڌي قوم لا فخر جي ڳاله آهي.