سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران سڀني سنڌين لاءِ جيڪي روز مره استعمال ٿيندڙ سياسي اصطلاح سمجھڻ چاهين ٿا، شاگردن خاص طور بين الاقوامي تعلقات ۽ پوليٽڪل سائنس ۾ پڙهندڙ شاگردن لاءِ محترم انعام شيخ جي ترتيب ڏنل ”بين الاقوامي تعلقات جي لغت“ يعني ڊڪشنري واري اينڊرائڊ اپليڪيشن گوگل پلي اسٽور تي اپلوڊ ڪئي وئي آهي. هن لنڪ تان مفت ڊائون لوڊ ڪري پنهنجي اينڊرائيڊ سيٽن ۾ انسٽال ڪريو.
دوستن کي گذارش آهي ته هن اپليڪيشن کي وڌ ۾ وڌ دوستن تائين پهچايو، پنهنجي پروفائيل تي شيئر ڪريو ته جيئن سڀ سنڌي دوست هن اپليڪيشن مان لاڀ حاصل ڪري سگھن.
سنڌي لينگئيج اٿارٽي جي ٽيڪنيڪل ٽيم جيڪا امر فياض جي رهنمائي ۾ اڄڪلهه ڪافي سرگرم آهي، ان سموري سٿ کي جس هجي ۽ اسان کين بهترين ڊڪشنري آڻڻ تي واڌايون پيش ڪيون ٿا.