اِنسان ۽ انسان جي بيمارين جي تاريخ هڪ جيتري پُراڻي آهي. اوائلي دور ۾ به علاج لاءِ انسان دوائون ڳولڻ لاءِ جتن ڪيا ٿي ۽ جيئن پوءِ تيئن علاج لاءِ ڪنهن قدر جانورن ۽ گهڻي ڀاڱي ٻوٽن تي ڀاڙيو ٿي. هن وقت اسان وٽ دوائن کي ٻن گروپس ۾ ورهايو ويندو آهي. هڪ ايلوپيٿڪ ٻيو هوميو پيٿڪ جن کي سولي سنڌيءَ ۾ انگريزي دوائون ۽ حڪمت واريون دوائون چيو ويندو آهي. اڄ به وڏي عُمر جا ماڻهو حڪيمن کان دوائون وٺن ٿا ۽ ايلوپيٿڪ دوائن تي اعتبار نه ٿا ڪن. جڏهن ته ايلوپيٿڪ يا انگريزي دوائون به جيڪي هينئر سڄي دُنيا ۾ استعمال هيٺ آهن اُهي اوئلي دور ۾ علاج لاءِ استعمال ٿيندڙ ٻوٽن جي ئي ڪمائتن جُزن کي ڏسي انهن مطابق ٺاهيون وڃن ٿيون. WHO جي رپورٽ موجب موجوده دؤر جي سؤ فيصد ايلوپيٿڪ دوائن مان اسي فيصد دوائون ٻوٽن مان حاصل ڪيل معلومات موجب ٺهيل آهن. بس فرق اهو آهي ته ٻوٽن کي سڄو سارو گهوٽي پيارڻ سان ڪمائتن جُزن سان گڏ غير ضروري يا مُرڳو نُقصان ڏيندڙ جُزا به مريض جي پيٽ ۾ وڃن ٿا، ڇو ته ٻوٽن ۾ قُدرت جيڪي ٻوٽن کي پنهنجي بچاءُ لاءِ ڪمپائونڊ ٺاهڻ جي سگهه رکي آهي اُهي انسان جي کائڻ لاءِ خطرناڪ آهن. ٻيو نُقصان اهو به آهي ته ڪمائتي جُزي جو مقدار ٻوٽن ۾ موسمي تبديلين جو مُحتاج هوندو آهي. موسمن جي تبديلي سان ٻوٽن ۾ طبي جُزن ۾ گهٽ وڌائي ٿيندي رهي ٿي. اهو ئي سبب آهي ته هوميوپيٿڪ دوائون ڪڏهن ٿورو جلدي ته ڪڏهن دير اثر ڪن ٿيون. جڏهن ته اهي ساڳيا جُزا ڪڍي انهن کي توري تڪي ايلوپيٿڪ دوائون ٺاهيون وڃن ٿيون. جيڪي اصل ۾ ته ٻوٽن مان ئي ڪڍيل جُزن مان ٺهيل هونديون آهن پر هڪ کان ٻه ڏهاين جي فارماڪالاجيڪل اسٽڊيز کان پوءِ مارڪيٽ ۾ اچن ٿيون جنهن دؤران انهن کي مختلف جانورن تي تجربا ڪري ٽيسٽ ڪيو ويندو آهي. تنهنڪري اهي وڌيڪ ڀروسي قابل آهن بنسبت اُن جي جيڪي حڪيمن پاران ڪافي ساريون جڙي ٻوٽيون گهوٽي ان مان ٺاهيون وڃن ٿيون. انهيءَ هوندي به اڄ به پنسار جا اسٽور هلن ٿا ۽ حڪيمن وٽ ماڻهن جي اچ وڃ آهي ۽ ڪافي بيمارين جو دير سوير فائدو ٿئي پيو. پر هڪ ڳالهه جيڪا ڪافي وقت کان ٿوري گهڻي هلندي پئي رهي پر هاڻ صفا عام ٿي وئي آهي ته ڪُجهه ڪُجهه هوميوپيٿڪ دوائون فورن اثر ڏيکارين ٿيون ۽ پوءِ اهي ڌڙا ڌڙا وڪجن ٿيون. اصل ۾ انهن ۾ هڪ مشهور ڪيميڪل ڪارٽيزون وِڌو وڃي ٿو جيڪو شڪلن ڪارٽيڪو اسٽيرائڊ جيان اسٽيرائڊ آهي. ڪارٽيزون نه رُڳو غير قانوني آهي پر انتهائي نُقصانده پڻ. انهن دوائن ۾ ڪارٽيزون يا ڪو ٻيو ڪارٽيڪو اسٽيرائڊ ڇو ٿو وِڌو وڃي يا ان جا ڪهڙا نُقصان آهن ان کان پهرين اُن بابت ٿوري معلومات ڏجي ته بهتر ٿيندو. اسان جي جسم جي جيڪا فيڪٽري قُدرت خلقي آهي ان ۾ پاڻمُرادو Automatic عمل تمام گهڻا آهن. جيئن اڄڪلهه جي جديد مشينري ۾ به وس ڪري شيون آٽو تي رکڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي (جيئن هزارين فُٽن جي بلندين تي اُڏامندڙ هوائي جهاز جا پائلٽ به هوائي جهاز کي آٽو تي رکي ويهي ڪاڪ پٽ ۾ آرام ڪن ٿا) تيئن انسان جي شُروعات جي اڄ تائين معلوم نه ٿي سگهيل وقت کان وٺي جسم ۾ ڪافي شيون پاڻ مُرادو ڪم ڪن ٿيون ۽ ايئن انساني جسم ۾ هر وقت گهرڙن Cells جي ڀڃ ڊاهه وارو عمل ٿيندو رهي ٿو جنهن دوران نوان نوان گهرڙا به ٺهندا رهن ٿا. اِهي عمل انسان جي ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين بنا ڪنهن وقفي جي لاڳيتو هلندا رهن ٿا. انهي ڀڃ ڊاهه دوران نون گهرڙن جي ٺهڻ لاءِ رت ۾ گهربل اهم شين جو موجود هجڻ تمام ضروري آهي، ٻي صورت ۾ حياتي جو جاري رهڻ ممڪن نه آهي. انهن گهربل شين جي موجودگي ڪارٽيڪو اسٽيروئائيڊ ۾ شامل مخلتف هارمونز يقيني بڻائين ٿا. ان بابت جڏهن حيدرآباد جي مهربان دوست ڊاڪٽر ممتاز قُريشي کان معلومات ورتي وئي ته سندن چوڻ هو ته ”بيماري واري حالت ۾ جسم جي گهرڙن جي ٽوڙ ڦوڙ تمام گهڻي وڌي وڃي ٿي ۽ ساڳئي وقت نون گهرڙن جي ٺهڻ وارو عمل به سست ٿي وڃي ٿو، يعني بيماري جي حالت ۾ جسم جي گهرڙن جو ٽٽڻ ۽ ٺهڻ وارو توازن خراب ٿي وڃي ٿو. اهو ئي سبب آهي ته بيماري جي حالت جسم لاءِ جنگ جي صورتحال وانگر آهي ۽ ان دؤران اهڙا هارمونز جسم جي ان جنگي حالتن ۾ دفاعي ڪم سرانجام ڏين ٿا. هي هارمونز جسم جي مختلف بيمارين خلاف اسان جي حفاظت ڪندا آهن، ان حفاظت جي لاءِ اسان جي جسم کي وڌيڪ توانائي جي ضرورت هوندي آهي، هي هارمون جسم جي گهٽ ضروري گهرڙن کي ٽوڙي انهن مان اهم گهربل جزا خارج ڪندا آهن جيڪي بيماري جي ڪري ٽٽندڙ گهرڙن کي وڌيڪ ٽٽڻ کان روڪين ٿا ۽ گڏوگڏ ان بيماري واري جاءِ تي نوان گهرڙا ٺهڻ ۾ به مدد ڏين ٿا. هونئن ته ڪارٽيڪو اسٽيروئائيڊ هارمونز جسم ۾ موجود ايڊرينل نالي هڪ غدود مان خارج ٿيندا آهن ۽ جسم کي گهُربل فائدو ڏيندا آهن پر اڄ جي جديد دور ۾ اهي هارمونز دوائن ذريعي به جسم کي پهچائي سگهجن ٿا. پر اها به هڪ حقيقت آهي ته اهو عمل لاڳيتو گهڻي عرصي تائين جاري رهي ته پوءِ جسم ۾ تمام گهڻي ٽوڙ ڦوڙ شوع ٿي وڃي ٿي، ڇاڪاڻ ته هڪ طرف بيماري سبب گهرڙن جي ٽوڙ ڦوڙ اڳي ئي هُجي ٿي وري اهي ڪارٽيڪواسٽيروئائيڊ به ساڳيو ڪم وڌائن ٿا جنهن سبب جسم کي نقصان پهچڻ لڳندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو عارضي استعمال جي صورت ۾ زندگي بچائيندڙ هي هارمونز گهڻي استعمال جي ڪري زهريلا يا جان ليوا بڻجي وڃن ٿا.“ افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اسان جي معاشري ۾ موجود نيم حڪيم انهن ڪارٽيڪو اسٽيروئائيڊ جي عارضي فائدن جي بنياد تي صرف پنهنجي لالچ ۾ عام ماڻهن کي انهن هارمونز جو لاڳيتو استعمال ڪرائيندا آهن جيڪو نهايت غير اخلاقي فعل آهي ۽ ڪنهن انسان جي حياتي سان کيڏڻ جي برابر آهي. ڇو ته ڪارٽيڪو اسٽيروئائيڊ جو لاڳيتو استعمال جسم جي هڏين کي به نهايت ڪمزور ڪري ڇڏي ٿو، اسان جي دفاعي صلاحيت کي مفلوج ۽ اسان جي جسم کي جي هر هڪ گهرڙي کي پنهنجو عمل ڪرڻ ۾ سست ڪري ڇڏي ٿو آسان لفظن ۾ جسم کي اندروني طرح سان بلڪل کوکلو ڪري ڇڏي ٿو.. ان جو مثال ايئن به ڏئي سگهجي ٿو ته ڪنهن گهوڙي کي مار ڏئي وقتي تيز رفتاري ته حاصل ڪري سگهجي ٿي پر حد کان وڌيڪ يا سندس سهپ کان وڌيڪ مارڻ سان اهو گهوڙو ٿڪجي آخرڪار ڪري مري ويندو. اڄڪلهه وڏي عُمر جي ماڻهن ۾ جوڙن جو سور عام جام آهي. ڇو ته هڏي جي جوڙن ۾ گريس جو ڪم ڪندڙ جيڪو گهاٽو پاڻي آهي اهو وڌندڙ عُمر سان گهٽبو رهي ٿو ۽ ايئن هڏن جي چُر پُر تڪليف ڏيڻ لڳي ٿي. هڪ عام ماڻهو ته هڏي جي جوڙ کي اوستائين موڙيندو جيستائين برداشت ڪري سگهي. پر هن دوا سان کيس جيڪو فوري رليف ملي ٿو تنهن سان هو جوڙن کي وڌيڪ موڙڻ لڳندو. اصل ۾ جوڙن جي سُور ۾ ڪارٽيڪو اسٽيروئائيڊ فائيديمند انڪري ٿيندا آهن جو اهي هارمونز هڏين جي جوڙن واري جاءِ تي بيماري جي ڪري گهرڙن جي غيرضروري ڀڃ ڊاهه کي روڪين ٿا ۽ نوان گهرڙا ٺهڻ ۾ پڻ مدد پهچائين ٿا. سور کي روڪڻ لاءِ عام طور تي ڪارٽيڪو اسٽيروئائيڊ سان گڏوگڏ سور ختم ڪندڙ دوائون به استعمال ڪرائڻ ضروري هونديون آهن. پر هنن دوائن سان کين تڪليف جو احساس جلدي ختم ٿيندو آهي ۽ وڌيڪ موڙڻ ڪري هڏن کي نُقصان ٿيڻ لڳندو آهي ۽ جلد ئي کين احساس ٿيندو ته وقتي فائدو ڏيندڙ انهيءَ دوا کين جهڙو تهڙو هلڻ فرڻ کان به لاچار ڪري ڇڏيو. اڄڪلهه اوهان ڪنهن به پنسار جي اسٽور تي وڃي ڏسو ته ڪافي دوائون فوري اثر ڏيکارڻ جي دعوى سان ملنديون. جن مان گهڻي قدر ته جوڙن جي سور جي آهي. جيڪا انتهائي خطرناڪ آهي. ڇو ته هوميوپيٿي جون دوائون هونئن به فوري اثر نه ٿيو ڏيکارين ۽ جوڙن جو سور ته هڪ اهڙو مرض آهي جنهن جو علاج ڪافي طويل هوندو آهي. پر سور کان بيزار ماڻهو جلدي ۾ اهي دوائون وٺيو وٺن ۽ عارضي فائدي جي مزي ۾ دائمي مصيبت ۾ وٺجيو وڃن. هن مُلڪ جي ساک واري ليبارٽري ۾ جڏهن اهڙين دوائن جا نمونا (راقم جي موجودگي ۾) چيڪ ڪيا ويا ته فوري اثر ڏيکارڻ جي دعوى ڪندڙ اهڙين سؤ فيصد دوائن ۾ ڪارٽيزون خطرناڪ حد تائين موجود هو. ٿيڻ ته ايئن کپي ته ڊرگ ايڪٽ وارا ان خلاف قدم کڻن ۽ کُلئي عام وڪجندڙ ڪارٽيزون ڀريل دوائن تي پابندي لڳي پر افسوس جو اسان وٽ اها رُڳو خواهش ئي ڪري سگهجي ٿي تنهنڪري اسان کي کپي ته وس ڪري اهڙين دوائن کان پرهيز ڪريون ۽ ٻين کي به آگاهي ڏيون. اسان جا اُهي ڀائر يا بزرگ جيڪي اهڙي ڪا دوا واپرائڻ چاهين ٿا ته کين گهُرجي ته مُلڪ جي ڪنهن ساک واري ليبايرٽري مان اها دوا ڪارٽيزون لاءِ چيڪ ڪرائي وٺن. اها ٽيسٽ ڪا ايڏي مهانگي ناهي پر جيڪڏهن بي خبري ۾ ڪارٽيزون واري دوا گهڻو وقت واپرائي ته اڳتي هلي وڏو نُقصان ٿي سگهي ٿو.
ڪنهن زماني ۾ مون ان بابت ڊاڪٽر علي حسن بالادي کان پڇيو هيو. سندس چوڻ هيو ته حڪيم به ساڳيو ئي فارمولو استعمال ڪن ٿا جيڪو ايلوپيٿي جو آهي، پر هوميوپيٿڪ علاج يا حڪيمن جي دوا ۾ مقدار جو صحيح اندازو ناهي ٿيندو .... پر پوء به اسان وٽ حڪيمن وٽ به ساڳي پيهه نظر اچي ٿي جيڪا ايلوپيٿڪ ڊاڪٽرن وٽ آهي. ان جو هڪ سبب اسان جي وڌندڙ آبادي به آهي. مان ڪڏهن ڪنهن حڪيم يا هوميوپيٿي واري کان علاج ناهي ڪرايو تنهنڪري گهڻي خبر ڪونه اٿم ۽ ڪو تجربو به ناهي. پر اسان وٽ ڪجهه اهڙا ڊاڪٽر (نيم حڪيم) به ملن ٿا جيڪي ايلوپيٿي ۽ هوميوپيٿي جون ٻئي دوائون به ڏين ٿا. خير اوهان جو ليک وڻيو.
سائين عبدالحفيظ صاحب .... نياز عرض هجيو هوميوپيٿي بابت توهان جو آرٽيڪل پڙهيو هئم ۽ ان بابت تفصيل ساڻ لکي رهيو آهيان. اميد ڪيان ٿو ته منهنجو جواب پڙهي توهان ۽ باقي دوستن جا سڀ وهم لهي ويندا. في الوقت ايترو ئي چئي سگهان ٿو ته " ڪاڏي منهن مريم جو ۽ ڪاڏي ٽنڊو الهيار " سهڻا سائين... جلد ملاقات ڪبي. چارڻ دادو