ڪمپيوٽر تي تيزي سان ڪم ڪرڻ ايترو آسان به نه هوندو آهي ۔۔۔ هڪ دوست مون کي ٻڌايو ته ڪمپيوٽر تي ويهڻ شرط مون کي اڪثر حاجت جي ضرورت لڳندي آهي۔۔ پر ڪم به تڪڙو ۽ ضروري هوندو آهي ان ڪري سٽارٽ کان شروع ٿيندي سڀني پروگرامن کي جانچيندي مطلب جي پروگرام تائين پهچڻ ڏکيو لڳندو آهي ۔۔ ان جو ڪو حل ٻڌايو۔۔۔ سندس کي ڏنل حل سمورن دوستن لاءِ حاضر آهي۔۔۔ هي هڪ ننڍڙو سافٽويئر آهي جنهن کي iTunes چوندا آهن ۔۔ مان توهان کي هن پروگرام جي شارٽ ڪٽ ڪِي بڻائي سيکاريان ٿو۔۔۔ شارٽ ڪِي بڻائڻ جو طريقو ڪجهه هن طرح آهي۔۔ 1۔ ڊيسڪٽاپ تي موجود پنهنجي پسند جي پروگرام (جهڙوڪ مٿيون تصوير وارو پروگرام ) جي آئڪان کي ساڄي پاسي ڪلڪ ڪريو ۽ پراپرٽيز سليڪٽ ڪريو۔۔۔ 2۔ هاڻي Shortcut key جي ٽيب کي سليڪٽ ڪريو ۽ Shortcut key ۾ ڪابه شارٽ ڪِي شامل ڪريو۔۔۔ پر شرط اهو آهي ته شارٽ ڪيز ۾ Ctrl سان گڏ Shift يا Alt جو هجن ضروري آهي۔۔ 3۔ بس توهان ڪم مڪمل ڪري ورتو۔۔۔ اهڙي طرح توهان هر پروگرام کي کولڻ جي شارٽ ڪي بڻائي سگهو ٿا۔۔۔
جواب: پنهنجي پسند جي پروگرام کي هلائڻ لاءِ شارٽ ڪٽ ڪي ڏيو۔۔۔ سائين ائي ٽيون سافٽوئير ڊائون لوڊ ڪرڻو پوندو يا نه اگر ڪرڻو پوندو ته انجي ڪا لنڪ نظر نه ٿي اچي