• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وساري تون متان ڇڏجان

منير احمد لُنڊ

سينيئر رڪن
منير احمد لُنڊ
غزل

رهڻ گهرجي صنم توکي الا هڪ رات اڄ مون وٽ
ڏسو ڪيڏي رهي ٿي ير اوهان جي تات اڄ مون وٽ

ڏکن جي ڏيج ۾ يارو سکن جي سيج ڪانهي ڪا
رڳو لڙڪن سندي هرهر پئي برسات اڄ مون وٽ

لکڻ چاهيو گهڻو آ پر لکڻ الزام جو باعث
ڏسي هيڏو ظلم مون سان رني آ ڏات اڄ مون وٽ

ڪراچي کي الڳ سنڌ کان ڪرڻ جيڪي به چاهين ٿا
وڃن نڪري هتان جلدي هٿن ۾ ڪات اڄ مون وٽ

ملي آ عشق جي مون کي سزا ڏاڍي ڏکي يارو
نٿيون نڪرن صنم ڳالهيون ڪٿي آ وات اڄ مون وٽ

ٿيو آ چنڊ اڄ ٽڪرا قيامت ڇو نه آئي آ
جدا توکان گهڙي هر ڪا بڻي آ مات اڄ مون وٽ

وڳو ڳاڙھو چني ڳاڙھي وري ميندي لڳائي ٿس
ٺھي يارو ڏسو آئي مٺي هو ڇاته اڄ مون وٽ

ڏسان هرهر پيو ان کي ٿئي ديدار من تنهنجو
ڇڏي وڃ تون مٺا سهڻي نشاني ڪاته اڄ مون وٽ

وساري تون متان ڇڏجان اسان کي لُنڊ دنيا ۾
چيو تنهنجو اچي آھي پرين پرڀات اڄ مون وٽ

***منير احمد لُنڊ***
 
Back
Top