منير احمد لُنڊ
سينيئر رڪن
منير احمد لُنڊ
پينوءَ جو درد (نظم)
الا ڏاڍو ڏکيو آھيان
ڏيو ماني بکيو آھيان
جتي ڀي مان وڃان ٿو بس
زمانو درد آڇي ٿو
ڏئي ٿي گار عورت ير
۽ ڀونڊو مرد آڇي ٿو
اسان جو ڏوھ هي آھي
ته غربت گهر اسان وٽ ئي
ڏسو ويٺي ته ٺاهي آ
اسان جي ڀاڳ ۾ سائين
لکيل ڪا نوڪري ناهي
وڃون ڪاڏي ڪريون ڇاڇا
رهيا ٻچڙا بکن تي هن
پليا سائين ڏکن تي هن
اسان جا حال هيڻا هن
رڳوئي درد ٻيڻا هن
ڏکي حالات تي آھي
گذر خيرات تي آھي
چيو آ ڪنهن سکيو آھيان
الا ڏاڍو ڏکيو آھيان
ڏيو ماني بکيو آھيان
***منير احمد لُنڊ***
پينوءَ جو درد (نظم)
الا ڏاڍو ڏکيو آھيان
ڏيو ماني بکيو آھيان
جتي ڀي مان وڃان ٿو بس
زمانو درد آڇي ٿو
ڏئي ٿي گار عورت ير
۽ ڀونڊو مرد آڇي ٿو
اسان جو ڏوھ هي آھي
ته غربت گهر اسان وٽ ئي
ڏسو ويٺي ته ٺاهي آ
اسان جي ڀاڳ ۾ سائين
لکيل ڪا نوڪري ناهي
وڃون ڪاڏي ڪريون ڇاڇا
رهيا ٻچڙا بکن تي هن
پليا سائين ڏکن تي هن
اسان جا حال هيڻا هن
رڳوئي درد ٻيڻا هن
ڏکي حالات تي آھي
گذر خيرات تي آھي
چيو آ ڪنهن سکيو آھيان
الا ڏاڍو ڏکيو آھيان
ڏيو ماني بکيو آھيان
***منير احمد لُنڊ***