• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مَارُئي ٿَورَا مَنجهه ٿَرَنِ، مُون سِين مَارُوءَ جَي ڪئَا

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
jp0igdYVntUCj.jpg


ٿَورَا مَنجهه ٿَرَنِ، مُون سِين مَارُوءَ جَي ڪئَا
عُمرَ ! اُن ڳُڻَنِ، آئُون ڪِنءَ لَوئِي لَاهيَان


سُرُ مَارُئي

ٿَورَا = احسانَ، قربَ، نوازشون
مَارُوءَ = کيتَ - مارئيءَ جو محبوب ۽ مڱيندو کيتُ
ڪئَا = ڪيا
اُن = انهن، هنن
ڳُڻَن = خوبين، ڀلاين، چڱاين
ڪنءَ = ڪيئن
لَوئي = کٿي

بيت جو پس منظر

~ جڏهن ٿر هوندي هيس ته منهنجي مٿان محبوب ڪيترائي احسان ڪيا.
~ سو عمر ! انهن سڀني ڀلاين کي پٺي ڏئي، لڱن تان هرگز لوئي نه لاهينديس.

سمجهاڻي

ٻالڪپڻي کان وٺي جوان ٿيڻ تائين ۽ تنهنجي هٿان زبردستي کوهه تان کنڀجڻ تائين، مون مٿان منهنجي محبوب جيڪي احسان ڪيا.سي سڀ ڀلا آئون ڪيئن ٿي وساري سگهان. سو عمر ! محبوب کيت جون ٿيل ڀلايون، چڱايون ۽ سر ساهه صدقي ڪرڻ واريون سڀ ڳالهيون وساري، پنهنجي عزت، عصمت، غيرت ۽ آبرو تنهنجي حوالي ڪڏهن ڪونه ڪنديس.
هي لوئي اوهان لاءِ ته رڳو پوتيءَ ٽڪر آهي، پر اسان مارن جو ويساهه آهي. عورت جي عظمت جو اهڃاڻ آهي. سو ڪنهن به ريت هي لوئي لڱن تان ڪڏهن نه لاهينديس.


چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____
 
Back
Top