• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

قسم سان مست ٿي ويندس

منير احمد لُنڊ

سينيئر رڪن
منير احمد لُنڊ
غزل

کلين جي يار تون مون سان قسم سان مست ٿي ويندس
ملين جي يار تون مون سان قسم سان مست ٿي ويندس

پرين هي عشق محبت جون اچي ڪي ڳالهڙيون ويهي
ڪرين جي يار تون مون سان قسم سان مست ٿي ويندس

ڏئي هٿ ۾ پرين هٿڙو الا سرعام هڪ ڀيرو
هلين جي يار تون مون سان قسم سان مست ٿي ويندس

گهمون ڪينجهر ٻئي گڏجي اٿم ارمان هي دل ۾
گهمين جي يار تون مون سان قسم سان مست ٿي ويندس

اچي مون کي چوين احمد وڃون ٿا اڄ ڀٽائي تي
هلين جي يار تون مون سان قسم سان مست ٿي ويندس

***منير احمد لُنڊ***
 
Back
Top