• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

افسوسناڪ خبر سعودي عرب ۾ اڄ جمعي جي نماز دوران مسجد ۾ خودڪش حملو

عبدالغني لوهار

سينيئر رڪن
سعودي عرب جي مشرقي صوبي القطيف ۾ جمعي جي نماز دوران هڪ مسجد ۾ بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 ڄڻا فوت ۽ سئو کن زخمي .
سعودي عرب جي وزارت دفاع هڪ بيان ۾ ٻڌايو ته بم ڌماڪو شيعه اڪثريتي صوبي قطيف ۾ واقع قصبي القديح ۾ مسجد امام علي بن ابي طالب رضي الله عنه ۾ ٿيو. وڌيڪ تفصيل لاءِ هيءَ لنڪ ڏسندا
اسان هن واقعي جي شديد مذمت ڪريونٿا
 
اهڙن واقعن جي جيتري به مذمت ڪجي گهٽ آهي، اهڙا حملا ڪندڙ دين اسلام جا دشمن آهن جيڪي دين جي نالي تي بيگناه مسلمانن کي شهيد ڪري رهيا آهن. خدا انهن ظالمن کي نابود ڪري ۽ شهداء جي وارثن کي صبر جميل ڪرڻ جي توفيق عطا فرماء آمين.
 
افسوس جو ان گمراه فرقي اسلام کي وڏو نقصان رسايو آهي، يقينن اسلام انهن کان بري آهي.
 
Back
Top