• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

صدا ڪا وفا جي

منير احمد لُنڊ

سينيئر رڪن
منير احمد لُنڊ
غزل


ڏئي ڪون ٿي هو هوا ڪا وفا جي
ڳلو ٿي گهٽي بيوفا ڪا وفا جي

ها پولار ۾ پئي اڃان يار گونجي
ڏني مون هئي جا صدا ڪا وفا جي

اچي روز دلبر هي ماري وڃي ٿي
ڪئي مون هئي جا خطا ڪا وفا جي

گهران ٿو ڌڻي در دعا مت اچي من
الا آدمي کي خدا ڪا وفا جي

لڳي ٿو وري اڄ ٽٽي دل آ ڪنهن جي
ميت ٿي وڃي ڏس اجها ڪا وفا جي

چون ٿا وري اچ اسان جي شھر ۾
نه اميد آ تو سوا ڪا وفا جي

اڙي لُنڊ توکي خبر ڪون آھي
آ ٿيندي ڀلا ڇا وفا ڪا وفا جي

***منير احمد لُنڊ***
 
Back
Top