• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

چوسٽا

منير احمد لُنڊ

سينيئر رڪن
منير احمد لُنڊ
چوسٽا

يار مرڪن ساڻ ايندي
اڄ سڀاڻي ڄاڻ ايندي
تون هلي اچ بس پرين پو
عيد دلبر پاڻ ايندي

پرين پير پنهنجا هي ڇالا ڏيان مان
ڪڍي نيڻ توکي هي آلا ڏيان مان
ڏيان پڪ ڪهڙي ته تنهنجو مان آھيان
محبت جا ڪهڙا حوالا ڏيان مان

سور صدما تو ڏئي
يار ڏس ڇاڇا ڪيا
ڪون آئين رات تون
چنڊ پو چرچا ڪيا

ٻار ٿا روئن پيا ڏس
تون ڪٿي آن ڀور ماني
پيٽ خاطر گار کاڌم
ڇو ڏنا ٿئي سور ماني

اڃان خواب ڪنهنجا بڻيا ڪون آھيون
اسان يار ڪنهن کي وڻيا ڪون آھيون
رهيا يار آھيون پري چلڪڻن کان
پتو زرد بڻجي ڇڻيا ڪون آھيون

***منير احمد لُنڊ***
 
Back
Top