هڪ تازي خبر مطابق ته گوگل انٽرنيٽ آف ٿنگس جي لاء هڪ نئين آپريٽنگ سسٽم تي ڪم ڪري رهي آهي،جيڪو ائنڊرائيڊ جي بيسڊ تحت ٺهيل هوندو. هن نئين آپريٽنگ سسٽم کي بريلو (brillo )جو نالو ڏنو ويو آهي. هي آپرٽنگ سسٽم گهر ۾ موجود دوائيسز لاء ٺاهيو ويو آهي.جهڙوڪ:سمارٽ بلب وغيره هي نئون سسٽم انهن ڊوائيسز جي لاء ٺاهيو ويندو جنهن ۾ گهٽ ريم يعني 32 ريم لڳل هجي.۽ هن ۾ مختلف سينسرز ۽ ڊونگلز لڳل هوندا. هن وقت گوگل انهن ڊوائيسز جي لاء ائنڊروئيڊ ٺاهيو آهي جنهن ۾ ريم 512 جي لڳل هجي. هن نئين سسٽم جو اعلان گوگل پنهنجي ڊولپر ڪانفرنس ۾ ڪندي. ان کان اڳ هوائي ڪمپني پڻ اهڙي قسم جو آپريٽنگ سسٽم ٺاهيو آهي جيڪو تقريبن 10ڪي بي جو آهي ۽ اوپن سورس آهي.