• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

رَتُ (Blood) جي ضرورت

ابو واصف

سينيئر رڪن
السلام عليڪم!
دوستؤ! ڌڻيءَ سڳوري قرآن مجيد جي هڪ آيت جومفهوم ڪجهه هن قدر آهي ته
”جنهن هڪ شخص جي زندگي بچائي، اُنَ ڄڻ ته پوري انسانيت کي بچايو“
ڪجهه وقت ڪنهن نامعلوم همدرد شخص موبائيل فون تي هڪ ڪارائتي ويب سائيٽ جي ايڊريس موڪلي. جيڪڏهن ڪنهن به شخص کي رُت گهربل هجي، ته اهو هيٺينءَ ايڊريس تي رابطو ڪري:
 
جواب: رَتُ (Blood) جي ضرورت

ڀاء رب پاڪ توهان کي ۽ ان دوست کي جزاء خير عطاء فرمائي آمين۔ ڀاء اهڙا عام نيڪي وارا ڪم هت ڪراچي ۾ ميمڻ ڪميونٽي ۽ ڪجهه ٻين ڪميونٽين ۾ پڻ ٿئي رهيا آهن مگر افسوس جو اهڙا عام ڀلائي وارا ڪم اسان سنڌين ۾ نه هجڻ جي برابر آهن جنهن جو جيترو افسوس ڪجي اوترو گهٽ آهي۔

10026.jpg
 
جواب: رَتُ (Blood) جي ضرورت

مهرباني ادا واصف، بيشڪ جنهن انسان ڪنهن ٻي انسان جي جان بچائي ڄڻ ته انسانيت کي بچائي ورتو ۔۔۔ الله جو ڪلام سچو آهي ۔۔۔

دوستو! دنيا جي ٻين ملڪن ۾ سڀ ادارا، جنهن ۾ تعليمي ادارا، طبي ادارا، لشڪري ادارا، سماجي ادارا ۽ سياسي ادارا اهڙي قسم جي جاڳرتا خاطر پاڻ پتوڙيندا رهندا آهن ۽ ماڻهن کي صحت سان لاڳاپيل هر طرح جي مدد ۽ خدمت لئه اتساهيندا رهندا آهن ۔۔۔

پر اسانجي ملڪ جا ادارا، بس پگهارن کڻڻ ۽ کيسن ڀرڻ ۾ پورا آهن، سچائي سان ڪم ڪرڻ وارن جي ڪمي آهي، خئير الله ڪندو ته اسين ان قابل ٿينداسون جو رت ڏئي سگهون ۽ وٺي سگهون ۔۔۔

جزاڪ الله خئير
 
جواب: رَتُ (Blood) جي ضرورت

ادا سائين۔۔۔ ٽائٽل ڏسي سمجهيم ته الله خير ڪري۔۔۔ سائين کي رت جي ضرورت پئجي وئي الائي ڇا ۔۔۔ پر الله جو شڪر آهي ايئن نه آهي۔۔۔
 
جواب: رَتُ (Blood) جي ضرورت

سائين تمام وڏي مهرباني جو اوهان ڀلائي جي ڪم جو ڏس ٻڌائي الدال علي الخير ڪفاعله جو اجر حاصل ڪيو الله توهان کي سلامت رکي۔
 
جواب: رَتُ (Blood) جي ضرورت

بلڪل سائين تمام نيڪي جو ڪم آهي
اهڙو ايس ايم ايس مونکي پڻ هڪ دوست ڊاڪٽر ڪيو هو
 
Back
Top