زندگي تو کي گذاريون پيا ڪو افسوس ناهي!!

'مختلف موضوع' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏24 مئي 2015۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    غلام مصطفيٰ سولنگي
    [​IMG]
    استاد فيض محمد جهونو ۽ سادو سٻاجهو ماڻهو، جنهن جي اکين مان صدين جي ڪا تاريخ ليئا پائيندي نظر ايندي آهي.سندس عمر هن وقت اسي ورهيه آهي پر هو روزانو شام جو ٻنين طرف نڪري ايندو آهي. گذريل سٺ سالن کان سندس اهو معمول پئي رهيو آهي.فطرت ۽ ڌرتيءَ سان محبت سندس دل جي گهراين ۾ سمايل آهي ۽ زمين تان واپس ايندي کيس استاد منظور علي خان جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو آهي.هو ٻڌائي ٿو ته، ” ورهيه اڳ مون هڪ ڀيري پنهنجي ڳوٺ ۾ استاد منظور علي خان کي ڪنهن شاديءَ ۾ ٻڌو هيو، پاڻ ” تولئه سڪندي ٿيڙم سال“ ڳائي ٻڌايو هئائين. مان روزانو زمين تان موٽندو آهيان ته سندس اهو آواز منهنجي ڪنن ۾ گونجڻ لڳندو آهي. الائي جي ڇو استاد منظور علي خان جو آواز منهنجي روح کي ڏاڍو سڪون ڏيندو آهي.

    پاڻ انهن ماڻهن جي قبيلي مان سڀني کان وڌيڪ جهونڙو آهي. جن کي اسان خاص ماڻهو چئي سگهون ٿا يعنيٰ هڪ ۽ ٻن آڱرين ۽ ڦڏن هٿن ۽ پيرن وارا ماڻهو. شڪارپور ضلعي جي مشهور تاريخي ڳوٺ رستم کان سڏ پنڌ تي سنڌ واهه کان ٿورڙو ئي پرڀرو الله جي نيڪ ٻانهي پير ميهر شاهه جي درگاهه آهي. ان درگاهه وٽان لنگهبو ته ساوڪ ئي ساوڪ نظر ايندي، ٿڌڙي ۽ تازي هوا ساهن ۾ لهندي محسوس ٿيندي ۽ سرسبز وڻن ۾ لڪل پکي سريلن گيتن سان آڌر ڀاءُ ڪندا آهن.

    درگاهه کان ٿورڙو ئي اڳتي ڳوٺ محمود پنوهار آهي، جنهن جي هن وقت آبادي ٽن هزار ماڻهن تي مشتمل آهي ۽ هن ڳوٺ ۾ ڏيڍ سئو کن گهر آهن. هي ڳوٺ شڪارپور شهر کان ارڙهن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي موجود آهي، جنهن ۾ رڳو هڪ ئي پنوهار ذات جا ماڻهو رهن ٿا ۽ انهن 3000 ماڻهن مان 300 اهي ماڻهو آهن، جيڪي هٿن ۽ پيرن جي پنجن ئي آڱرين کان محروم آهن، بلڪه کين رڳو هڪ يا ٻه آڱريون آهن ۽ ٻانهن ۾ هٿ ناهن. انهن مان ڪن ماڻهن کي ته ٺونٺيون به ڪونهن. بس! ڪلهي کان ٻانهون نڪرن ٿيون، جيڪي نانگ وانگر آهن ۽ اهي ٻانهون هٿن جي بدران آڱرين نما گوشت جي هڪ چهنب تي کٽن ٿيون، تنهن هوندي به هنن ان معذوريءَ کي ڪڏهن به مجبوري ناهي سمجهيو ۽ نارمل زندگي گذارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي.

    استاد فيض محمد پنوهار ٻڌائي ٿو ته ” مان اڃان چئن سالن کن جو مس هيس ته مون کي پهريون ڀيرو احساس ٿيو هو ته مان هٿن ۽ پيرن جي آڱرين کان محروم آهيان. رڳو هٿن ۽ پيرن ۾ هڪ هڪ آڱر آهي. مون کي پنهنجيءَ امڙ سمجهايو هو ته ” ٻچڙا! اهو سڀ ڪجهه الله جي امر سان ٿيو آهي. الله سائين جيڪڏهن ان ۾ خوش آهي ته پوءِ اسان کي رنج نه ٿيڻ گهرجي.“ اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن مان ان معذوريءَ واري احساس کي ذهن مان ڪڍيو ڇڏيو آهي.

    هي ڳوٺ ۽ پنوهارن جو هي قبيلو نهايت قديم آهي. جيتوڻيڪ هن ڳوٺ جي قدامت ۽ تاريخ تي تحقيق ناهي ٿي. تنهن هوندي به گمان اهو ٿو گذري ته هي ڳوٺ گھٽ ۾ گهٽ چار هزار سال پراڻو هوندو. چيو وڃي ٿو ته چانڊڪا پرڳڻي يعني موجوده لاڙڪاڻي ڏانهن ويندي سڪندر اعظم جڏهن هن ڳوٺ وٽان لنگهيو هو ته هنن ماڻهن جي هٿن ۽ پيرن جي آڱرين کي ڏسي حيرت جو اظهار ڪيو هئائين.نه رڳو ايترو، پر تاريخ دان لکن ٿا ته ” جديد تاريخ جي ابي هيرو ڊوٽس کي جڏهن هنن عجيب و غريب سنڌي ماڻهن جي خبر پئي هئي ته هن پنهنجا ڪجهه ماڻهو هنن کي ڏسڻ لاءِ موڪليا هئا.

    ميڊيڪل سائنس جي ماهرن هن قبيلي ۾ چڱي چوکي دلچسپي ورتي ۽ اها راءِ ڏني ته سوٽاڻ شادين يعني Cousin Marriages جي ڪري انهن ماڻهن ۾ اهو جسماني نقص يا خلل پيدا ٿيو آهي پر پاڪستان جي ناليواري جينياتي سائنسدان پروفيسر ڊاڪٽر وسيم احمد جي تحقيق ان راءِ کي قطعي رد ڪري ڇڏيو. ڊاڪٽر صاحب ان ڪٽنب تي پندرهن سال کن کوجنا ڪئي ۽ ان حوالي سان پنهنجا تحقيقي مقالا مختلف بين الاقوامي رسالن ۾ ڇپرائيندو رهيو. ڊاڪٽر صاحب هڪ نئون X-Linked جين دريافت ڪيو آهي، جنهن جي ڪري هٿن ۽ پيرن جي بناوت بي ڊولي ٿي پئي آهي. اهو X-Linked جين ان نسلي پيدائش واري هنڌ تي موجود آهي، جيڪو ساڳئي ئي نسلي منتقلي جيو يعني Chromosome سان سلهاڙيل هوندو آهي ۽ بدن جي ڪنهن به حصي ۾ نقص پيدا ڪرڻ جي سگهه رکندو آهي.

    پروفيسر ڊاڪٽر وسيم احمد جي کوجنا مطابق هٿن ۽ پيرن جي اها بي ڊولي بناوت جينياتي طور تي هڪ گاڏڙ ساڏڙ خلل يا نقص آهي. اهو نقص جيو مادي جي ان پوري ناقص واڌ جي ڪري غير طبعي جسامت، آڱرين جي هڏن ۽ هٿن ۽ پيرن جي چنبن کي بي ڊولو ڪرڻ جو سبب بنجي ٿو، جيئن ته ان خلل جي ڪري ڄم مرڪز يعني Centromeric تي گهڻو اثر پوندو آهي. تنهن ڪري نسل تبديليءَ جي اصول يعني Mutation پٽاندڙ پيدا ٿيندڙ اولاد جا هٿ ڦڏا ۽ ٽڙيل بي ڊولا ۽ هڪ آڱريا ٻن آڱرين وارا ٿيندا آهن.

    جيئن ته عورتون ئي X-Linked جون کڻندڙ يا Career هونديون آهن، تنهن ڪري پيدا ٿيندڙ ٻار يقيني طور تي هٿن ۽ پيرن ڦريل پيدا ٿيندا آهن. مرد ڀلي نارمل ڇو نه هجي، پر ٻار معذور ئي پيدا ٿيندا. مرد جي نارمل هجڻ يا نه هجڻ سان ان جو ڪو واسطو ڪونهي.

    بنيادي طور تي جڏهن به ڪو ٻار پيدا ٿيندو آهي ته اهو منهن مهانڊي ۾ پنهنجي پيءُ ماءُ سان هڪجهڙائي رکندو آهي. اهو پيءُ جهڙو يا ماءُ جهڙو نظر ايندو آهي يعني ان ۾ پيءُ ۽ ماءُ ٻنهي جون خصوصيتون هونديون آهن. ان اصول کي موروثيت يعني heredity چيو ويندو آهي. موروثيت جي نمونن هڪ وڏي عرصي تائين علم حياتيات جي ماهرن کي پريشان ڪري ڇڏيو. بعد ۾ آسٽريا جي هڪ سنياسيءَ گريگور منڊل، موروثيت جا عددي قانون ڳولي ورتا. منڊل جي کوجنا مان سڌ پئي ته موروثي خصوصيتون انهن ايڪن يعني Units ڏانهن منتقل ٿينديون آهن. جن کي جين چيو ويندو آهي يعنيٰ موروثيت جي ايڪي کي جين چئبو آهي. جين بنيادي طور تي وڏا پرماڻا يا ذرڙا هوندا آهن، جيڪي تخم گهرڙي يا بيضوي گهرڙي جي مرڪز يعني Nucleus ۾ موجود هوندا آهن.

    هر جيو گهرڙي يعني Cell جي مرڪز ۾ سنها ۽ ڊگها تاندورا يا ڌاڳا ٿيندا آهن. جن کي ورثا تي جيوڙو يعني Chromosome چيو ويندو آهي ۽ جن ۾ وري جين موجود هوندا آهن. اهي Chromosome جيئن ته جوڙن جوڙن ۾ هوندا آهن، تنهنڪري انهن ۾ موجود جين به جوڙن ۾ ئي هوندا آهن. هڪ جيو گهرڙي جي Chromosome ۾ جين جا سوين هزارين جوڙا هوندا آهن ۽ هر هڪ جوڙو ماڻهوءَ جي هڪ ياد هڪ کان وڌيڪ خصوصيتن کي ضابطي ۾ رکندو آهي، جهڙوڪ: وارن جو رنگ، جسم جي پوري بناوت، قد ڪاٺ وغيره.

    جيئن ته هن قبيلي ۾ موجود عورتن جا جين نهايت سگهارا آهن، ان ڪري سندن خصوصيتون اولاد ۾ منتقل ٿين ٿيون. صدين کان وٺي هيل تائين سندن اولاد ۾ جيڪا خصوصيت منتقل ٿي رهي آهي، سا هٿن ۽ پيرن جي آڱرين جي مختلف نقصن يا خرابين جي صورت ۾ ظاهر آهي.

    انهن نقصن جي ڪري هٿن ۽ پيرن جون آڱريون چنبا ۽ جوڙ سڀ بي ڊولا، بي ترتيب ۽ ٽيڙا ٿي پيا آهن . هن قبيلي جون جيڪي به عورتون آهن، تن کي ٽي يا ٽن کان مٿي هٿن ۽ پيرن ۾ آڱريون آهن. ڪنهن به عورت کي هڪ يا ٻه آڱريون ناهن يعني انهن عورتن جي نقص جو نمونو مردن کان گهڻو مختلف آهي.

    هي دنيا جو واحد قبيلو آهي، جنهن جا ايڏي وڏي ڳاڻاٽي ۾ ماڻهون آهن، جيڪي ان نقص جو بريءَ طرح شڪار آهن. هٿن ۽ پيرن ۾ اها بي قاعدگي يا بي ڊولائپ ان ڪٽنب ۾ هزارن سالن کان هلندي پئي اچي، پر پروفيسر ڊاڪٽر وسيم احمد موجوده ستن پيڙهين تي تحقيق ڪئي آهي ۽ انهن جي DNA جو جينياتي تجزيو ڪري هڪ شجرو يا چارٽ تيار ڪيو آهي.

    هن چارٽ ۾ چورسا ڪارا نشان انهن مردن ۽ عورتن جا آهن، جيڪي مڪمل طور تي X-Linked جين ۾ ڦاٿل آهن.

    گول دائرن ۾ ڀريل اڌ نشان گهٽ متاثر عورتن جا آهن.

    گول دائرن ۾ ننڍڙو ٽٻڪو X-Linked جين کڻندڙ، پر ظاهري طور تي بچيل عورتن جي نشاندهي ڪري ٿو.

    ٻٽي لڪير انهن مردن کي ظاهر ڪري ٿي، جن هڪ ئي وقت نارمل عورتن ۽ X-Linked جين کان متاثر ٿيل عورتن سان شادي ڪئي آهي.

    اهو چارٽ ٺاهڻ لاءِ DNA جي چڪاس اڻ ٽر هئي. DNA هڪ ڊگهو تاندوري وارو ذرو آهي، جيڪو Chromosome ۾ موجود هوندو آهي. انسان سميت مڙني ساهدار شين جي منهن مهانڊن، رنگ روپ ۽ بدني بناوت وغيره جو تعين DNA ئي ڪندو آهي. DNA Chromosome جو هڪ مکيه جزو آهي ۽ ان ۾ ئي جينياتي ڪوڊ موجود هوندو آهي.

    DNA کي رت مان ڪڍڻ لاءِ رت جا نمونا ورتا ويندا آهن. رت جي نمونن کي مخصوص گرميءَ جي درجي مختلف مشينن مان گذارڻ کان پوءِ DNA حاصل ڪيو ويندو آهي. ان سموري مرحلي کي Polymarase Chain Reaction چيو ويندو آهي. اهو طريقو 1986 ۾ ٺاهيو ويو، جنهن وسيلي جينياتي سائنسدان DNA جون هزارين ڪاپيون سولائيءَ سان ۽ بنا ڪنهن دير جي ٺاهي سگهن ٿا.DNA جي ان تفصيلي تجزئي کان پوءِ پروفيسر ڊاڪٽر وسيم احمد X-Linked جين ڳولي ورتو، جنهن هنن ماڻهن جي هٿن ۽ پيرن کي ڏاڍو بي ڊولائتو ڪري ڇڏيو آهي.

    جهونو چاچو فيض محمد 1955ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو هو، پر ستت ئي پوءِ Unifit قرار ڏئي کيس نوڪريءَ مان فارغ ڪيو ويو، پر اڄ به هو ڳوٺ جي ماڻهن کي خط پٽ يا درخواستون وڏيءَ خوشيءَ سان لکي ڏيندو آهي. پاڻ پراڻي دور جا ست درجا پڙهيل آهي.

    هن قبيلي سان تعلق رکندڙ ماڻهو، عام ماڻهن وانگر زندگيءَ جي ڪمن ڪارين ۾ رڌل آهن. اهي نارمل ماڻهن وانگر گهڻو ڪم ڪار ته نه ٿا ڪري سگهن، پر پوءِ به ٻني ٻارو ڪرڻ، گاهه پٺو ڪرڻ، مال چارڻ، گڏهه گاڏا هلائڻ، ڪاٺيون وڍڻ ۽ سائيڪل هلائڻ جهڙا ڪم سولائيءَ سان ڪري سگهن ٿا.

    کين کائڻ پيئڻ ۾ ڏکيائي ته ڏاڍي ٿيندي آهي، پر پيٽ جو دوزخ ڀرڻ به ته لازمي آهي.پروفيسر ڊاڪٽر وسيم احمد جي تحقيق مطابق اهي ماڻهو نه رڳو جسماني طور ڏٻرا ۽ ساڻا آهن ۽ گهڻو وزن کڻي نه ٿا سگهن. پر ذهني طور تي به اهي ڪمزور آهن. خاص ڪري سندن يادداشت ڏاڍي ڪمزور آهي. سندس خيال ۾ ته X-Linked جين جسم جي هڪ ياد هڪ کان وڌيڪ صلاحيت تي برو اثر ڪري سگهي ٿي. خاص ڪري عمر وڌڻ سان گڏ سندن يادگيري به گهٽبي رهندي آهي.

    اڄ جي جديد دور ۾ جين ٿراپيءَ تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي. جين ٿيراپيءَ وسيلي ڪافي جينياتي بيمارين ۽ نقصن جو علاج ممڪن ٿي سگهيو آهي، پر هنن ماڻهن جو ان بيماريءَ يا نقص جو ڪو به علاج ڪونهي. ان جو حل رڳو اهو آهي ته ٻار گهٽ پيدا ڪيا وڃن. جيترا ٻار گهٽ هوندا، اوترا X-Linked جا کڻندڙ يا Career گهٽ هوندا.

    جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ ڪامران ۽ سندس ٻين ننڍڙن ساٿين کي راند روند ۾ خبر ئي ڪونه ٿي پوي ته اهي ڪي ائبنارمل ٻار آهن. پر وڏي ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي معذور هجڻ جو احساس کين سڄي عمر ڏنڀيندو رهندو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو