• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تمام گهڻو ڏک ٿيو..! جڏهن هُن جو الوادع جو پيغام پهتو.

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
جيڪو ماڻهو توهان سان سالن جا سال گڏ رهي ۽ هڪ ئي اوطاق تي ڪچهريون ڪري ۽ اهو اچانڪ توهان جي سنگت کي الوداع ڪري ته توهان جي دل جي ڪيفيت ڇا هوندي؟
تيئن ئي منهنجي دل جي ڪيفيت في الحال ڊائون آهي..!
اهو ان ڪري نه ته اڄ گرمي گهڻي آهي! پر ان ڪري ته اڄ سنڌسلامت جو سينيئر رُڪن ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جون سنڌسلامت تي نيوز اپڊيٽ ڪندڙ دوست فاروق سومرو سنڌسلامت کي الوداع ڪري ويو !!! :(

18046666701_37da9c76b3_o.jpg

سندس ذاتي ڪچهري موڪليان ته نٿو پر سندس لفظ هتي ونڊيان ٿو ته هُن اهو فيصلو ڇو ڪيو!!؟

”ادا مون اڄ سنڌسلامت کي الوداع ڪري ڇڏيم.“
مون پڇيو ”ڇو؟“
جواب ڏنائين ”سنڌسلامت تي سٺيون سٺيون پوسٽس موڪل پو به ڪير به پوسٽس کي لائيڪ به نٿو ڪري ۽ نه ئي ڪامينٽ ٿو ڪري.“
”سنڌسلامت کان ته آئي.ٽي.دنيا جا رڪن ڀلا آهن جيڪي ان مهل جواب به ڏيندا آهن ۽ لائيڪ به ڪندا آهن، دل به خوش ٿيندي آهي“..

ذيشان رشيد ، سليمان وساڻ ، عبدالحفيظ لغاري ، عبدالغني لوهار ، رحيم بخش ، منصور سرور
 
منهنجي راءِ

”ڪو لائيڪ ڪري ٿو يا نه، ڪو ڪمينٽ ڪري ٿو يا نه ...... ان سان منهنجي ڪم تي ڪوبه اثر ڪونه پوندو آهي. ڇو ته مان پنهنجي حصي جو ڪم فرض سمجهي ڪندو آهيان“

مان سمجهان ٿو اهي دوست جيڪي ڊگهي عرصي سان هن سٿ ۾ شامل آهن، گهٽ ۾ گهٽ انهن کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي. نون دوستن جي ڪوشش ڪري حوصلا افزائي ڪندا آهيون. يا اهي ليک جيڪي اوهان جي پسند جا آهن، اوهان کي انهن ۾ دلچسپي آهي انهن تي لکندا آهيون ۽ شيئر به ڪندا آهيون.

دوست فاروق کي دلبرداشته ٿيڻ نه گهرجي .... اڳتي اسان ڪمينٽ ڪنداسين ... کيس هاڻ خوش ٿيڻ گهرجي
 
آئون به توهان جي ڳالهه سان سهمت آهيان.. پنهنجي حصي جو ڪم فرض سمجهي ڪرڻ گهرجي...

مونکان اڪثرڪري فيسبوڪ يا فون تي ڪيئي دوست جڏهن به ڪمپيوٽر جا سوال يا مسئلا پيس ڪندا آهن ته مان هميشه انهن کي ٽن ماڻهن جو ڏس ڏيندو آهيان ته اهي ئي بهتر حل ڏئي سگهن ٿا، انهن مان هڪ ذيشان رشيد ، ٻيو عبيد الله عبيد ٿهيم ۽ ٽيون فاروق سومرو هوندو آهي. ان جو سبب اهوئي آهي ته پاڻ ڪمپيوٽر جي ٽيڪنيڪل معاملن کان صفا اڻ واقف آهيون.
 
توهان جي ڳالھ صحيح آهي.
پر ڪي رڪن معلوماتي پوسٽن مانفائدو نه پيا وٺن.
مان پاڻ آئي ٽي سيڪشن ۾ پوسٽون لکڻ جو شوقين آهيان.انهي ڪري ته آئي ٽي بلاگ ٺاهيو هو،جيئن نوان دوست ان بلاگ تان آساني سان معلومات ڳولي ڄاڻ ۾ اضافو ڪن.
جيڪي به موضوع لکندو آهيان پهريان فورم تي لکي موڪلي ڪري پوء ئي پنهنجي بلاگ تي موڪليندو آهيان

جيئن ته هاڻي ڪجه ڏينهن ۾ مان پڙهڻ لاء ِ خيرپور وڃان پيو.ان ڪري انٽرنيٽ هلائڻ جو ٽائيم گهٽ ملندو.
جيڪڏهن وقت مليو ته ضرور سنڌ سلامت تي چڪر هڻندس.۽موضوع موڪليندس
بس توهان جي ڪري مان الودع ڪرڻ جو فيصلو واپس وٺان ٿو.توهان جئين چوندو ائين ڪندس.
ڀلي هاڻي ڪير لائيڪ ڪري يا نه.جواب ڏي يا نه ،،.،مان پنهنجو ڪم جاري رکندس.

جي توهان ناراض آهيو ته معافي...

مهرباني.
سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
:) :) هڪ ڀيرو ٻيهر توهان کي ڏِسي دل خوش ٿي وئي..
7ecM89gTn.gif
7ecM89gTn.gif
7ecM89gTn.gif
7ecM89gTn.gif
7ecM89gTn.gif
 
منهنجي راءِ

”ڪو لائيڪ ڪري ٿو يا نه، ڪو ڪمينٽ ڪري ٿو يا نه ...... ان سان منهنجي ڪم تي ڪوبه اثر ڪونه پوندو آهي. ڇو ته مان پنهنجي حصي جو ڪم فرض سمجهي ڪندو آهيان“

مان سمجهان ٿو اهي دوست جيڪي ڊگهي عرصي سان هن سٿ ۾ شامل آهن، گهٽ ۾ گهٽ انهن کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي. نون دوستن جي ڪوشش ڪري حوصلا افزائي ڪندا آهيون. يا اهي ليک جيڪي اوهان جي پسند جا آهن، اوهان کي انهن ۾ دلچسپي آهي انهن تي لکندا آهيون ۽ شيئر به ڪندا آهيون.

دوست فاروق کي دلبرداشته ٿيڻ نه گهرجي .... اڳتي اسان ڪمينٽ ڪنداسين ... کيس هاڻ خوش ٿيڻ گهرجي

لازمي ناهي ته فيسبوڪ جيان هن فورم تي به توهان جي تحرير تي ڪمينٽ ڪيا وڃن جيڪا ڳالھ مونکي ته پسند ناهي ان ڪري آ فيسبوڪ ئي هلائڻ ڇڏي ڏنو آهي هاڻي ته فيسبوڪ سان ڀي مونکي نفرت ٿي وئي آهي جنهن ڏينهن کان هن فورم جي معلومات ملي هئي ته ان ئي ڏينهن آ پنهنجي رجسٽريشن ڪرائي ۽ فيسبوڪ کي ڇڏي ڏنو.
 
محترم پياري ننڍڙي ڀاءُ فاروق سومرو جن جو اهڙو ذاتي پيغام پڙهي اسانکي به ڌچڪو لڳو ، مگر سندن وڏا وڙ جو اسانجي ساٿ ۾ شامل آهن ، ڪير لائيڪ ڪري يا نه ان سان ڪو به فرق نٿو پوي ادا ، علم اهڙي شيءِ آهي جو جيترن انسانن تائين پهچندو اوترو ئي ان ۾ واڌارو ٿيندو ۽ جنهن شخص علم جي وڌائڻ لاءِ شروعات ڪئي انکي انجو اجر ضرور ملندو دنيا ۾ به ۽ آخرت ۾ به ، دعا آهي ته الله پاڪ ادا فاروق سومرو کي دنيا ۽ آخرت جون ڀلايون نصيب فرمائي
 
Back
Top