سڀني سنڌي سڄڻن سامهون هيءَ خوشخبري رکجي ٿي ته سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جي وڏي خزاني ”جامع سنڌي لغات“ جي اينڊرائيڊ اپليڪيشن ٺهي چڪي آهي ۽ هاڻي گوگل پلي اسٽور جي هن لنڪ تي رکي وئي آهي، جيڪا اوهان پنهنجي اينڊرائيڊ فونن ۾ انسٽال ڪري سگھو ٿا.
هيءَ اپليڪيشن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جي ويهن سالن جو پورهيو آهي جنهن ۾ ڪيترن ئي عالمن، اديبن ۽ سگھڙن جي محنت شامل آهي.
اوهان شاه جي رسالي جا لفظ سمجھڻ چاهيو ٿا؟ ته هيءَ اپليڪيشن انسٽال ڪيو ۽ ڏسو. سنڌ جي ذاتين، قبيلن، نالن وڻن پکين مطلب ته لفظن ۽ انهن جي تشريحن جو هڪ اڻملهو خزانو اوهان جي هٿن ۾ آهي.
اپليڪيشن ۾ سنڌي فانٽ اڳ ۾ ئي لڳل آهن جن جي ڪري اوهان بهتر نموني سان سنڌي پڙهي سگھو ٿا. ترت ڳولا جي سهولت سان، هن لغت ۾ لڳ ڀڳ هڪ لک لفظ، پهاڪا ۽ اصطلاح موجود آهي.
دوستن کي گذارش آهي ته هن اپليڪيشن کي وڌ ۾ وڌ دوستن تائين پهچايو، پنهنجي پروفائيل تي شيئر ڪريو ته جيئن سڀ سنڌي دوست هن اپليڪيشن مان لاڀ حاصل ڪري سگھن.
سنڌي لينگئيج اٿارٽي جي ٽيڪنيڪل ٽيم جيڪا امر فياض جي رهنمائي ۾ اڄڪلهه ڪافي سرگرم آهي، ان سموري سٿ کي جس هجي ۽ اسان کين بهترين ڪم تي واڌايون پيش ڪيون ٿا.