مائڪروسافٽ پاران پنهنجي نئين ايندڙ سسٽم وندوز 10 ۾ ونڊوز فون لاءِ نئون فيچر شامل ڪيو ويو آهي جنهن سان ائنڊروئيد جون اپليڪيشن ونڊوز فون ۾ هلڻ جي سپورٽ هوندي پروجيڪٽastoria نالي سان نئين ٽول جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن سان ڊولپرز سي پلس ڪوڊ ۽ جاوا جي مدد سان پنهنجون ائنڊروئيد اپليڪيشون جي ڪوڊن کي ونڊوز 10 جي مطابق ٺاهي سگهن ٿا،۽ ڪم جي آساني لاءِ ونڊوز Api جي ذريعي به مدد وٺي سگهن ٿا. ائنڊروئيد سان گڏ آئي او ايس جي به سپورٽ هوندي جنهن سان ڊولپر ٽول کي استعمال ۾ آئي او ايس جون اپليڪيشن ونڊوز 10 جي لاءِ ٺاهي سگهن ٿا.
تمام سُٺي خبر.. هاڻي مونکي به ونڊوز 10 انسٽال ڪرڻي پوندي.. انشا الله 2016ع جي آخر ۾ اهو به ڪري وٺندس.. جيئن ته فيسبوڪ جا عادي ٿي ويا آهيون ان ڪري ٽائم لائن بجا ٽيگ ٿيل مواد کي پڙهڻ کي ترجيح ڏيندا آهيون! ان ڪري جڏهن به ڪو موضوع موڪليو ته اسان کي ٽيگ ڪرڻ نه وساريو..
مان پاڻ ونڊوز 10 جي انتظار ۾ آهيان. هاڻي ته ونڊوز فون وٺڻ تي مجبور ٿي ويو آهيان جيڪڏهن منهنجي پسند جون ائنڊروئيد اپليڪيشن ونڊوز 10 لاءِ اچي ويون ته پوءِ
مون وٽ ته اڃا نوڪيا آهي..! ميسج ڪرڻا نه هُجن ته آئون به ائنڊرائيڊ وٺان.. دل نٿي چوي هاڻ ائنڊرائيڊ وٺڻ تي...
ونڊوز فون وٺ اهي سستا ۽ ڪيمرا رزلت به ڀلو آهي. ۽ اهي ونڊوز 10 تي به اپڊيٽ به ٿيندا ائنڊروئيد هلائي هلائي بور ٿي ويو آهيان. بس ڪجه مهينن ۾ وندوز فون وٺندس