سائين شفيق صاحب جي خيال جي احترام ۾ ___________________________________ شهيد بشير خان قريشيء کي ڇو قتل ڪرايو ويو ؟ جواب : شهيد بشير خان کي هن ڪري قتل ڪرائي شهيد ڪيو ويو جو هو شهيد سنڌي سرواڻ سنڌ جو هڪ ميچيوئر بالغ قومپرست سياستدان ٿي چڪو هو، جيڪو ڪڏهن به ڪنهن جي مذهب دين ڌرم تي ٻڙڪ ڪونه ڪڇندو هو، يا ڪنهن جي دين ڌرم جي خلاف ڪوجهي ڄڀ استعمال نه ڪندو هو، ڪنهن به مذهب تي تنقيد يا بڇڙا ريمارڪس نه ڪسيندو هو ته متان ڪٿي سنڌ جي آزاديء جي تحريڪ جو ٻيڙو نه ٻڏي وڃي، پوء اهو دين ڌرم مذهب سنڌي ( هندو يا مسلم) جو هجي. 2- ٻيو ان ڪري شهيد بشير خان کي قتل ڪرائي، ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي هڪ هٽي مرڪزيت کي ختم ڪرڻ لاء رتيديري (ضلع لاڙڪاڻه) ۾ هڪ ٻيو شهيد دفنائي سنڌي قوم کي پاڻ وڙهائي ورهايو ويو- اهو ڪم پاڪستان جي ڀوتارن ملائڪن ڪرايو هو، يعني هڪ تير سان ٻه شڪار، سنڌ ۾ اڀرندڙ آزادي جي تحريڪ کي ۽ اڳواڻ ٻنهي کي ختم ڪيو ويو- هي منهنجي پنهنجي سوچ آهي. _________________________ اسان جو خيال _____________ سائين اهي سبب بيشڪ سگهارا آهن پر هن ڪونڌر کي سنڌ جي ازلي دشمنن هندستانين جي سازش آ جنهن ۾ بشير خان سنڌي ماڻهن کي پنهنجي شهر ڪراچي جي مالڪي لاءِ اتساهيو ۽ ڪروڙين سنڌين کي ميڙي مٺ ڪيو ...هتي شهر ڪراچي ۾ هي ٽارگيٽنگ به ان جو سبب آ ته هو غير سنڌي اهو پيا بانور ڪرائين ته هي شهر هاڻي سنڌين جو نه رهيو آ ...هن سوچ جي ت۾ هي سڀ جهيڙو پيو هلي ...سنڌين جي سوچ ۽ لوچ آ ته هي شهر ۽ پوري سنڌ جي مالڪي سنڌي ماڻهن جو اجتماعي حق آ ۽ هي هتي غير سنڌين جي ڀرمار ئي اصل سبب آ هتي هن گنڊا گردي جو ۽ هنن هندستانين جي لاءِ هر سنڌي اڳواڻ ڏچو آ ...سو هو پنهنجي ان ايجنڊا تحت سڀ سنڌين جا اڳواڻ ءٽي کان وٺي بشير خان تائين ڪهي ڇڏيا ..پر اسان جا پير مير وري به هنن هندستانين سان وتنندا ملندا فوٽو سيشن ڪرائيندا ....ڳاله مريوئي ڳڙ ا سائين