سنڌ جي بجيٽ سان هانڃا

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏26 مئي 2015۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    سنڌ جي بجيٽ سان هانڃا
    _________________________
    سنڌ ڪمائي جي لحاظ کان آسودو( ملڪ )صوبو رهيو آهي آهي سندس آمدني 80 سيڪڙو پوري ملڪ ۾ سنڌ جي آهي جنهن ۾ لڳ ڀڳ 1700 ارب ڪمائندڙ جي مالڪي ۽ وچور پنهنجو نه آهي سڀ آمدني تي وفاقي طرز جو ڪنٽرول ۽ اختيار آهي جنهن ۾ ايف بي آر وفاقي حڪم تي هلندڙ آئل ۽ گيس جون ڪمپنيون پاڻي تي هڪ جابرانه قبضو ارسا جي نالي تي ....مطلب ته ڪو اهڙو پهلو نه آهي جنهن ۾ هي سنڌ جي جند آزاد هجي ۽ پنهنجو فيصلو پاڻ ڪري سگهي هن جي بجلي ٻين صوبن لاءِ هن جو پاڻي ٻين صوبن لاءِ هن جو پيسو ٻين صوبن جي ترقي لاءِ هن جا شهر ٻين صوبن جي ماڻهن جي آسائش لاءِ رهائش لاءِ هن جا پنهنجوماڻهو بک بدحالي ۽ ڏکن جي نه کٽندڙ سلسلي ۾ صعوبتن جي ور چڙهيل ...هن جا حڪمران پنجاب ۽ ٻين غير سنڌين جي رحم ڪرم تي ڪڏهن ڪهڙو اشو ته ڪڏهن ڪهڙو اشو ڏيئي حڪمرانن کي سهڪائي پيا وجهندا ۽ هنن ۾ ايتري سمڪ نه ٿيندي جو پنهنجي حق جي ڳاله ڪري سگهن هي روش نه صرف حڪمرانن سان آهي بلڪ نوڪري پيشا پڙهيل لکيل سنڌي اختيار هوندي بي اختيار سدائين خوشامدي ٽٽو ٿي پيو پڇ لٽڪائيندو ...صاحب بهادر سدائين ان تي ڏمريل هوندو۽ هو صفايون پيش ڪري ڪري زندگي جا لمحا پيو ڀوڳيندو
    ۽ هن غير سنڌي جو ريڙهي وارو به با اختيار ۽ حڪم هلائيندڙ جنهن جي حفاظت لاءِ 26 ايجنسيون باقي سنڌ جو فرد بي يارو مددگار ان جي حفاظت بس الله ڪندو ...واه ڇا ته ڳاله ڪجي پو وري پنهنجا پنهنجن سنڌي ڀائرن کي ويٺا ڏوراپا به ڏيندا ....بجيٽ اچي پئي ترجيح پنجاب کي سنڌ جو پيسو ان بجيٽ جي غيرملڪي پيسي جي واپسي ۾ ئي پورو ٿئي ٿو ...46 ارب چائنه پئي ڏي ...بسمالله سٺي ڳاله آ پر ڏکي ڳاله اها آ ته اهو سرمايو صرف پنجاب تي خرچ ڪرڻ لاءِ منصوبا پيا جڙن ۽ انهن جي قسطن جي واپسي جو ٺيڪو سنڌ کي زوري پيا کڻائي پورائو ڪندا .....هن سنڌ جي پنهنجي تعليم لاءِ اهو پيسو نه آهي جو اسڪول ۾ بنيادي صحولتون مهيا ڪري ڏنيون وڃن ،ماڻهن کي ڪو روزگار ڏيئي سگهجي ،ڪو ترقياتي ڪم ڪرائي سگهجي ان منجهان تعين ڪجي ته سنڌ جي ڪمائي 1700 ارب ...ان کي موٽ ۾ اين ايف سي جي ظلم ۾ 300 کان 400 ارب روپيه هاڻي ٻڌايو ته هن پيسن منجهان سنڌ کي ڪيئن آسودو ڪجي ...وري ڪرپشن جو بهانو ڏيئي هتان جا سنڌي به هنن اشو تي پيا اڀ ڏاريندا ۽ هنن کي هو 1500 ارب روپين جي لٽ مار ڦر نظر ئي نه ٿي اچي ...ترقياتي ڪمن ۾ ڪڏهن ڪو اٻوجه سنڌي وات کوليندو ته هن جي لاءِ ڏک تڪليفون ۽ مصيبتون هونديون اهڙي طلسم ۽ طرز سان جو ڪو سمجهي به نه سگهندو ...۽ وري پڇڻ تي چوندا ته بابا هي غيرملڪي پيسو آهي جيڪو مدد جي وسيلي هنن لاءِ خاص موڪليو ويو آهي ...ٺيڪ آ اسان انهن جي وسولي تي اعتراض نه آهي پر انهن جي واپسي جيڪا هن ظالمانه وفاقي طرز تي وفاقي پيسي منجها ڪئي وڃي ٿي ان تي آهي سو جتي ۽ جنهن صوبي ۾ اهو پيسو لڳايو وڃي ته وسولي واپسي به ان صوببي کان ڪرائي وڃي نه ڪي وفاق منجها ...وفاقي اسڪيمون به هڪ صوبي ۾ بي انت هونديون ڃڻ ته اهو ئي پاڪستان آ اهو ئي وفاق آ باقي اوڌر تي آهن يا انهن جو ڪو خاص حصو نه آهي اهي اڇوت آهن جي رهن رهن نه ته بک مري ماهو ٿين انهن جي سسٽم کي ڪو به مائي جو لال ڇيڙي نه ٿو سگهي ...صوبائي خدمختياري هوندي بي وس ۽ لاچار ....ڪيترو هلندو ڪيسين هلندو .........!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو