السلام عليڪم دوستو مان آهيان مون جو اصل نالو شڪور احمد آهي مون کي سنڌ سلامت فورم بابت وحيد صاحب ٻڌايو آهي مان کي توهان دل جلي جي نالي سان سڏي سگهو ٿا مهرباني
جواب: مان آهيان ادا توهان جي دل ڪنهن جلائي آهي۔ هت ته هر ڪو جليو پيو آهي۔ سک ته ڪنهن وٽ به ڪونهي۔ سرجيون سوچون سورن جون، مليا پورن وارا پنڌ وگهيه وري ڪهڙا ڳوليان هنڌ جت سک ملي ساه کي
جواب: مان آهيان محترم ادا شڪور احمد عرف دلي جلي ڀلي ڀلي ڪري آيا، اسان جي هن محبتي اڱڻ تي اسان سڀئي سنڌ سلامت جا ساٿي توهان کي انتهائي پيار پاٻوهه سان ۽ دل جي گهرائين سان ڀليڪار ٿاچئون۔ انهي دعا سان ته جتي به هُجو پنهنجي هن سُونهارِي جيجل سنڌ ڌرتي جا جوڌا بڻجي سنڌڙي جي خدمت ڪندا رهو ۔
جواب: مان آهيان ادا سنڌ سلامت تي ڀلي ڪري آيا۔۔۔ شڪر آهي سنڌ سلامت تي هڪ دل جليو به آيو.. ادا سنڌي جي حساب سان اوهان کي نالو دل جلي نه پر دل جليو رکڻ گهرجي ها...