يمن ڪلياڻ وَيڄَ ! مَ ٻُڪِي ڏَي، الا ! چَڱِي مَ ٿِيَان

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏26 مئي 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    وَيڄَ ! مَ ٻُڪِي ڏَي، الا ! چَڱِي مَ ٿِيَان
    سَڄَڻُ مانَ اَچَي، ڪَرَ لَاهُو ٿِي ڪَڏهِم


    سُرُ يمن ڪلياڻ

    وَيڄَ = حڪيم، طبيب، ڊاڪٽر
    مَ = نه
    ٻُڪي = دوا، سُتي
    اَلَا = جيڪر
    چَڱي = چَاڪُ، خوش ٿي وڃان، بيماري ڇڏي وڃي
    سَڄَڻُ = محبوب، پرين
    مانَ اَچَي = مَنَ اچي، شال اچي
    ڪَرَ = سار، خبر چار
    لَاهُو = لهندڙ، عيادت ڪندڙ، پڇڻ وارو
    ڪَڏَهم = ڪڏهن

    بيت جو پس منظر

    ~ اي طبيب ! مونکي اهڙي ڪابه دوا نه ڏجان، جنهن سان چڱي ڀلي ٿي وڃان، خوش ٿي وڃان
    ~ مَنَ ڪڏهن پڇڻ بهاني ئي محبوب اچي ملي وڃي

    سمجهاڻي

    اڪثر جڏهن ڪو ماڻهون بيمار ٿي پوندو آهي ته ڪنهن حڪيم يا ڊاڪٽر سان مشورو ڪندو آهي. دوا سُتي وٺندو آهي ته جيئن جلد صحتياب ٿي وڃان. پر هي مريض ڊاڪٽر ڏي وڃڻ، مشورو ڪرڻ، دوا کائڻ ۽ چڱو ڀلو ٿيڻ جي بجاءِ ويتر بيمار رهڻ کي ترجيح ڏئي ٿو.
    ٻين طرفان زبردستي آندل ڊاڪٽر کي هي مريض چئي ٿو ته متان ڪا اهڙي دوا ڏين، جنهن سان خوش ٿي وڃان. مونکي بيمار ئي رهڻ ڏي. ڇو ته جَي بيمار هوندس ته ڪڏهن نه ڪڏهن محبوب ضرور پڇڻ ايندو. سو هن بهاني سندس ديدار به ٿيندو، ملاقات به ٿيندي، سڪ جو لڳي اٿم هن جي.

    چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
    ____
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏27 مئي 2015
  2. چانڊيو عبدالرحيم

    چانڊيو عبدالرحيم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2015
    تحريرون:
    94
    ورتل پسنديدگيون:
    188
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    زميندار
    ماڳ:
    ڪڙيو گهنور،ضلع بدين سنڌ
    هڻ حبيب هٿ کڻي .ٻنگان لهي ٻاڻ

    ماگهين مون مِهن ٿِئي. جهولئ وجهان پاڻ

    اِنهئ پَرِ ساجن ساڻُ.مانَ ميڙائو مون ٿئي
     
  3. چانڊيو عبدالرحيم

    چانڊيو عبدالرحيم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2015
    تحريرون:
    94
    ورتل پسنديدگيون:
    188
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    زميندار
    ماڳ:
    ڪڙيو گهنور،ضلع بدين سنڌ
    • دارون ۽ ڪارون، جان ڪي ڪئا ويڄ مون

      ٻڪي ڏيندا ٻاجھ جي،نهاري ناڙون،

      جن جيون سيڻ لهن سارون،تَنِِ تان ڏُ کندو ڏور ٿيي

      يمن ڪلياڻ
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. چانڊيو عبدالرحيم

    چانڊيو عبدالرحيم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2015
    تحريرون:
    94
    ورتل پسنديدگيون:
    188
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    زميندار
    ماڳ:
    ڪڙيو گهنور،ضلع بدين سنڌ
    ادا وساڻ صاحب آئون ڪنهن بيت کي رنگين حروف ۾، يا وري لنڪ ۾ ڪيئن تبديل ڪريان،
     
  5. محمد ع سومرو

    محمد ع سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    232
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    103
    ڌنڌو:
    پورهيو
    ماڳ:
    سنڌ
    سليمان وساڻ صاحب
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    ايڊيٽر ٽولباڪس مان رنگن واري ٽيب تي ڪلڪ ڪري پسند جي رنگ تي ڪلڪ ڪيو. ٽولبار مان ئي اوهان فونٽ، اٽالڪ، انڊر لائين جا ٽول به استعمال ڪري سگهو ٿا.
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو