يمن ڪلياڻ اَڃَان تو مَنجَهاءَ، ڪَکَ ڇُتَي رَتُ نڪرَي

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏27 مئي 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    اَڃَان تو مَنجَهاءَ، ڪَکَ ڇُتَي رَتُ نِڪرَي
    مُهَ ۾ مَحبُوبَن جا، ڪِنءَ جَهليندَين گَهاء؟َ
    سَو تُون ڪُڄَاڙِئاءَ، سِڪَڻَ جُون سَڌُون ڪَرِين؟


    سُرُ يمن ڪلياڻُ

    تَو مَنجَهاءَ = تومان، تنهنجي بدن مان
    ڪَکَ = جهوپڙي ۽ مَنَهَن ٺاهڻ وارا سَرَ، تيلَا
    ڇُتَي = ڇُهڻ سان، لڳڻ سان
    جَهليندَين = سهي سگهندين، برداشت ڪري سگهندين
    ڪِنءَ = ڪيئن
    گَهاءَ = زخمَ، وَڍَ
    ڪُڄَاڙئاءَ = ڇو، ڇالاءِ، ڇاجي لاءِ
    سَڌُون = خواهشون، تمننائون، آشائون

    بيت جو پس منظر

    ~ اڃان تائين ڪک ڇهڻ سان تنهنجي بدن مان رت وهي ٿو پئي.
    ~ سو تون محبوبن جا مليل گهاوَ ڪيئن سهي سگهندين؟
    ~ تنهنڪري ڇاجي لاءِ ٿو تون، سڪڻ جون سڌون ڪرين؟

    سمجهاڻي

    محبوبَ ۽ منزلون ملڻ ڪو آسان سولڙو ڪم ناهي، جو هر ڪو حاصل ڪري سگهي. صرف سڌن ۽ خواهشن ڪرڻ سان محبوب ناهن ملندا.
    جيڪڏهن توهان ايترا نازڪ ۽ نفيس آهيو جو رڳو گل پٽڻ يا گل اڇلائي هڻڻ سان، يا ڪنهن ڪک جي ڇَيت ڇهڻ سان،
    اوهان جي جسم مان رت ٿو وهي پئي ته پوءِ اهي محبوب ماڻڻ جا خواب ڏسڻ ئي ڇڏي ڏيو. محبوب ۽ منزلون حاصل ڪرڻ لاءِ ته وڏي ويڙهه، جفاڪشي، جاکوڙ ۽ جدوجهد ڪرڻي پئي ٿي. جيل، کوليون، گوليون، قيد، ڪڙا، زنجير ۽ ڏنڊا ٻيڙيون برداشت ڪرڻيون پون ٿيون ۽ سر ساهه به صدقو ڪرڻا پوندا آهن.
    سو محبوبَ ۽ منزلون ته ڪي دلير، دودا، جوڌا، ارڏا ۽ اڏول انسان ماڻيندا آهن. جيڪي پنهنجو سر تريءَ تي کڻي هلندا آهن، سي ئي محبوبَ ۽ منزلون ماڻيندا آهن.

    چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
    ____
     
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    شاهه سائين جي هن بيت سان به انيڪ يادون آهن. پهريون ڀيرو اهو بيت غلام رسول چانڊيو ٻُڌايو جڏهن هو سچوا (هاڻوڪي سقوا) جو چيئرمين هو.
    هن بيت ۾ هڪ وڏو مطلب ۽ پيغام سمالي آهي بس سمجهڻ جي ضرورت آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو