************** ترجمو : عبيد ٿهيم ************** دنيا جو ذهين ترين انسان آئنسٽائن ننڍپڻ ۾ دماغي طور تي ڪمزور انسان هو، سندس مٿو ٿُلهو ۽ ڳالهائڻ جي صلاحيت کان محروم هو، ڏاڍي ڏُکيائيءَ سان ڪجهه لفظ ٻاتي ٻوليءَ ۾ چوندو هو جيڪي سندس ماءُ کي به سمجھ ۾ نه ايندا هُئا. چيو وڃي ٿو ته آئنسٽائن ”آٽزم“ جي بيماريءَ ۾ مبتلا هو جنهن ڪري هُو پنهنجو پاڻ ۾ گُم رهندو هو ۽ پنهنجي ڪمن ۾ ٻين جي مداخلت پسند نه ڪندو هو، 9 سالن جي عمر تائين هُو ڳالهائڻ جي صلاحيت کان محروم رهيو، تڏهن اچانڪ هڪ ڏينهن کاڌي جِي ميز تي جڏهن هُن جي سامهون سُوپ رکيو ويو ته اُن سوپ جو پهريون چمچو وات ۾ وجھندي ئي چيو ” سوپ ڏاڍو ڪوسو آهي“. اهو ٻُڌي هُن جا ماءُ پيءُ خوشيءَ مان جھومي پيا، خوشيءَ ۾ بيحال ماءُ آئنسٽائن کان پيو ته اهڙا لفظ تو پهرين اڳ ۾ ڇو نٿي چيا ؟ آئنسٽائن جو جواب هو ”ان کان پهرين هر شئي نارمل هُئي ان لاءِ آئون ڳالهائيندو ڪونه هُئس.“ . هُن ٻي شادي ماليوا نالي عورت سان ڪئي، هُن جي شاديءَ جي دلچسپ ڳالهه اهو معاهدو آهي جيڪو هُن پنهنجي زال سان ڪيو هو، معاهدي ۾ طئي ٿيو ته سندس زال هُن جا ڪپڙا ۽ سامان هميشه صاف ۽ سٿرو رکندي ، ٽنهي وقتن جي مانِي کيس سندس ڪمري ۾ ڏني ويندي. اسٽيڊي روم ۽ خاص طور تي هُن جي ميز بلڪل صاف رکي ويندي ۽ ڪابه فالتو شئي نظر نه ايندي ، آئنسٽائن جو موڊ نه هُجي ته زال ساڻس ڪابه ڳالھ ٻولھ نه ڪندي، آئنسٽائن ٻين ماڻهن سامهون پنهنجي زال کان لاتعلق رهندو....! ماشاءَ الله ، غالباً اهي ئِي اُهي مُجاهداڻه قدم آهن جنهن ڪري آئنسٽائن ايترو ذهين ٿيو.. آئون سوچيان پيو ته جيڪڏهن چاچو آئنسٽائن پنهنجي گھرواريءَ سان ايترو سخت رويو نه رکي ها ۽ نرميءَ سان پيش اچي ها ته صورتحال ڪجهه هيئن هُجي ها.. زال : آئن ..... او آئن....! آئنسٽائن : جِي جان... ڇا ٿيو!؟ زال : اڙي گھر ۾ کاڄرو تيل ختم ٿي ويو آهي..!!! آئنسٽائن : او هو... جاني ڪجهه ڏينهن پهريان ته توکي آڻي ڏنو هئم.. زال : اڙي ياد ڪر! توکي پنج ڪلو وارو دٻو وٺي اچڻ لاءِ چيو هئم ۽ تون هڪ ڪلو وارو پئڪيٽ وٺي آيو هُئين. آئنسٽائن : ٿوري دير کان پوءِ وٺي ٿو اچان ، بس هڪ سائنسي ٿيوري لکي وٺان. زال : اڙي باھ لڳي تنهنجي سائنس کي.. تيل وٺي اچ ۽ ها هڪ پيڪٽ ماچيس جو ۽ پنج روپين جو ”اسپغول“ به وٺي اچجانءِ.. آئنسٽائن : پليز جان.... بس صرف اڌ ڪلاڪ جي مهلت ڏي، منهنجي ريسرچ مڪمل ٿيڻ واري آهي. زال : ڌوڙ پَيا! جڏهن ڏِس سائنس، جڏهن سائنس! ڀلا توکي سائنس پڙهي ڪهڙو عالم لوهار ٿيڻو آهي ؟؟ آئنسٽائن: پليز جان ائين نه چئو... سائنس منهنجي زندگي آهي آئون هروقت سائنس جي حصار ۾ رهندو آهيان.. زال : هائي.. هائي... شادي کان پهرين ته تون چيو هو ته آئون ٽنڊوآدم ۾ ٿو رهان ؟؟؟ آئنسٽائن: اوهو جان.. منهنجو مطلب آهي ته آئون هروقت سائنس ۾ گُم رهندو آهيان ، سائنس منهنجو عشق آهي.. منهنجو پيار آهي.. زال : لک لعنت تنهنجي عشق تي... جيڪڏهن ايترو وڏو سائنسدان آهين ته منهنجي هڪ ڳالھ جو جواب ڏي...! آئنسٽائن : پُڇو جان...! زال : عورت جيڪڏهن واهياتي تي لهي اچي ته ورلڊ ريڪارڊ ٺاهڻ لاءِ ڇا ڪجهه ڪري سگھي ٿي ؟؟ آئنسٽائن : پليز جان.. اهڙا سوال نه پُڇ... آئون آئنسٽائن آهيان ، ويناملڪ ناهيان..!!! زال : اڙي! اهو ته صفا آسان سوال هو... هل ٺيڪ اهو ٻڌاءِ ته منهنجي وڏي ماسيءَ جو السر ڪڏهن ختم ٿيندو ؟؟ آئنسٽائن : او.... ممم. مونکي ڪهڙي خبر!؟؟؟ زال : مونکي پهرين خبر هئي ته توجهڙي نڪمي کي ته ڪانچ ( شلوار) ۾ اڳٺ وجھڻ به نٿو اچي هليو آ سائنسدان ٿيڻ.. هوننههه!! آئنسٽائن : پپ.. پليز جان.... جيڪڏهن اجازت هُجي ته ٿورو ڪم ڪري وٺان . ؟؟؟ زال : اوئي. توکي ڪهڙو ڪم ڪرڻو آهي ؟ واندو ويهي کائين پيو.. هزار ڀيرا چيو اٿم ته منهنجي چاچي جي پٽ سان گڏ ڀاڄي مارڪيٽ ويندو ڪر.. اهو به وڏو سائنسدان آهي.. آئنسٽائن : اڇا!! اهو ڇا ڪندو آهي جان ؟؟ زال : ڀاڄي مارڪيٽ ۾ وڏا ۽ ننڍا بصر الڳ ڪندو آهي..!!! آئنسٽائن : لاحول ولا قوة .. جان ڪٿي هُو، ڪٿي آئون ؟؟؟ زال : ظاهر آهي.. ڪٿي هُو روز ٻه سئو روپيا ڪمائڻ وارو ۽ ڪٿي ٿون ساهرن جي ٽُڪڙن تي پلجڻ وارو...! آئنسٽائن : پليز جان.. ائين ته نه چئو... منهنجا ساهراڻا ته پاڻ لنگر تي گذارو ٿا ڪَن...!! زال : زال : چا چيئي ؟؟؟ اڙي تنهنجو ٻيڙو ٻُڏي... تنهنجي ريسرچ ۾ ڪيڙا پوَن.. اُهي مدد نه ڪَن ته تون بکيو مري ويندين..!!! آئنسٽائن : اڇا ! پليز جان... اهو جھيڙو پوءِ ڪري وٺجانءِ .. منهنجو ذهن ڪنهن ٻئي پاسي آهي..!! زال : مونکي پهرين ئي شڪ هو ته، سامهون واري پاڙيسريءَ جي گھر جي دَري به ٿوري کُليل آهي ، سچ سچ ٻڌاءِ آئنسٽائن... تنهنجو ذهن ڪهڙي پاسي آهي ؟؟؟ ڪوڙ ڳالهايئي ته تنهنجي سائنس بند ڪري ڇڏينديس.. آئنسٽائن : فار گاڊ سيڪ جان.. (خدا جي واسطي جان..) مون وٽ اهڙن ڪمن لاءِ وقت ناهي، منهنجو دماغ ته هروقت پنهنجي سائنسي ڪمن ۾ مگن رهي ٿو.. زال : سڀ خبر آ تنهنجي نڪمي سائنسي دماغ جي... ٽي.وي جو ريمورٽ ته توکان صحيح ٿئي ڪونه ٿو.. وڏو آيو آ سائنسدان.. هونههه ....!!! آئنسٽائن : (آھ ڀريندي) ٺيڪ آهي منهنجي جان... اڄ کان سائنس ختم، سڀاڻ کان آئون به ڀاڄي مارڪيٽ ويندس....!!! زال : (خوشيءَ مان ) واقعي ؟؟؟؟ هائي آئنسٽائن ... تون ڪيترو سٺو آهين....! (اردو جي ليکڪ گل نوخيز اختر جي ڪتاب ”چهري “ مان ورتل .. )
”مزا اِهي آهن ته ماڻهون خوش رهندو آهي.. (ڪجهه وقت لا..) پر مصيبتو تڏهن ٿينديون آهن جڏهن زالون ضد ڪنديون آهن.. “ *قول : چاچو آچار انبپوري...
شادي شده زندگي بھترين زندگي آھي اگر جيڪڏھن ھمسفرن جو ھڪ ٻئي سال پيار ھجي، پر ساھرن جي ٽڪرن تي پلجندڙن جا حال ھميشه ھيڻا ھوندا آھن، زال مڙس جو رشتو دلچسپ انوکو ۽ راحت بخش آھي.