خدابخش جويو 4 شعبان مطابق 23 مئي 2015ع تي سن ۾ سيدحيدر شاهه سنائي رحمت الله عليه جو 500 سئو ساله عرس مبارڪ گذريو. حسب دستور هر سال جيان ملهائجندڙ هيءءُ ٽي روزه عرس مبارڪ ته ٿيندو آهي پر هن سال، هيءُ عرس مبارڪ پنج سئو ساله هو.. ان ڪري وڏي اهميت وارو هو.انهن ٽنهي ڏينهن تي روايتي رسمن کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي پروگرام ترتيب ڏ نا ويا هئا. ۽ شاهه حيدر سنائي جي زندگي تي ڊاڪٽر ضياءُ شاهه طرفان تحقيق ۽ ترتيب ڏنل ڪتاب “ شاهه حيدر سنائي رحمت الله عليه” جي مهورتي تقريب پڻ ٿي. جنهن ۾ سنڌ جا ناميارن اديبن، دانشورن ۽ سياستدان شرڪت ڪري، شاهه حيدر سنائي رحمتالله عليه جي زندگي ۽ فلسفي تي روشني وڌي. هيءُ پهريون دفعو هو جو شاهه حيدر جي زندگي، سندس خاندان ۽ سن جي تاريخ تي مواد کي هڪ هنڌ گڏ ڪري شايع ڪيو ويو آهي. ان ڪتاب جي اشاعت شاهه حيدر ايڊيوڪينل سوسائٽي پاران ٿي آهي . ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جو ٽائيٽل تمام خوبصورت ۽ خود ڳالهائيندڙ آهي. جنهن جي پس منظر ۾ رني ڪوٽ ۽ شاهه حيدر رحمت الله عليه جي مزار ۽ شاهه حيدر سنائي رحمت الله عله جي چوڏهين سجاد نشين سائين جي ايم سيد جي تصوير ڏنل آهي. هن اهم ڪتاب ۾ شاهه حيدر سنائي رحمت الله عليه متعلق سائين جي ايم سيد سميت اهم اديبن پاران لکتون شامل آهن.هي ڪتاب “ شاه حيدر سنائي“ جي رونمائي وقت منهنجو پڙهيل ڪتاب جو مختصر تعارف آهي ڊاڪٽر سيد ضياءُ شاه جي تحقيق ۽ ترتيب ڏنل ڪتاب“شاه حيدر سنائي رحمت الله عليه“ جي صفحي 50 تي عبدالواحد آريسر پنهنجي مضمون “مخدوم بلاول جو عظيم ساٿي شاهه حيدر سنائي” ۾ لکن ٿا ته: “مخدوم بلاول سنڌ ڌرتيءَ جو محب وطن، انسان دوست، بهادر ۽ مثالي انسان ٿي گذريو آهي. جڏهن سنڌ جا حڪمران ڌارئين ظالم حملي آور شاهه بيگ ارغون کان شڪست کائي ويا، تڏهن هن مرد مجاهد پنهنجي ڪيترن ساٿين ۽ سنڌي عوام سان گڏجي، وطن سنڌ جي آزاديءَ لاءِ ڌارين ارغونن خلاف مزاحمتي جنگ جاري رکي. شاهه بيگ ارغون ڏٺو ته جيڪڏهن سنڌ جي هن وڏي عالم ۽ ولي الله جي تڪڙي گرفتاري ڪئي وئي ته سڄيءَ سنڌ ۾ عوامي تحريڪ ڀڙڪي اٿندي، ان ڪري هن هڪ ڊگھي سازش هيٺ فريب ۽ مڪر وسيلي ويڪائو ملن کان فتوائون وٺي، مخدوم صاحب کي گھاڻي ۾ پيڙائي شهيد ڪرائي ڇڏيو. مخدوم صاحب جي شهادت کانپوءِ سندس بهادر ساٿين ۽ محب وطن خليفن وطن جي آزاديءَ جي جنگ جاري رکي ۽ مٿن ڌارين حاڪمن، ظلمن جا پهاڙ ڪيرائي ڇڏيا. مخدوم صاحب جي ساٿين ۽ خليفن ۾ سيد حيدر شاهه سنائي (سن)، مخدوم ساهڙ لنجار (انڙپور)، مخدوم ميان مٺو عرف مخدوم رڪن الدين (ٺٽو)، مخدوم محمد عثمان هنڱورو (گچيرو)، مخدوم سعد عرف ملان ساند بلاولي (سڪرنڊ)، مخدوم حسن لاکو (ڀاڻوٺ)، بيبي راڻي رونجھي (محرابپور) ۽ سخي ڄام ڏاتار (نوابشاهه) جا نالا وڏي اهميت رکن ٿا.” ڊاڪٽر ضياءَ شاه انهيءَ ساڳي ڪتاب جي صفحي نمبر 10 ۽ 11 تي پنهنجي تحقيق ڪيل مضمون “قديم سنڌ ۽ شاهه حيدر رحمت الله علي جو دور” ۾ لکن ٿا ته: “سمن جي دور تائين هندستان ۾ چشتي ، قادري ، سهروردي ۽ نقشبندي طريقا اچي چڪا هئا. پر سنڌ تي اڪثر سهروردي طريقو غالب هو. مخدوم بلاول ۽ ان جا شاگرد جي بلاولي تحريڪ جو حصو هئا سي سڀ به سهروردي طريقت جي ڪبرويه شاخ سان وابسته هئا. شاهه حيدر سنائي رحمت الله عليه (936_1436هه) بمطابق (1530ع_1470ع) جي دور ۾ سنڌ تي ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو (1508ع_1461ع) جي حڪومت هئي جنهن کانپوءِ سندس فرزند ڄام فيروز سمون حڪومت تي ويٺو جو 1520ع ۾شاهه بيگ ارغون جي سنڌ تي قبضي کانپوءِ ارغون دور حڪومت رهيو. شاهه حيدر سنائي رحمت الله عليه جي دور ۾ سنڌ ۾ سندن هم عصر ۾ سندن مرشد مخدوم بلاول رحمت الله عليه ۽ بلاولي تحريڪ جا ساٿي مخدوم ميان مٺو ، مخدوم ساهڙ ، مخدوم حسن بلالي ، مخدوم ساند ، مخدوم هنڱورو رحه کان علاوه لڪي ۾ ميان عبدالرزاق لڪياري ، شيخ ڀرڪيو ، محمد نوح رحه هالا (1590ع_1500ع) ۽ قاضي قاضن جو بلاولي تحريڪ جو مخالف هو ۽ مهدوي تحريڪ جو حامي هو ۽ ارغونن کان قاضي جو عهدو وٺي بلاولي تحريڪ جي بزرگن کي مارائڻ ۾ شامل هئو. شاهه عبدالڪريم بلڙي (1523ع) ڌاري ڄائو هئو جو شاهه حيدر رحه جي آخري دور جو آهي. ان دور ۾ سنڌ جي اوڀر طرف گجرات تي محمد بيگڙو (1511ع_1458ع) جي حڪمراني هئي ۽ اتر ۾ ملتان تي حسين لانگاهه (1502ع_1460ع) جي حڪمراني هئي. هندستان تي لوڌي گهراڻي جي بهلول لوڌي (1489ع_1451ع) دهلي ۾ حڪمران هو. ڪشمير تي سلطان زين العابدين (1470ع_1420ع) جي حڪمراني ، دکن تي سلطان محمود بهتي (1518ع_1482ع) ، مانڊو تي غياث الدين خلجي (1500ع_1468ع) جي حڪمراني هئي.” ڊاڪٽر ضياءَ شاه انهيءَ ڪتاب جي صفحي نمبر54 تي سيد امداد محمد شاهه پنهنجي مضمون “ بزرگ شاهه حيدر سنائي” ۾ لکن ٿا ته: “شاهه حيدر رحمته الله عليه جي تاريخ سنڌ جي انهن سرفروشن جي ڪارڪنن ۾ اچي ٿي جن ڌارين جي سنڌ تي قبضي جي هميشه مخالفت ڪئي، سمن جي دور ۾ حڪومت ۾ جڏهن هندستان مان اچي مخدوم ميران جونپوري سمن حاڪمن جي معرفت سمن جي مدد سان پاڻ کي نام نهاد مهدي سڏائي سنڌ ۾ بعيتون حاصل ڪيون تڏهن اسان جي مرشد مخدوم بلاول رحمته الله عليه انهيءِ جي شدت سان مخالفت ڪئي ۽ مخدوم ميران جونپوري سن کان لانگاهو ٿيو ته حضرت شاهه حيدر جي راڄن سندس ٻيڙن تي حملو ڪيو ۽ مخدوم ميران جونپوري جا سپاهي بدحواسي جي عالم ۾ سن کان پوئتي هٽي ٺٽي ننگر کان هي ملڪ ڇڏي ڀڄي ويا مخدوم بلاول کي خبر پئي ته سمان حاڪم سخت ناراض ٿيا آهن ۽ سندس مڪتب فڪر بلاول جي ماڻهن ۽ پوئلڳن کي قتل ڪرڻ جو ارادو رکيو اٿن جن ۾ شاهه حيدر ، مخدوم هنڱورو گچيري وارو ۽ ٻين کي هدايتون موڪليائين ته توهان ملڪ مان هجرت ڪري ٻاهر وڃو جيستائين حالتون سازگار رهن باقي آئون پنهنجو هيڊڪواٽر نه ڇڏيندس پوءِ جيڪي مون تي آيو انهيءِ کي منهن ڏيندس. سمن حاڪمن کي اها به معلومات حاصل ٿي ته سن ۾ مخدوم ميران جونپوري جي ٻيڙن تي حملو ۽ ڪوڙي مهدي سڌائڻ جي بعيت نه ڪرڻ جون هدايتون سڄيون مخدوم بلاول جي طرفان هيون. ارغونن مذهبي رنگ ۾ حڪومت تي فائز ٿيا . پاڻ فتوائون ڏياري جڙتو ڪيس ٺاهيو ۽ مخدوم بلاول کي گهاڻي ۾ (چيچڙي) ۾ پيڙهايو ويو” ڊاڪٽر سيد ضياءُ شاه پنهنجي تحقيق ڪيل ڪتاب جي صفحي نمبر56 تي “بزرگ شاه حيدر سنائي رحمت الله عليه” جي عنوان سان مضمون ۾ لکن ٿا ته: . “سيد حيدر عليه رحمته الله عرف شاهه حيدر يا ميون حيدر (ميان حيدر) جو تعلق ڪاظمي سيد جي مٽياري شاخ سان آهي. سندن خاندان امام موسٰي ڪاظم عليه جي فرزند سيد جعفر ثاني الهواري جي پشت مان آهي، جنهن مان سيد حيدر سنڌ ۾ آيو ۽ هالا ڀرسان ويٺو ۽ اتي سندس فرزند سيد امير علي ڄائو جنهن جو خاندان اڳتي هلي مٽياري ۾ ويٺو ۽ اڳتي مٽياري مشهور ٿيو. سنائي سيدن جو تعلق مٽياري سادات شاخ جي ميان پوٽه پاڙي مان آهي روايت آهي ته شاهه حيدر رحه جي ولادت به مٽياري ۾ ٿي سندن ڏاڏو بدرالدين شاهه ولد سخي ابراهيم شاهه اڪثر ڪري مٽياري کان درياء ٽپي کانوٽ لڳ ڪوريجن جي ڳوٺ جي ڀرسان ٺٽ نالي ڳوٺ ۾ ايندا هئا. سندن دوستي ان وقت جي حاڪم ڄام نظام الدين سمون جي وزير نواب درياءِ خان عرف دولهه دريا خان سان هوندي هئي. ان زماني ۾ چانگ قبيلي جا ماڻهو ڪوٽڙي تعلقي ۾ گهڻو هوندا هئا ۽ اڪثر ڪري چوريون ، ڌاڙا هڻي گذارو ڪندا هئا ۽ روايت مطابق سن شهر ۾ به اڪثر چانگ هوندا هئا انهن جي ڏوهن حڪومت کي گهڻو پريشان ڪيو هو ۽ ان لاءِ ڄام نظام پنهنجي وزير دولهه درياءِ خان تي ڪم رکيو ته امن امان قائم ڪرائي. دولهه دريا خان وري اهو ڪم سيد بدرالدين شاهه تي رکيو ۽ پنهنجا سپاهي ساڻ ڪري ڏنائين ته وڃي ڏوهه ختم ڪرايو . سيد بدرالدين شاهه چانگن سان گهڻائي مقابلا ڪيا ۽ نيٺ انهن کي ڀڄائي ڪڍيو آخرڪار رني ڪوٽ جي ڀر ۾ آخري مقابلو ڪيو جنهن ۾ سندن والد سيد سخي ابراهيم شاهه ۽ ڀاءُ ڌڻي ڏنو شاهه شهيد ٿي ويا پر پاڻ چانگن کي ختم ڪيائون. جنهن تي کين ڄام نظام درياء خان معرفت گهوڙي ڊوڙ جاگير ڏني وئي، جنهن مطابق صبح سج اڀرڻ کان لهڻ تائين جيستائين گهوڙو ڊوڙندو اها سڄي جاگير کين ڏني ويندي جيڪا آمري کان وٺي کانوٽ تائين ٿي جهن کانپوءِ سيد بدرالدين شاهه سن شهر ۾ 900هه جي شروعات ۾ رهڻ لڳا” ڪتاب“شاه حيدر سنائي رحمت الله عليه“ جي صفحي 19 ۽ 20 تي سائين جي ايم سيد پنهنجي مضمون “ سنائي سيدن جي مشهور ۽ مکيه ماڻهن جو احوال ۾ لکن ٿا ته:“. ڏيهن صدي هجري جو اوائل هو. انهن ڏينهن ۾ سيد محمد ميران جونپوري جيڪو وڏو صاحب ولايت عالم ، بزرگ هو، تنهن تجديد اسلام لاءِ جدوجهد شروع ڪري مختلف ملڪن جو سير سفر شروع ڪري ڏنو هو. ڪيترا وقت جا ننڍا ننڍا حاڪم سندس مريدن جي حلقي ۾ داخل ٿيا. سو سنڌ ۾ آيو . ٺٽي ۾ رهڻ وقت ڄام نظام الدين سمي سندس سٺي خاطر تواضع ڪري حق ميزباني ادا ڪيا. ان جي درٻار مان قاضي قاضن سندس مريدن ۾ داخل ٿيو. پوءِ افغانستان وڃڻ جي ارادي هو دريا سنڌ جي رستي ٻيڙين ۾ سکر طرف وڃي رهيو هو. سندس ڪن مريدن غلو ۾ اچي کيس مهدي آخر زمان سان تعبير ڏيڻ شروع ڪيو. مسلمانن ۾ اهو خيال گهڻي وقت کان ويٺل آهي ته تجديد اسلام لاءِ جڏهين امام مهدي جو ظهور ٿيندو ته هر هڪ مسلمان تي سندس بيعت ڪرڻ واجب ٿيندي . انهي نقطه نگاهه ڪري ، جتان به سيد صاحب لنگهندو هو يا اقامت ڪندو هو ته سندس پوئلڳ مڪاني بزرگن ۽ حاڪمن کي سندس بيعت ڪرڻ لاءِ چوندا هئا. بعضي حالات ۾ ان لاءِ تشدد کان به ڪم ورتو ويندو هو. اها ڳالهه زبان زد عام هئي . ان ڳالهه سنڌ ۾ مکيه درويشن ۽ بزرگن ۾ چميگويون پيدا ڪيون . ان سوال تي غور ڪرڻ لاءِ مخدوم بلاول وٽ سندس خليفا گڏ ٿيا. ۽ مشورو ڪيائون، ان کانپوءِ سيد ميان عبدالرزاق شاهه لڪياري جي خدمت ۾ آس پاس جا بزرگ گڏ ٿيا. آخر فيصلو ٿيو ته هي شخص مهدي آخر زمان ٿي نٿو سگهي جو اهي نشانيون اڃان پيدا نه ٿيون هيون. تنهنڪري سندس بيعت ڪرڻ ضروري نه هئي. جيئن ته سيد صاحب ٺٽي کان اچي رهيو هو. سن جو ڳوٺ لڪي ، سيوهڻ ، ۽ باغبان کان اڳ ٿي آيو ان ڪري سيد حيدر تي انهي بيعت جي مخالفت جو بار رکيو ويو. ميان عبدالرزاق شاهه پنهنجو خليفو ميان عبدالطيف شيخ به ساڻس گڏي ڏنو. ” سيد ميران شاهه جونپوري جي ٻيڙين جو قافله جڏهين سن جي ڀر ۾ آيو ته سندس خليفن ميان حيدر رحمت عليه ڏي دستور مطابق پيغام موڪليو ته بيعت ڪري سامان رسد ڏي ۽ ٻيڙيون ماڻهن کان ڇڪارائي پنهنجي حد ٽپائي شاهه صاحب جواب موڪليو ته مهمان نوازي جي خيال کان سندس خاطر تواضع ڪرڻ واجب ٿيو پوي پر جنهن صورت ۾ ان سان ٻه شرط لازم هئا يعني بيعت ڪرڻ ۽ ٻيڙيون ڇڪائي حد ٽپائڻ جا، جي شرط سندس مثابعت جي برار هئا. ان ڪري مجبورن نه مونکي سندس خدمت ۾ اچڻو هو ۽ نه ئي سندس ٻيڙيون ٽپائي پار ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻي هئي. بلڪه درياء ذريعي مسافري ڪري اڳتي هلي اسان جي بزرگن کي تڪليف ۾ آڻڻ کان جان ڇڏائڻ لاءِ اسان ٻيڙين جي اڳتي هلڻ ۾ به رڪاوٽ وجهنداسون. سيد صاحب جي خليفن ان تي تنگ طلبي ڪئي، ان تي شاهه حيدر عليه رحمت پنهنجا معتقد گڏ ڪري مورڳو ٻيڙين جا تختا ڪڍرائي ڇڏيا. مڪاني طرح تي ايئن مشهور ٿيل آهي ته پاڻ ڪرامت جي ذريعي سندس ٻيڙي ٻوڙي ڇڏيائون.” اهڙيءَ طرح ان ڪتاب جي صفحي 69 تي تاج جويو پنهنجي مضمون ”محب وطن بزرگ سيد حيدر سنائي“ ۾ لکن ٿا ته: “مخدوم بلاول جي حڪم تي شاهه حيدر سن ڇڏي گجرات وڃي نڪتو، جتي ڪافي سال لشڪر گڏ ڪندو رهيو. دولهه دريا خان ٺٽي جي چانئٺ تي ڌارين سان وڙهندي شهادت پاتي، شاهه حيدر ڳجهي نموني ارغونن خلاف مزاحمتي جنگ جاري رکي ۽ گجرات کان واپس اچي سن ۾ رهيو، عام ماڻهن ۾ وطن جي حفاظت لاءِ تبليغ ۽ پرچار شروع ڪيائين. ذاتي زمين راڄن ۾ ورهائي ڇڏيائين ۽ صرف ٿوري زمين لنگر لاءِ پاڻ وٽ رکي، گذران ڪرڻ لڳو، مخدوم بلاول جي خليفن ۾ بيبي رونجهي به شامل هئي، جيڪا شاهه حيدر جي گهر ۾ بورچياڻي هئي. اها به وڏي محب وطن عورت هئي، جنهن جي مزار محرابپور (تعلقي سڪرنڊ) ۾ آهي، جتي هر مهيني چوڏهين ٿيندي آهي. شاهه حيدر مٽياري ساداتن مان وڏو بزرگ هو، سندس اولاد مان سيد ڇتن شاهه ٻالڪپڻ ۾ نادر شاهه کي للڪاريو هو، جيڪو سنڌ کي لُٽڻ آيو هو. شاهه حيدر جي چوڏهينءَ پشت مان سائين جي. ايم. سيد، جديد سنڌي قومپرستيءَ جو باني ۽ سنڌ جي آزاديءَ جو لازوال ڪردار ٿي گذريو آهي. اڄ سنڌ، سائين جي. ايم. سيد جي فڪري واٽ تي هلي رهي آهي ۽ اها واٽ شاهه حيدر سنائيءَ جي واٽ آهي، شهيد مخدوم بلاول جي واٽ آهي.” محمد ايوب عمراڻي ساڳي ڪتاب جي صفحي 75 تي پنهنجي مضمون ، ”شاه حيدر سنائي رحمتالله عليه سنڌ جو عظيم سپوت “ ۾ لکي ٿو ته: “سن اڄ کان پنچ سئو سال اڳ سنڌ جي نقشي ۾ هڪ ڳاڙهو ٽٻڪو هو ۽ اڄ به آهي جيتوڻيڪ سن ۾ اڄ شاهه حيدر سنائيء جسماني طور موجود ناهي ۽ شاهه بيگ ارغون جو هڪ به فوجي نه بچيو آهي پوءِ به سن گهيري ۾ آهي ڇو ته شاهه حيدر سنائيء جو جسماني اولاد اڄ به ان ساڳي حريت پسندي ۽ سنڌ پرستيء جي رستي تي هلي رهيو آهي جنهن رستي جو تعين اڄ کان پنج سئو سال اڳ شاهه حيدر سنائي ڪيو هو. فرق رڳو اهو آهي ته سن تي پهرا ڏيندڙ شاهه بيگ ارغون جا سپاهي نه پر ان جو روحاني اولاد آهن جيڪو اڄ به سن کي اهو ئي خطرو سمجهن ٿا جيڪو پنج سئو سال اڳ شاهه بيگ ارغون سمجهيو هو. ” ان کان سواءِ ان ڪتاب ۾ شاه حيدر سنائي رحمت الله عليه جي مرشد مخدوم بلاول تي سائين جي ايم سيد جو تحرير ڪيل تمام اهم مضمون، مخدوم بلاول جي خاص خليفن مخدوم هنڱورو،مخدوم سعد الدين بلالي، عرف ملان ساند، مخدوم ساهڙ،مخدوم حسن مقري،مخدوم رڪن الدين عرف مخدوم متو يا مخدوم مٺو جي زندگين جا احوال شامل آهن جڏهن ته سائين جي ايم سيد، جيجي درشهوار، سيد امير حيدر شاه، امداد محمد شاه سميت سيد خاندان جي موجوده اهم فردن جا پڻ احوال ڏنل آهن.280 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ سن جي سماجي، علمي ثقافتي ڪردارن تي مشتمل شخصيتن جا پروفائيل، سائين جي ايم سيد جي مزار، ڪتب خانو سندس ڪچهريءَ جي ساٿين جو تعارف سندس خدمتگارن ۽ شهرين جو ساروڻيون ۽ شاه حيدر سنائي جي درگاهه، ميلي ۽ درگاه جي مجاورن جي ذڪر کان سواءِ سن تايخ جي روشنيءَ ۾ ، عالمن جي راين ۽ سن جي تاريخي جاين متعلق مواد آهي. هن زخيم ڪتاب جو ڇپيندڙ سنڌيڪا اڪيڊمي ۽ پبلشر شاه حيدر ايڊيو ڪيشنل سوسائٽي سن آهي.