محمد خان سيال
سينيئر رڪن
منهنجي ڊيسڪ ٽاپ ڪمپيوٽر ۾ نئون مسئلو پيدا ٿي پيو آهي ـ سنڌ سلامت جي دوستن کي گھڻو ڪري تڪليف ڏيندو رهندو آهيان، اميد آهي ته هن ڀيري به گائيڊ ڪندا ـ
مون وٽ ڊيسڪ ٽاپ ڪمپيوٽر آهي ـ ونڊو 7 الٽيميٽ ـ مائيڪرو سافٽ آفيس 2007 لڳل اٿس ـ ريم ميموري 2 جي بي، آهي ـ ڊيل ڪمپنيءَ جو آهي ـ 32 بٽ آپريٽنگ سسٽم اٿس، ونڊو ايڪسپيرئنس انڊيڪس 3.3 ريٽنگ آهي ۽ پروسيسر انٽيل جو آهي. سوا سال اڳ خريد ڪيو هئم ـ
ڪالهه اينٽي وائرس ايوسٽ پروگرام هلڻ کانپوءِ ڪجھه وائرس کان متاثر فائيل ڏيکاريائين جنهن کي مون ڊليٽ ڪيو جيتوڻيڪ ريپيئر ۽ چيسٽ موڪلڻ وغيرهه جا به آپريشن موجود هئا. بهرحال، تفصيلي اسڪيننگ ٿي هئي، سو مون چيڪ ڪرڻ کانسواءِ گھڻائي فائيل ڊليٽ ڪري ڇڏيا ـ ان کانپوءِ هڪ ڀيرو ڪمپيوٽرکوليم ته هليو ـ ڪلاڪ کن کان پوءِ وري بند ڪيم ته هاڻ ڪونه ٿو هلي ـ سي پي يو ۾ هلائڻ واري بٽڻ اندر لاڳيتو ڳاڙهي بتي ٻري ۽ وسامي ٿي جڏهن ته مانيٽر تي ڪجھه به نظر ڪونه ٿو اچي ـ گھڻو وقت ڪمپيوٽر بند ڪري پوءِ هلاءِ تي به ساڳيو مسئلو پيش اچي ٿو ـ
مهرباني ڪري دوست صلاح ڏين:
01 ڇا نئين ونڊو پوندي يا ڪو ٻيو مسئلو آهي ـ جيڪڏهن ٻيو مسئلو آهي ته ان جو ڪو حل؟
02 ـ جيڪڏهن نئين ونڊوجو مسئلو آهي ته هن ڀيري به الٽيميٽ 7 وجھرايان يا اوهان ڪا نئي صلاح ڏيندا؟
اميد ته دوست گائيڊ ڪندا ـ انتظار رهندو ـ کين تڪليف ڏيڻ جي اڳواٽ معذرت ـ

انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: