السلام عليڪم دوستو
دوستو چونداآهين ته دوست جي دوستي کي آزمائڻ گهرجي ته هو اوهان سان ڪيترو مخلص آهي ۽ اوهان سان ڪيتري محبت ڪري ٿو ليڪن مان اڃا ڪو به فيصلو ناهيان ڪري سگهيو ته ائين ڪرڻ درست آهي يا نه اسان گهڻن ئي اهڙن ماڻهن سان اهڙا ناتا رکي ويهندا آهيون ۽ انهن سان پهنجو سڀ ڪجه وابستا ڪري ويهندا آهيون ليڪن اڳين کي اها خبر به هوندي آهي ته انهن جي لا اسان جي دل ۾ ڪيتري جڳه هوندي آهي يا خبر هوندي به آهي ته اهي هرو ڀرو اسان کي آزمائيڻ جي ڪوشش ڪندا آهين ۔مون سان به اهڙو ئي واقعو پيش آيو جنهن جي ڪري مان اڃا به صدمي ۾ آهيان ۽ اوهان سان هتي شيئر ڪري رهيو آهيان تاڪه اوهان تائين پهنجي ان خيال کي پهچائي سگهان ته خدارا هر ڪنهن کي ناهي آزمائبو اسان جي آزمائش ڪنهن جي جي لاء ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔
ٽي ڏينهن پهريان مون وٽ مظفر آباد ڪشمير جي
دوست جي پرسنل نمبر تان ايس ام اس آيو ته مهنجي ان دوست جي فوتگي ٿي وئي آهي ۽ ان لاء مغفرت جي دعا ڪندا جڏنهن مون اها خبر پڙهي ته مون کي ڪيترن منٽن جي لاء سڪتو طاري ٿي ويو مان نه زنده هيس ۽ نه ئي مرده چورائي ٿي سگهيس ۔۔ ڪافي دير کان پوء جڏينهن مون کي هوش آيو ته مون پاڪستان بيڪ ۾ ان نمبر تي ڪال ڪئي ته نمبر به بند هاڻي مان ڇا ڪيان مون روئي روئي پهنجا حال ئي خراب ڪري ڇڏيو ۽ مسلسل نمبر به بند مان پرديس بحر حال ٽن ڏينهن کان پوء اڄ مون وٽ فون آيو ۽ ان مون سان ڳالهايو ۽ مون کي تمام سادگي سان اهو جواب ڏنو ته مان ڏسڻ ٿي چاهيم ته اوهان مون سان ڪيتري محبت ڪندا آهيو ۔ مون به سادگي سان اهو جواب ڏئي فون بند ڪري ڇڏي ته مان مردن سن ناهيان ڳالهائيندو ماڻهون پاڳل سمجهندا مون کي ۔
مون کي ڏک ان ڳاله جو نه آهي ته هن دوست مون سان ڪوڙ ڳالهايو مون کي آزمائڻ جي لاء ليڪن ڏک ان ڳاله جو آهي ته ڇا آزمائڻ جا به ڪجه اصول هوندا آهين يا نه ؟ ڇا اسان هر اصول کي لتاڙي ڪري ڪنهن کي اهڙي صدمي ۾ مبتلا ڪرڻ جو حق ڪنهن کي به ڏئي ڇڏيون ؟يا ان جي لاء اهو لازمي آهي ته اسان جنهن سان محبت ڪيون ٿا ان جي لاء اهو به سوچيون ته اسان جي ڪنهن معمولي مذاق سان اڳين جي دل تي ڇا گزرندي يا ان تي ڪهڙو اثر ٿيندو ان تي اسان غور ڇو ناهيون ڪندا؟؟؟
۽ خاص ڪري اسان کي ان وقت اڏک اڃا به گهڻو ٿيندو آهي جڏنهن اڳلو ماڻيهون انهن سڀني پيچيدگين کي سمجهڻ باوجود اهڙي مزاق ڪري
ڇو ته مهنجي ان دوست کي خود کان وڌيڪ مون تي يقين آهي ته مان ان سان ڪيترو مخلص آهيان ۽ ان جي مون وٽ ڪيتري قدر و قيمت آهي ۔ ڇو ته پڙهيل لکيل ۽ هجڻ سان گڏ ايتري سمجهدار آهي جو مون کي اڄ تائين اهڙي ماڻهون نه مليو آهي ان ئي ڪري هو مهنجو آئڊيل به آهي ۽ اتفاق جي ڳاله اها ته هو ڊاڪٽر به آهي ۽ اڳلي کي اسان جي ڳاله سان ڪيترو صدمو پهچندو ان ڪيفيت کي صحيح طرح سان سمجهي به سگهي ٿو ۔ ليڪن ان باوجود به ان جو اهو مذاق مان اڃان تائين سمجهي ناهيان سگهيو ته ڇو هو ۔ ۔
هاڻي مهنجي دوست جا ايترا اس ام اس اچن پيا ته آئي يم سوري ليڪن ڇا اهڙي ماڻهون جي لاء سوري جي گنجائش هجڻ کپي يا نه ؟حالانڪه هون مون کان به گهڻو رنو آهي پهنجي ان غلطي تي ۔ُ
هاڻي اوهان ئي فيصلو ڪري ٻڌايو ته ڇا مهنجي ان دوست کي اهڙي مذاق ڪرڻ کپندي هئي يا نه ؟ بحرحال اوهان جو جواب ڇا به هجي مهنجي اوهان سڀني دوستن کي اها ئي گذارش آهي ته خدارا اسان ڪنهن سان به مزاق ڪرڻ کا پهريان اڳين جي باري ۾ به ضرور سوچيون ته اسان جي اهان مذاق جيڪا اسان جي لاء معمولي ڳاله آهي اڳين جي دل تي ڪهڙو طوفان کڻي ايندي ؟
ان ڪري پليز ڪنهن کي به آزمائڻ کان پهريان چند لمحن جي لاء ٍضرور سوچيندا