سائين سيد عبدالفتاح شاھ بخاري

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عبدالغني لوهار طرفان آندل موضوعَ ‏29 مئي 2015۔

  1. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    [​IMG]
    (سائين جن جي پوٽي سيد علي مرتضى بخاري جي ٿورن سان)
    سنڌ ڌرتي عظيم مفڪرن، شاعرن، اديبن، دانشورن، صوفين ، اوليائن ۽ بزرگن کي جنم ڏيندي رهي آهي.جيڪي پنهنجي فڪر، شاعري، فلسفي ۽ صوفي طرز عمل وسيلي حق ۽ باطل جي سڃاڻپ ڪرائي ساڃاهه جي سوچ ورهائيندا آيا آهن. اهڙن صوفي درويش صفت انسانن مان حضرت سيد عبدالفتاح شاهه بُخاري جو نالو به اُتم آهي. هن بزرگ هستي جو جنم 4 رجب بروز ڇنڇر 1321 هجري مطابق 1905ع ۾ ٽنڊو محمد خان شهر ۾ سيد غلام محمد شاهه جي گهر ۾ ٿيو. ستن... سالن جي عمر ۾ سندس والده ماجده انتقال ڪري وئي ته سندن پرورش سندس پُڦيءَ جي سر تي آئي. شاهه صاحب انهيءَ عمر ۾ هو ته سندس والد به 1912ع ۾ هي جهان ڇڏي ويو. جنهن کان پوءِ سندس سار سنڀال جو بار سندس چاچي سيد عبدالله شاهه تي آيو. پاڻ مولوي خير محمد وٽ قرآن شريف ۽ فارسي جي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ سنڌي پڙهڻ لاءِاسڪول ۾ ويٺو. جتان سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪري پرائمري ماستر مقرر ٿيو. سندس وڏا بخارا مان هجرت ڪري آيا هئا ۽ پاڻ چشتي طريقي سان منسلڪ هئا، سندن خانداني سلسلوحڪيم عبدالفتاح مڪين سان ملي ٿو. جيڪو هندستان جي ”طبابت جو ابو“ سڏيو ويندو هو. شاهه صاحب جي خاندان وٽ 9 سئو هجري جي قلمي ڪتابن جو وڏو ذخيرو موجود آهي، جنهن مان ثابت آهي ته کين علم۽ ادب سان به وڏو چاهه هو. 1919ع ۾ ڪي لاڏاڻا لڏي اچي ٽنڊو محمد خان ۾ ويٺا انهن جي ڪنهن خوبرو عورت سان شاهه صاحب جي نظر اٽڪي پئي. جنهن کيس عشق جا سُرور چاڙهي ڇڏيا، هفتي بعد لاڏاڻا ته لڏي ويا پر شاهه صاحب بيچيني سان سندن ڳولا ۾ سرگردان رهيو. ان دؤران پاڻ اڪثر رات جو گهران نڪري ڪنهن قبرستان جي ڪُنڊ وڃي وسائيندا هئا. مسلسل ڇهن مهينن تائين سندن اها حالت رهي جو کاڌي پيتي، ۽ ڪپڙي لٽي جو ڪو به اونوڪونه هئن. آخر ڪار ٽنڊو محمد خان لڳ ٽنڊو سائينداد ۾ سندن ڏاڏي سخي مرتضى شاهه جي قبر تي راتيون گُذارڻ لڳا. جتان عشق مجازيءَ مان عشق حقيقي جو سلسلو شروع ٿي ويو.اهڙي ريت پوءِ حياتي جو سمورو عرصو صوفيانه رمز ۾ رهيا. پاڻ صوفياڻي راڳ جا سُٺا ڄاڻو هُئا. ان شوق ۾ پاڻ ڪافيون ۽ ڪلام به چيا اٿس، سندن آواز به ڏاڍو مٺو هو.1924ع ۾ سندن چاچي عبدالله شاهه جي وفات کان پوءِ پاڻ گهڻو وقت گهر اندر پينگهي ۾ پيو لڏندو هو. ٻه ٻه، ٽي ٽي ڏينهن ماني نه ملندي هُئي ته به گُهرندا ڪونه هُئا.درويشيءَ جو عالم اهو هو ته ڪو واقف يا اڻ واقف ماڻهو ايندو هو ته سندن نالو پُڪاري چوندا هئا ته فلاڻا، تون فلاڻي ڪم لاءِ آيو آهين، سندن مُنهن مبارڪ هميشه اُلهندي طرف هوندو هو.1926ع سندن پُڦي جي وفات سندن دل تي وڏو اثر ڪيو ۽ پاڻ هڪ ڪوٺيءَ ۾ منجيءَ تي ويهي رهيا ۽ ٻه سال انهيءَ ڪوٺيءَ ۾ بند رهيا. درويش صفات خوبين سبب لکين ماڻهو سندن ديدار لاءِپري پري کان سوالي بنجي ايندا هئا، جيڪي مٺايون، ميوا، کاڌي پيتي جون شيون ۽ ٻيو سامان کڻي ايندا هئا پر هي درويش صفت انسان انهن کان ڪجهه به نه وٺندو هو.سندس ڪرامتن جا هزارين مثال ملن ٿا، تنهنڪري سندس مريدن ۽ عقيدتمندن جو تعداد به لکن ۾ آهي. هن نامور بزرگ هستي 3 رجب 1398 هجري بروز ڇنڇر مطابق 10 جون 1978 تي هن جهان مان برقعو مٽايو. هر سال انهيءَ تاريخ تي سندن مزار ٽنڊو سائينداد ۾ سندن ڏهاڙو عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو آهي. انهيءَ ڏينهن ٽنڊومحمد خان شهر مان ميندين جا جلوس نڪرندا آهن ۽ صوفياڻي راڳ جي محفل پڻ منعقد ٿيندي آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو