حضرت صوفي علي محمد فقير ٽالپر رحمت الله عليه

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عبدالغني لوهار طرفان آندل موضوعَ ‏29 مئي 2015۔

  1. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    [​IMG]
    اهڙي حقيقي سامونڊي سيوڪن ۾ صوفي شاهه عنايت، شاهه عبدالطيف ڀٽائي، سچل سرمست، بيدل فقير، حاجي خوش خير محمد فقير هيسباڻي، صوفي شاهه نصير نوشهرو وارا ۽ ڪنڊڙيءَ جا ڪلتار صوفي روحل فقير، مراد فقير ۽ صوفي دريا خان دولهه جهڙا غواص سر فهرست آهن. ”اڃا ڀي آهين، ڪلجڳ ۾ ڪاپڙي“ جي مصداق دنيا درويشن کان خالي ناهي، سوين سالڪ سگهڙ ڪامل ولي عارف اڃا به پنهنجي پر ۾ مست مگن دنيا جي دستورن کان دور، ريتن رسمن کان آجا ۽ معنوي موجن ۾ مستغرق آهن. اهڙن عارفن مان درگاهه صوفي جلال فقير جا سجاده نشين، عاشق الستي، صوفي علي محمد فقير ٽالپر جن هئا.
    خ-خالق دا خيال جنهان ڪون، مٺي لڳي نه مايا
    سي عاشق وحدت وچ وروندي، وسري سندر ڪايا
    جي وت نينهن نمائي ڪيتي، رات ڳئي دن پايا
    روحل رتن امولڪ مليا، ڀاڳ پراپت پايا
    صوفي علي محمد فقير ٽالپر، سال 1325 هجري بمطابق 1906ع ۾ سٻاجهي سنڌ جي سرزمين تي ضلع خيرپور ميرس جي هڪ قديمي ڳوٺ ٽالپر وڏا ۾ صوفي جلال فقير جي فرزند صوفي مير محمد فقير ٽالپر جي گهر ۾ جنم ورتو. عربي، فارسي سان گڏ سنڌي تعليم ڳوٺاڻي مدرسي ۾ ان وقت جي هڪ اعليٰ دماغ مدير استاد فيض مستجاب جناب قاضي محمد روشن صاحب جن وٽ حاصل ڪئي. مگر جنهن دل جي درياهه جي ازل کان ئي رانجهن يار جي طلب تار جو طوفان ڪليجي جي ڪنارن کي ڪوريندو رهيو هجي ته پوءِ ان کي گهر ٻار ، مندر مسجد يا ويدن ڪتابن مان ڪهڙو قرار!! جيئن پاڻ انهيءَ حقيقت کي سي حرفي جي انداز ۾ بيان ڪيو اٿن:
    ج- جدائي يار تئڏي، گهر ٻار دي ڪار وسار ڏتي
    قرآن ڪتابان پڙهه نه سگهدي، ورد تنڏي نهين وار ڏتي
    عشق جڏان آذان پڙهائي، عقل اتان جنگ هار ڏتي
    علي محمد نام سهڻي دي، ڪشتي پار اڪار ڏتي
    ***
    ط- طلب تيڏي طوفان ڪيتان، ڪپ ڪور ڪليجه کاوندي هي
    شهر بحر سڀ زهر نظر دا، تڙپ تڙپ ڪر جند جاوندي هي
    غم الم فراق ڦٽي هي دلڙي، ڪونج وانگي ڪرلاوندي هي
    علي محمد دلدار بنان، ٻي مجلس مور نه ڀاوندي هي
    ننڍي هوندي ئي طبيعت شعر و شاعري ۽ فقيري حال ڏانهن مائل هئي، تنهنڪري کين عشق پاڪ کان ظاهرن وڌيڪ تعليم و تدريس مدرسي ۾ حاصل ڪرڻ جي اجازت نه ملي سگهي.
    ت- تلڪ لايم تلقين والا، هڻ زهد عبادت ڪار نهين
    حج زڪواتان ڇوڙ ڏيتم، تيڏا عشق ڏيندا اختيار نهين
    ڪعبه قبلا ڀل ڳيوسين، هڪ ڀلدا سهڻل يار نهين
    علي محمد سرڪ پلائي، سرت واري ڪائي سار نهين
    ڪنڊڙي جي درگاهه، ڪافي وقت کان ، حقيقي فيض جو عميق قلزم آهي، جنهنجي جي پاتار ۾ پدمين معنويٰ ماڻڪ موتي موجود آهي، جتان هزار ها مرد مانجهي معنويٰ ماڻڪن جي مايا ميڙي، مرڪندا موٽن ٿا. هي تصوف جي فيض جو در آبدار به اتان جي هڪ جنگ جوهري، وڏي فقير، روشن ضمير، دريا خان دولهه، معرفت جي مسڪين منگتي صوفي جلال فقير کي عطا ڪيو ۽ کين ڏاکڻين سنڌ جي اندروني علائقن ۽ راجستان جي رياستن ڏانهن وڃڻ جو حڪم صادر فرمايو. صوفي جلال فقير ٽالپر ڪشف و ڪرامت جو صاحب، ڪامل ولي، وڏو شاعر ۽ سالڪ درويش ٿي گذريو آهي. سندس ڪلام عجيب عارفانه نڪتن ۽ عاشقاڻي الٽ پلٽ واريءَ ٻولي سان هندي، سنڌي ۽ سرائڪي ٻولين ۾ اڃا تائين موجود آهي. ليڪن پريس هيٺ اچي نه سگهيو آهي. صوفي جلال فقير جو هڪ سنڌي بيت عرض آهي:
    جلال جوڳي سي چئجن، جي ٻولي نه ٻولين
    مٽيءَ وانگر دل ۾ وحدت ولوڙين
    هيرو جو سمونڊ جو، ڪنهن ڦڪل سان ڦولين
    اُهي اندر وڙولين، ٻاهر ڳولين ڪين ڪي
    تصوف جي ٻوليءَ ۾ جوڳيءِ ڪي تشريع ڪندي فرمائن ٿا:
    جلال جوڳي سي چئجن، جي جهد ڪري جاڳن
    راتيان ڏينهان رب جي، تات تنين جي تن
    اندر انهن جو اجرو، مير نه رکن من
    سيئي تار ترن، جن سيڻهه سچ جي
    جوڌپور ۽ جيسلمير جا راجا اڳيئي روحل جي روحي رنگ ۾ هئا. تنهنڪري صوفي جلال فقير سائين جا پڪا پريمي ۽ معتقد هئا. سندن لکيل سندون اڃا به صوفي علي محمد ٽالپر جي خاندان وٽ موجود آهن. انهن راجائن طرفان نذراني طور ڏنل باغ اڃا ڊٿل حال ۾ جلال باغ جي نالي سان جيسلمير رياست ۾ موجود آهي ۽ جوڌپور رياست ۾ به جلال فقير جو آشرم آهي، فقير سائين جن جا معتقد مريد، چيلا راجستان کان علاوه پاڪستان جي ٿرپارڪر، سانگهڙ ۽ نوابشاهه علائقن ۾ بڪثرت موجود آهن ۽ پشت به پشت انهيءَ ئي عقيدت ۽ احترام سان ساڳيءَ ئي درگاهه تي سربسجود آهن.
    صوفي جلال فقير، ظاهري ئي حياتي ۾، تصوف جو اهو ئي در آبدار پنهنجي فرزند سالڪ درويش صوفي مير محمد کي عطا ڪيو. صوفي علي محمد ٽالپر به انهيءِ چشمي مان محويت جي مئي جو جلالي جام نوش ڪيو ۽ صفاتي ڪنڌ لا جي ڪاتيءَ سان ڪلهن تان ڪوري، روحاني رهبر جي قدمن تان قربان ڪري تصوف جي ريٽي رنگ ۾ رچي لعل ٿيا. جئن پان انهيءِ حقيقت کي هن ريت بيان پيا ڪن:
    ذ- ذرا وچون پاڪ پيالي، چاش هوالا جنهان چک ڏٺا
    انهان وانگ منصور منظور سولي ڪر، لعل لهو منهن مک ڏٺا
    اهي ڄاڻ هميشه حيات هوسن، جنهان ڪات اتي ڪنڌ رک ڏٺا
    علي محمد مئڏا عرض اهو، منظور ڪرو چا محب مٺا
    پاڻ هڪ هندي شعر ۾ به اهڙو اظهار ڪيو اٿن:
    علي محمد ستگرو، ميري ڏينو رتن امول
    گيان ڀري مين گودڙي، ڀاڳيو ڀرم ڪو ڀول
    جنهن جو مطلب آهي ته منهنجي مرشد هڪ حقيقي املهه ماڻڪ عطا ڪيو آهي. جنهن ڪري منهنجي دل حقيقي روشنيءَ سان منور ٿي ويئي آهي ان م جيڪا به سڪ شبهه، غير گمان يا دوئي ٻيائي جي اونداهي هئي سا ختم ٿي ويئي. اڳتي هلي هڪڙي ٻئي هنڌ بيت ۾ چون ٿا :
    علي محمد ستگرو مجهي ايسي بتائي واٽ
    ڪونجي ڏيني هاٿ ۾، کولي هيرون هاٽ
    يعنيٰ منهنجي مرشد حقيقي هيرن جو دوڪان جو تالو کولي، ان جي ڪنجي منهنجي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏي آهي.
    صوفي علي محمد فقير سائين جن، سنڌي، سرائڪي، اردو، عربي ۽ فارسي کان ته اڳيئي چڱي پر واقف هئا. هندي ۽ سنسڪرت ٻولين سان چوکي چاهه هجڻ سبب ۽ ورثي ۾ ملڻ ڪري انهيءَ ٻولي تي مڪمل عبور حاصل ڪيو. مٿي ڄاڻايل سڀني ٻولين جا ديني، فلاحي، فلسفي ڪتاب، سالڪن سگهڙن، عارفن جي اقوالن، شعرن ڪلامن جا ڪتاب هر وقت سندن مطالعي هيٺ رهيا.
    پاڻ سهڻي شباهت، خوش اخلاقي، ساده طبعي، نرم مزاجي ۽ علم جي بحر هئڻ سبب، عارفن عالمن جي مجلسن ۽ سالڪن سگهڙن جي ڪچهرين ۾ هميشه درخشنده ستاره وانگر نمايان نظر ايندا هئا. درگاهه حاجي خوش خير محمد هيسباڻي جا سجاده نشين همدم موجود عارف بالله جناب درمحمد (دوئم) ۽ جناب غمدل فقير، روشن ضمير رتوديري وارا سندن همعصر صوفي شاعر درويش ۽ ڪامل ولي هئا، جن سان وقت بوقت، سندن روح رهاڻ ٿيندي رهندي هئي ۽ پاڻ ۾ شعرن جي ڏي وٺ پڻ ٿيندي هئي. مست ميثاقي جناب علي محمد فقير سائين جن پنهنجي همعصر درويشن جي ياد ۾ وصال نامه به چيا آهي. جيڪي هن ڪتاب ۾ درج ٿيل آهن.
    جيئن ته هر انساني طوطي کي هن خاڪ ديهي جي پڃري جون ديواروڻ ٽوڙي آزاد ٿيڻو آهي: تنهنڪري پاڻ پنهنجي پرواز جي تياري ڪندي، ظاهري زندگي جي آخري ڏينهن ۾ ڪلام چيو. ”موٽ پرديسي يار، پکيئڙا وطن ڪين وسار“ هن ڪلام سان گڏ گيت ٺاهيائون اهي اهڙي طرح ها.
    ”طوطا تماشو ڏسي، وئين پڃري ۾ پيهي
    ڇڏي سک ساڻيهه جا، هت دکي ڪيئه ديهي
    ڪيئن وساريئي ويسلا، وطن کي ويهي
    پکي پرڏيهي، وڃ اڏري علي محمد چوي“
    ***
    نڪري هل ناسوت مان، ڇڏي مٺو موهه مجاز
    ڏس بيرنگي برهه بقا جو، روحي پروڙج راز
    قالو بليٰ قلب سين، ٻڌ الستي آواز
    ڀڃ پڃرو ڪر پرواز، وڃ اڏري علي محمد چوي
    هن ڪلام ۽ بيتن تيار ڪرڻ وقت پاڻ وصيحت فرمايائون ته جنهن وقت اسان جو پاڪ روح پنهنجي اصلي وطن ڏانهن پرواز ڪري ته پوءِ سموري فقراء کي گڏ ڪري اهي ڪلام ۽ دوهيڙا چيا وڃن ۽ راڳ ويراڳ جي وڏي جلوس کان پوءِ منهنجي هن خاڪي ديهي کي دفنايو وڃي! مذڪوره بالا ڪلام ۽ بيتن جي تيار ٿيڻ کان هڪ ٻه ڏينهن بعد 22 جماد الاول اربعه ڏينهن سن 1400 هجريءَ ۾ بمطابق 9 اپريل 1980 عيسويءَ ۾ تقريبن 12 وڳي منجهند جو هي افلاڪي پکي هن خاڪي ديهي جي پڃري کي ڀڃي ڀوري، ابدي عالم ڏانهن پرواز ڪري ويو، جنهن جي ياد ۾ هر سال 9 اپريل تي تازه ڪئي ويندي آهي. سندن شعر ڪلام، بيتن، دوهيڙن، ڪافين، سي حرفين، صدائن، منقبتن، هنر، ڏور بيت تي مشتمل آهي، جيڪو سنڌي، سرائڪي، هندي، ۽ اردو ٻولين ۾ سينگاريل آهي. سندن شعر معرفت جي خاص منزلن (فنا في الوجود، فنا في الشيخ، فنا في الرسول، فنافي الله، بقابالله) جي حدن جي نمايان نشاندهي ڪري ٿو. سندن شعر همه اوست جي رنگ ۾ گهڻو رڱيل آهي. جيئن پاڻ هڪ عمدي شعر ۾ فرمائن ٿا، ”سڀ گهٽ ۾ محبوب ميرا هي، ڪو گهٽ ڏيسنت ناهين خالي“ يعنيٰ هر هنڌ ، هر جاءِ تي ۽ هر هڪ جي اندر ۾ انهيءَ حقيقي يار جو ديرو آهي، ڪو به اهڙو هنڌ، ڪابه اهڙي جاءِ نٿي ڏسجي جيڪا جانب جي جلوه کان خالي هجي!!
    سرائڪي ٻوليءَ ۾ به اها ئي حقيقت هن نموني پيش ڪن ٿا.
    ”هر صورت دي وچ يار آيا، ڪر جانب سئو جنسار آيا“
    پاڻ جڏهن رندي راهه جا مشڪل موڙ ڪٽي، اوکيون چاڙهيون اورانگهي ۽ اڻانگا لڪ لنگهي منزل تي مقصود تي مقدس قدم رکن ٿا ته حقيقي خير جو خمار مٿن غالب ٿئي ٿو ۽ جوش و جلال ۾ چون ٿا:
    ”مين صوفي هون سرمستا، مير ڪون پڇاني رستا“
    يعنيٰ هڪ سمست صوفي جي ئي اها همت ۽ استقلال آهي جو انهيءَ منزل تي پهتو آهي. ملان مروڙي جي ڪهڙي مجال جو انهيءَ اڻانگي رندي راهه جي کوج لڳائي سگهي!.
    سندن شعر ۽ دلبر جي ديدار يا وصال جو ڪيف ۽ بيخودي، هجر و فراق، سوز و گداز، اڪير ۽ انتظار جي جذبي ۽ احساس بيان ڪرڻ جو ڍنگ اهڙو آهي جو پڙهندڙ خواه ٻڌندڙ جي دل و دماغ تي ڪڪر وانگر ڇائنجي وڃي ٿو، سندن شعر جي پختگي، رواني، جوڙ جڪ، لفظي بيهڪ قابل داد آهي. سندن ڪلام ۾ مصري شاهه جي ڪلامن جهڙي جڙاوت، پختگي سوز و گداز آهي. سچل سرمست جي ڪلام جهڙي مستي بيخودي ۽ منصوري آواز جو پڙاڏو آهي.
    مطلب ته عاشق الستي فقير علي محمد سائين جن گذريل وقت جي عارفن ولين کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نه هئا، پنهنجي دور جا قابل تعريف، سالڪ ، عارف، سدا حيات صوفي شاعر هئا.
    مرڻا اڳي جي مئا، مري ٿيا نه مات
    هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جيا
    (شاهه سائين)
    الاهم صل عليٰ محمد و آل محمد ﷺ
    ______________________________
    ورتل؛ ڪتاب رتن امول
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو