حضرت صوفي فقير شاهه نصير نقشبندي رحمت الله عليه

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عبدالغني لوهار طرفان آندل موضوعَ ‏29 مئي 2015۔

  1. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    [​IMG]
    ڊاڪٽر نواز علي شوق (ڪلام شاهه نصير)
    سنڌ صدين کان صوفي سونهارن جي سرزمين رهي آهي. مختلف شهرين وستين ۽ واهڻن ۾ صوفين جون درگاهون آهن، جتي پرت جا پانڌيئڙا اچي فيض حاصل ڪن ٿا. اهڙي هڪ درگاهه صوفي عبدالحي نقشبندي جي نوشهري ۾ آهي. هو هڪ وڏو عالم ۽ عارف هو ۽ جھوڪ ميران پور جي صوفي بزرگ فضل الله قلندر (1) جو دوست هو. سندن وفات کانپو۽ سندن فرزند شاهه نصير گادي نشين ٿيو.
    شاهه نصير جي ولادت سنه 1223هه ۾ نوشهري شهر ۾ ٿي. هڪ روايت آهي ته سندن والد صوفي بزرگ سائين عبدالحي کي خواب ۾ حضرت قلندر لعل شهباز رح هڪ فرزند جي ڄمڻ جي خوشخبري ٻڌائي. ۽ اهو پڻ فرمايو هئائون ته ان جي ساڄي ٻانهن جي هيٺان هڪ مهر لڳل هوندي واقعي اهو خواب سورهن آنا سچو ثابت ٿيو ۽ ٻارڙي کي قلندري مهر جو نشان هو، جيڪو ڄمڻ کان مرڻ گھڙيءَ تائين قائم رهيو.
    پير نورل گھوٽ عارف عبدالحي جي هڪ گادي نشين جي چوڻ موجب سندس نسبي تعلق حضور جن جي مشحور صحابي حضرت جابر انصاريؓ سان آهي. سندن وڏا عرب کان هجرت ڪري پهريائين اچي افغانستان جي هڪ شهر احرار ۾ رهيا. جتان کان سندن هڪ بزرگ حاجي محمد عثمان اچي نوشهري فيروز ۾ رهيو. سندن هڪ بزرگ حضرت شهاب الدين سرڌڻي يمن ۾ مدفون آهي.
    شاهه نصير جي والد سائين عبدالحي بن حافظ حاجي عطا محمد کي ”درگاهه وارو سائين“ سڏيو ويندو هو.
    شاهه نصير ابتدائي تعليم پنهنجي والد بزرگ سائين عبدالحي کان حاصل ڪئي، ان کان پوءِ وڌيڪ تعليم مولوي محمد قاسم ۽ قاضي غلام محمد کان حاصل ڪيائون. مگر روحاني فيض پنهنجي والد کان حاصل ڪيائون جنهن جو ذڪر هن هڪ هنڌ هن ريت ڪيو آهي. فرمايو اٿن.
    شه؛ نقشبندان تون سر الاهي
    تنهنجي آهه قائم بادشاهي
    تون صاحب ڪرامت ۽ شمس الولايت
    تنهنجو هر طرف فڪر بي نهايت
    تنهنجو شش جهت ۾ وڄي طبل شاهي
    تنهنجي خاڪ قدمن جي آهي تاج سر جو
    تفاوت تنهين ۾ ناهي ڪو تر جو
    سپاهين جو آهي نصيرا سپاهي
    تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ گھڻو وقت رياضت ۾ گذاريندا هئا. راڳ ويراڳ سان کين ننڍپڻ کان ئي دلچسپي هئي. سندن درگاهه تي سدائين سماع جون محفلون متل هونديون هيون. خاص طور فقير خوش خير محمد هيسباڻي ۽ فقير عثمان سانگي هن درگاهه جا عقيدتمند مريد هئا. سندن والد سائين عبدالحي، عثمان سانگيءَ کيشاهه نصير جي تربيت لاءِ مقرر ڪيو هو، تنهن ڪري عثمان سانگي گھڻو وقت درگاهه تي گذاريو.
    شاهه نصير پنهنجي زندگيءَ جو گھڻو حصو سير سفر ۾ گذاريو، افغانستان جو سير ڪيائين ۽ هندوستان به ويو. سندن عقيدت مند سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ رهن ٿا. خاص طور خيرپور، نوشهري ۽ نوابشاهه ۾ سندس گھڻائي عقيدتمند هوندا هئا. جن مان دولهه دريا خان ڪلهوڙو ۽ اُن جو ڀاءُ نشان علي فقير، فقير حاجن شاهه، فقير عالم شاهه، فقير عين علي شاهه، موهن فقير، فقير حشمت راءِ، فقير هري سنگھ ۽ خوشيرام سودائي مشهور آهن. فقير دريا خان، نشان علي فقير ۽ موهن فقير ۽ هري سنگھ ۽ خوشيرام سودائي سنڌي زبان جا سهڻا شاعر هئا. پر انهن مان ڪنهن به هڪ جو ڪلام اڄ ڏينهن تائين شايع ڪونه ٿي سگھيو آهي.
    شاهه نصير جي وفات سنه 1900ع ۾ ٿي، سندن آخري آرامگاهه نوشهري ۾ آهي، جتي هر سال ميلو لڳندو آهي. هزارين عقيدتمند اچي دلي سڪون ۽ سرور حاصل ڪندا آهن.
    سنڌي بات ۽ ڪافيون صدين کان سنڌ ۾ مشهور آهن. ڪافي جي ڀيٽ ۾ غزل ڪا حيثيت ڪونه ٿو رکي. ان جو وڏو سبب اهو آهي ته ڪافي اسان جي پنهنجي آهي. جڏهن ته غزل پرائو ۽ پرڏيهي آهي. غزل ايران ۽ هندوستان کان ڦرندو اچي هتي پهتو. حڪمراني طبقي ۽ ڪن ٻين ٿورن ماڻهن ان کي پسند ڪيو، پر ٻهراڙيءَ جو عام ماڻهو ايراني ماحول سان مانوس نه ٿي سگھيو. نرگس، نسترن، ۽ لاله جي عام ماڻهوءَ کي ڪهڙي خبر. ساڳيءَ ريت دلِ نادان، زلف پيچان، ساقي ۽ ميخانا سڀ هنن لاءِ نوان هئا. ايراني تشبيهون ترڪيبون ۽ زيراضافت وارا لفظ هنن لاءِ اوپرا، اڻاوا ۽ ڳرا هئا. الو ميان! چئي سنڌي بيت ۽ ڪافي آلاپڻ واري مسڪين ماڻهوءَ جي انهن سان ڪهڙي دلچسپي ٿي سگھي ٿي. اهوئي سبب آهي جو اڄ اوطاقن، اوتارن ۽ درگاهن ۽ خانقاهن تي غزل بجاءِ سهڻي شاهه لطيف، سچل سائين، بيدل، بيڪس، رکيل، ٻڍڙي فقير، خوش خير محمد، شاهه نصير، مصري شاهه، روحل، دريا خان، عثمان ۽ ٻين سَوَن صوفي شاعرن جو ڪلام ٻڌڻ ۾ ايندو، جيڪو روح کي راحت رسائي ٿو. ڀڳت به ڀڳت جي موقعي تي صوفي شاعرن جو ڪلام ڳائيندا رهيا. خاص طور ڪنور ڀڳت جو راڳ سڄي سنڌ ۾ مشهور هو. ڪنور انهيءَ راڳ کي عبادت سمجھندو هو.گھڻو ڪري ڪافيون ئي اهڙيون ڳائيندو هو، جن ۾ نِمرتا، نماڻائي، وينتي ۽ ماروئڙن سان محبت جو سهڻو سبق سمايل هوندو هو.
    • نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو
    • ڪيئن ريجھايان توکي، ڪيئن پرچايان
    ڏس ڪو ڏانءُ
    • آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه، مون سان تن ماروئڙن جي
    ماروئڙن جي سانگيئڙن جي.
    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ کان وٺي موجوده دور تائين وايون ڪافيون صدين کان سنڌ واسين جي منَ جي مونجھ مٽائي، اندر اجاري، سڪ پريت، امن ۽ ايڪتا جا پُر پيالا نينهن ڪا نشا ڏياري مست و مست ڪنديون رهنديون آهن. سچل سائين فرمايو آهي.
    جنهن دل پيتا عشق دا جام
    سا دل مست و مست مدام
    شاهه نصير به شاهه لطيف ۽ ٻين صوفي بزرگن جو تسلسل آهي. هن به انهن ساڳين صنفن ۾ ڪلام چيو ۽ اهو ئي پريت جو پيغام ڏنو. اهوئي سبب آهي جو شاهه نصير جو ڪلام نه فقط سنڌ پر هند ۾ پڻ بيحد مقبول آهي. آل انڊيا ريڊيو تان اڪثر سندن هي ڪافيون ٻڌڻ ۾ اينديون آهن.
    غمزن ساڻ غلام، ڪيو آ يار اسان کي
    شاهه حسن جي شوق ۾، ويا لاڳاپا لهي لهي
    شاهه نصير هندو_مسلم ايڪتا (ٻڌي) جو پرچارڪ هو. اهوئي سبب آهي جو مسلمانن کانسواءِ ڪيترائي هندو سندن مريد هئا. خاص طور لاڙڪاڻي ۾ گھڻا مريد هئا، جتي پاڻ اڪثر ويندا رهندا هئا، عاقل ڳوٺ ضلع لاڙڪاڻي وارو موهن فقير سندن خاص مريد هو.
    پنهنجي ڪلام ۾ ڪيترن ئي صوفياڻين نڪتن جي سهڻي نموني سمجھاڻي ڏني اٿن. مثال طور هڪ بيت پيش ڪجي ٿو، جنهن ۾ نفعي ۽ اتبات جو ذڪر تمام سهڻي نموني ڪندي وحدت واري واديءَ جو ٻڌائي ٿو.
    جان جان ڪرين نفعي، تان تان ٿو اثبات ٿئي،
    نانهن نصير نگاهه ۾ الف بنا ڪو اي
    جتي وحدت سندي وي تتي نفعي نه اثبات
    حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي جن جڏهن حضرت خواجه محمد زمان لواريءَ واري سان ملڻ ويا ته خواه صاحب ان مهل
    مراقبي ۾ محو هئا، شاهه صاحب سندن ويجھو وڃي فرمايو:
    سامي سفر هليا، ڪو پروڙي پنڌ،
    جنين هيٺان ڪنڌ، آئون نه جيئندي ان ري
    تنهن تي خواجه صاحب جن ڪنڌ مٿي کڻي فرمايو:
    ڪين آهين، ڪين ٿئين، وڃي ڪين ڪماء
    لاڳاپا لوڪ جا ”لا“ سين لهراءِ
    سامي پوءِ سلنديا، ڳجھ پريان جي ڳالهه جو
    اهو ”ڪين“ وارو فلسفو شاه نصير هن ريت سمجھائي ٿو ته:
    ڪين کڻي وڃ ڪين ڏي، تون ڀي ٿيءُ ڪي ڪين
    ڪين نصير ڪين، ڪين کڻي کهڙ ڪين ۾
    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ فرمايو آهي:
    سرجي تان سور، سامائي تان سک ويا
    اهي ٻئي پوڙ، نماڻيءَ نصيب ٿيا.
    اهو ساڳو خيال شاهه نصير پنهنجي هڪ بيت ۾ هن ريت پيش ڪيو آهي. جنهن ۾ سهڻي خيال سان گڏ تمام سهڻي ٻولي نظر ايندي. فرمائي ٿو ته:
    سور ٿياٿم سامهان، ننڍائي لاڪون
    جيڏيون منهنجي من ۾، ڪيئون اصل اوطاقون
    هينئڙُ هل حسن جي، ڦوڙي ڪيؤ ڦاڪون
    جيئن چوڪ ڏني چاقون، تيئن دل سورن ساڙي وڌي
    پنهنجي شهر نوشهري سان سندس نينهن ناتوهو. مٺي محبوب کي منٿون ڪندي چوي ٿو ته:
    هيڪر ويهه اچي، نوشهري ۾ نصير چوي
    سچ چوان ٿو سهڻا، ڄاڻج ڳالهه سچي
    رنگ تنهجي ۾ رانول ويو روح رچي
    تنهنجي ڪڏهن ڪچي، ڪنهن سان ڪندس ڪينڪي.
    شاهه نصير پنهنجي ڪلام ۾ سنڌ جي روميانوي داستانن کي تمام سهڻي نموني ڳايو آهي. سندس ڪلام تي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جو اثر نمايان نظر اچي ٿو، سسئي کي جڏهن ساهيڙيون پنهونءَ جي ڳولا کان روڪين ٿيون ۽ گھر ۾ ماٺ ڪري ويهي رهڻ جي صلاح ڏين ٿيون، تڏهن سسئي کين چوي ٿي ته اي جيڏيون! مونکي گھر ويهي رهڻ جون صلاحون نه ڏيو، مان پنهونءَ واري رنگ ۾ رتل آهيان، تنهن ڪري ڪيچ ڏي ڪاهي وينديس، جن جي پنهونءَ سان پريت آهيم تن جو ڀنڀور سان ڪهڙو ڪم:
    ساهيڙيون سرتيون، متيون ڏيو نه مُئيءَ کي
    ڪاهينديون سي ڪيچ ڏي، جي انهيءَ رنگ رتيون
    جي پنهل سان پرتيون، سي ڏينديون باهه ڀنڀور کي
    شاهه نصير، شاهه لطيف جي پيروي ڪندي پنهنجي ڪلام ۾ جوڳين ۽ سامين جو ذڪر ڪيو آهي. هو پنهنجي هڪ بيت ۾ ٻڌائي ٿو ته جوڳي بڻجڻ سولو ڪم نه آهي، ڇو ته سچي جوڳيءَ کي جوڳ ڪمائڻو پوي ٿو ۽ پاڻ کي عشق جي آتش ۾ جلائڻو پوي ٿو. مطلب ته جيڪو ڏک نه ڏسندو ۽ سدائين سکن جو طالب رهندو ته اهو جوڳي ڪونه چئبو، فرمائي ٿو:
    جوڳي چئي، جوڳي نه ٿئين، جوڳ نه ڪمائين
    منجهه آتش عشق جي، جان نه جلائين
    ڇو سامي سڏائين، نصير نروار ٿي.
    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جيان شاهه نصير جي ڪلام ۾ سُر سارنگ ۾ چيل سهڻا بيت نظر اچن ٿا. هو پنهنجي هڪ بيت ۾ مينهن جو ذڪر ڪندي ٻڌائي ٿو ته، سارنگ سنڀار لڌي آهي، ڪڪرن جا ڪڙڪاٽ آهن. مولا مينهن وسايا، ساري سنڌ سرهي آهي. فرمائي ٿو:
    موٽي لڌيون ملڪ جون، سارنگ سنڀارون
    رعد جي رڙين کان، ٿيون طرحين تنوارون
    پرور جي پارون، ساري سنڌ نهال ٿي
    جيئن ڀٽائي سُر مارُئي ۾ وطن دوستيءَ جو درس ڏنو آهي، تهڙيءَ ريت شاهه نصير پڻ وطن جي حب ۽ سانگيئڙن جي سڪ جو سهڻو سبق ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيت ۾ سانگيئڙڻ جي سڪ جو ذڪر ڪندي فرمائي ٿو.
    سڪ ۾ سانگيئڙن جي، سڙي ويم سرير
    دل اندر اڌمان ڏئي، نيئين وهايان نير
    وسري مور نه دل تان، بنان موت ملير
    زهر برابر سومرا، ڀانيان کنڊون کير
    جيءَ اندر ٿم جھير، ميان مروئڙن جا.
    شاهه نصير جي ڪن ڪافين ۾ سچل سرمست وارو رنگ نظر اچي ٿو. سچل سائين جي هڪ مشهور ڪافي آهي:
    ڏس عشق جو انصاف، سڀ مذهب ڪيائين معاف
    انهيءَ ڪافي کان متاثر ٿي شاهه نصير ساڳي رنگ ۾ هڪ تمام سهڻي ڪافي چئي آهي. هو عشق وارن جي تعريف ڪندي ٻڌائي ٿو ته عاشق اهي آهن، جيڪي سر قربان ڪن ٿا، ٻيا ڪوڙا ٻٽاڪي آهن. سچن عاشقن جا سينا صاف هوندا آهن. فرمائي ٿو ته:
    ڏس عاشقن جو انصاف، سر گھوري گھوري
    عاشق سڀ ڪو نانءُ سڏائي
    لُچا هڻن ٿا لاف، اڃا پنڌ اوري اوري
    باهه برهه ۾ ٻرن ٿا عاشق
    باهر نه نڪري ٻاف، چيائون نه چپ چوري چوري
    شاهه نصير عاشق اهي سڏجن
    سينا جن جا صاف، ڏين ڪنڌ ڪوري ڪوري
    حسن ۽ عشق جو مضمون شاعريءَ جو سونهن ۽ سينگار سان گڏ لازم ملزم آهي. صوفي شاعرن من مان ميز ڪڍي، حرص هوا ڇڏي، سيني مان ڪينو ڪڍي ڇڏيو، تڏهن حضرت عشق اچي سندن دل ۾ ديرو دمايو. اهوئي سبب آهي جو شاهه نصير فرمايو آهي:
    نيٺن ننڊ ڦٽاءِ، جي اٿي آتش عشق جي
    ڇڏي حرص هوا سڀ، پير پرت ۾ پاءِ
    لنو لالڻ سان لاءِ، جي اٿي سڌ سڪن جي
    ٻئي هن بيت ۾ ڪوڙڻ ۽ سڌڙين کي تنبيهه ڪندي فرمائين ٿا:
    رکين سڌ سڪن جي، ٿو سمهين ساري رات
    تو ۾ آهي ڪانه ڪا، برهه سندي بات
    مڪر ڪرين ٿو ماڻهن سان، ڪانهئي طلب تات
    اڳتي متان عشق جي، وائي ڪرين وات
    لنؤ سندي ڪا لات، نه ٿي، ”نصير“ دل ۾
    شاهه نصير جي ڪلام ۾ ڪٿي ڀٽائي وارو رنگ آهي ته ڪٿي وري سچل ۽ بيدل وارو رنگ نظر اچي ٿو. راملڪي جي کنڌيءَ وارن بيتن وانگر شاهه نصير به ”جي ڀائين جوڳي ٿيان“ جي کنڌيءَ وارا بيت چيا آهن. هڪ بيت ۾ قرآن پاڪ جي آيت آڻيندي سهڻيون صلاحون ڏيندي فرمائي ٿو:
    جي ڀائين جوڳي ٿيان، سڌون سڀئي سٽ
    ”اينما تولوا فثم وجہ الله“، اک آديسي پٽ
    نينهن ۾ نصر چئي، جان جثو تون ڦٽ
    ڏنهن محبت منهن ۾ مٽ، ته واريون ٿين وصال جون
    شاهه نصير مختلف سُرن ۾ تمام سهڻا بيت چيا آهن، جن ۾ سُرسسئي، سُر جوڳ، سُرسارنگ، سُرمارئي ۽ سُر بسنت اچي وڃن ٿا. سُر مارئي جو هڪ بيت هنر واري فن جو تمام سهڻو مثال آهي. فرمائي ٿو:
    پسيون خاطر پيٽ جي، اچن پنهوار ٻٽيون
    ورڙا ڏين ويڙهين ۾، جيئن ڪوٺيءَ ڪام پٽيون
    سک نه ستا سيجن تي، ونين واهه پٽيون
    رات نصير روڄ ۾، منهنجون اکيون ڪين پٽيون
    اهي پنهنوارا پٽيون، ٻڌندا ڦٽ فراق جون.
    هيءَ حقيقت آهي ته شاهه نصير ڪافيءَ جو شهنشاهه شاعر هو. سندس ڪافيون هند سنڌ ۾ مشهور ۽ مقبول آهن. شاهه نصير جي هيٺ ڏنل ڪافي، سهڻي مضمون، اثرائتي انداز بيان ۽ سهڻي سنڌيءَ جو اعليٰ مثال آهي. ان ۾ محبوب جي رمزن غمزن ۽ سڪ محبت کان سواءِ عشق جو اعليٰ شان بيان ڪيو اٿائين. فرمائي ٿو:
    ٿلهه: غمزن سان غلام، ڪيو آ يار اسان کي
    ڪنهن کي دين مليو، ڪنهن کي دنيا
    عشق اصل کان انعام، ڪيو آ يار اسان کي
    عجيب جي اکڙين جو مضمون هر شاعر پنهنجي ڪلام ۾ آندو آهي سائين ڀٽائي بادشاهه هجي يا سچل سرمست، بيدل هجي يا بيڪس هر ڪنهن جو پنهنجو رنگ ۽ ڍنگ آهي. مصري شاهه اکين جي جيڪا تعريف ڪئي آهي، ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي، فرمائي ٿو:
    کنيائون کِلي نيڻ گھرا گلابي
    ڀري ٻاجهه نرگس عجب نيم خوابي
    گھرا گلابي ۽ نيم خوابي نيڻ! سبحان الله! پر خيرپور جي ميرن جي هڪ خدمتگار مينهن جي ميهار پيرل ڦلپوٽي پنهنجي هڪ ڪافيءَ ۾ سانورين اکين جي سونهن نهايت ئي خوبصورت انداز ۾ بيان ڪئي آهي: ان ڪافيءَ جو ٿلهه ملاحظه فرمايو:
    سهڻيون اکيون تنهنجون سانوريون
    سُرمي بنان وتن بانوريون
    پر شاهه نصير جو انداز، نه فقط نيارو آهي، پر ڏاڍو پيارو آهي. ان ۾ سهڻيون تشبيهون ۽ سهڻي ٻولي نظر ايندي. فرمائي ٿو:
    وهه واهه سڄڻ تنهنجيون اکيون
    اکيون رب رکيون
    ديدان دلبر تنهنجون دناليون
    خون ڪرڻ لئه پرين تو پاليون
    شهباز زري جان بکيون
    دنالين کان دور وڙهن ٿيون
    منجھئون ڏاڍي ڇوهه ڇٽن ٿيون
    سي ته ٻئي اسان سان ٻکيون
    نيڻ نصير قريبن قهري
    سٽ ڏين جيئن باشا بحري
    وٺن اندر جون وکيپن
    وهه واهه سڄڻ تنهنجيون اکيون
    اکيون رب رکيون
    مطلب ته شاهه نصير سنڌي سرائڪي ڪافي جو بلند پايه شاعر هو. ڪيترائي شاعر سندن ڪلام کان متاثر ٿيا ۽ ڪي سندن طالب ٿيا. سندن سلسلي جا هيٺيان مشهور شاعر ٿي گذريا آهن. موهن فقير (وفات 1805ع) رستم لغاري (وفات 1900ع) دريا خان ڪلهوڙو (وفات 1920ع) ۽ سندس ننڍو ڀاءُ نشان علي فقير (وفات 1884ع) خوشيرام سودائي. (جنهن سنه 1880ع ۾ شاهه نصير جي سلسلي جي شاعرن جو ڪلام ڪٺو ڪيو) ۽ موسيٰ فقير، مذڪوره مڙني شاعرن پنهنجي مرشد سائين شاهه نصير جي شان ۾ ڪافيون چيون. هتي موسيٰ فقير جي هڪ سنڌي سرائڪي گاڏڙ ڪافي پيش ڪجي ٿي جنهن ۾ هن پنهنجي مرشد سان عقيدت ۽ محبت جو اظهار ڪيو آحي:
    ٿلهه: عشق سندو ارباب، نقشبند وچ نوشهري دي
    اسان داڳيل هون، تنهن ديري دي
    شاهه نصير جنهين دا نالا، بره پڇينده بيحد بالا
    وڏ ته آهي جنگ جواب، شاهه علي شهروزي دي
    مئي دي مٽ اٿانهين آهن، صورت سانگي سردي چاون
    جنهن دا هي هرتاب، جان جگر وچ جيري دي
    هن اڏي تي ڪيئي آون، ڪڏ ڪڏ عاشق ڪنڌ ڪپاون
    ڪسي ٿين ڪباب، هٿئون مرد مٿيري دي
    صدق موسيٰ لک وار اتاهون، محب مٺي مختيار اتاهون
    جنهن ختم ڪيتا سڀ حجاب، توجه نال تکيري دي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو