ڊاڪٽر نواز علي شوق(ڪلام عثمان فقير سانگي) ٻنهي جهانن جي سردار مدني منٺار صلي الله عليه وسلم جن جو قول آهي ته خبردار! توهان جي اندر ۾ هڪ اهڙو عضوو آهي، جنهن جي جيڪڏهن اوهان حفاظر نه ڪئي ته توهان جو سڄو جسم خراب ٿي ويندو. اهو عضوو ”دل“ آهي. نبي سڳوري جي ان فرمان تي عمل ڪندي صوفي سڳورن دل جو آئينو صاف رکڻ جي تلقين ڪئي آهي. ڇو ته دل ڪعبو آهي، محبوب جو مسڪن آهي. دل مسجد آهي، من مندر آهي. تنهن ڪري ان کي پاڪ ۽ صاف رکڻو آهي. انساني دليون صاف هونديون ته معاشرو به پاڪ هوندو. تاريخ شاهد آهي ته وقت جي حاڪمن زور، ظلم ۽ ڏنڊي جي زور تي حڪومت ڪئي، پر صوفين پيار ۽ نگھڀت ذريعي دلين تي حڪمراني ڪئي. هو ظاهر ته فقير هئا، پر حقيقت ۾ شاهنشاه هئا. اهو ئي سبب آهي جو هنن فقيريءَ ۾ شهنشاهي ڪئي. عثمان فقير سانگي به انهن مان هڪ هو. سندس ولادت 16 صفر 1197هه ڳوٺ ڄاماڻي سانگي ضلع لاڙڪاڻي ۾ ٿي. هن فارسي جي اعلى تعليم حاصل ڪئي. هو نوشهري جي صوفي بزرگ خواجه عبدالحي نقشبندي جو مريد هو. ڪافي عرصو نوشهري ۾ رهيو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي سان کيس عقيدت هئي. هو اڪثر ڀٽ شاهه ويندو رهندو هو. گمان غالب آهي ته درازا به ويو هوندو. فقير صاحب کي حضرت قلندر لعل شهباز سان بي پناهه عقيدت هئي. هڪ روايت موجب هو سڄو سال اتي رهيو ۽ درگاهه جون مٽيون ڀريندو رهيو. فقير عثمان جو والد خير محمد عربي فارسي پڙهائيندو هو. هُو نيڪ ۽ پرهيزگار انسان هو. عثمان فقير هڪ ته ننڍپڻ کان ئي روحانيت ڏانهن لاڙو رکندڙ هو، ويتر پنهنجي گهريلو ماحول ۽ صوفي سونهارن جي صحبتن کيس سچو صوفي بڻايو. روزي نماز جو پابند هو. چون ٿا ٿه هُو اڪثر الحمد شريف جو ورد ڪندو رهندو هو. مشهور صوفي بزرگ ۽ شاعر خوش خير محمد سندس گهرو دوست هو. ٻئي ڪافي عرصو نوشهري ۾ پنهنجي مرشد جي خدمت ۾ رهيا. سنه 1279هه ۾ جڏهن عثمان فقير وصال ڪيو، تڏهن خوش خير محمد سندن وڇوڙي تي جيڪا ڪافي چئي، ان مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته خوش خير محمد جو عثمان فقير سان ڪيترو نه پيار هو. ان کان علاوه هن پنهنجي دوست جي شخصيت ۽ شاعريءَ جي جيڪا تعريف ڪئي آهي، سا سَندَ جو درجو رکي ٿي. ”عثمان“ عاشق آفرين پنهنجو جسم پروان ڪيئه طالبن جي طور ۾ نالو صحيح نشان ڪيئه غازي کنيئه وک واهه جو، سانگو رکيئه نه ساهه جو ٿوکي ذوق وجه الله جو، واهه درد جو درمان ڪيئه غازي ٻوليئه گفتا گهُر، واهه عاشقن کي ٿيو اثر اهڙو هئين سالڪ سڌر، واهه عشق جو اعلان ڪيئه تنهنجي درد دل خستي ڪئي، هرگز نه تو سستي ڪئي ثامت ڪمر بستي ڪئي، سرهو مري ميدان ڪيئه تو هي سخن چيدا چيا، تاثير تن پيدا ڪيا شاعق ٻڌي شيدا ٿيا، واهه درد جو داستان ڪيئه ”خوش خير محمد“ يار جو، هيڙو پکي تنهن پار جو عاشق هئين اسرار جو، اڏري وڃي آشيان ڪيئه خوش خير محمد عثمان فقير جو دوست هو. روايت آهي ته عثمان فقير ئي کيس نوشهري وٺي ويو. جتي هو پير عبدالحي نقشبندي جو مريد ٿيو. خوش خير محمد پنهنجي ڪن ڪافين ۾ سائين عبدالحي سان عقيدت جو اظهار ڪيو آهي. نموني طور سندس هڪ ڪافيءَ جا ڪجهه شعر پيش ڪجن ٿا جنهن ۾ هو ٻڌائي ٿو ته اي طالب! تنهنجو محبوب تنهنجي من ۾ وسي ٿو. تو ۾ ئي تيرٿ ۽ تڪيو آهي. تنهن ڪري ٻيا تيرٿ تڪيا ڀيٽڻ گنگا، جمنا ۽ ڪاشي پڃڻ بجاءِ پنهنجي اندر ۾ جهاتي پاءِ سامي سڏائين ٿو ته پوءِ ڪوڙ ۽ ڪروڌ ڇڏي ڏي. مري جيءُ ته جانب جو جمال ماڻين. آخري شعر ۾ عشق جي تعريف ڪندي چوري ٿو ته منهنجي مرشد عاشق عبدالحي ٻڌايو آهي ته ٻنهي جهانن ۾ عشق ئي اعلى ۽ افضل آهي. عشق جڻيا جس پايا هي تس واهه اسلام جگايا هي ڪها ري گنگا، ڪهان ري جمنا، ڪهان ري ڪاشي جايا هي تجهه ۾ تڪيا تجھ ۾ تيرٿ آپ ۾ آپ سمايا هي هر ڪنهن اپڻي هردي اندر پوجا ڪر ڦل پايا هي جاگ جپيا جس نام تيرا، تس طالب تلڪ لڳايا هي سامي نام سڏا ڪي، ڦر ڪوڙ ڪروڌ ڪمايا هي سائين لوڪ ته اسنون ڪهيي جو جيتي جي مرجايا هي ”خير محمد“ دونون جڳ ۾، عشق عجب هڪ مايا هي عاشق عبدالحي ميري گرايوين آک سڻايا هي ڪافيءَ جو هڪ ٻيو مشهور شاعر رستم لغاري عثمان فقير جو دوست هو، عشمان فقير کيس نوشهري فيروز وٺي ويو. عاشق عبدالحي وصال ڪري ويو هو، تنهنڪري رستم فقير شاهه نصير جو طالب ٿيو. هن تمام سهڻيون ڪافيون چيون آهن. رستم فقير پنهنجي مرشد شاهه نصير جي شان ۾ جيڪا ڪافي چئي آهي، ان ۾ کين عشق جو ارباب سڏيندي ٻڌائي ٿو ته سندن فيض ساري فقر تي جاري آهي ۽ هو پنهنجي طالبن جو خاص خيال رکي ٿو جتي نينهن جو نعاريو سدائين وڄندو رهي ٿو ۽ هو پنهنجي طالبن کي پريت جا پر پيالا پياريندو رهي ٿو. ڪافي ملاحظ فرمايو: عشق سندو ارباب، نقشبند نوشهري نرواري فيض سندس آفقر ساري ٿي، غير نه آهي گفتاري طلب وارن جي ترت لهي ٿو، پر داخت پو واري شاهه نصير جنهن دا نالا، طبل وڄي تڪراري شوق شراب شتاب پياري، جام جماعت ساري لاشڪ آ لاهوت رستم کي، سر صدق ڪيان سؤ واري ٻيا به گهڻا ئي شاعر هن درگاهه جا طالب هئا، جن عارف عبدالحي ۽ شاهه نصير جي شان ۾ ڪافيون چيو، ميلا مچايا، مٽيون ڀريون، چوڪيون ڏنيون. مطلب ته عارف عبدالحي ۽ شاهه نصير جي دور ۾ نوشهور تصوف جو وڏو مرڪز هو. راڳ ويراڳ جون محفلون مچنديون هيو، عقيدت مندن، مريدن ۽ طالبن جا ميڙا متل هوندا هئا. نوشهرو واقعي علم، عشق ۽ عرفان جو هڪ اهڙو مرڪز هو، جتان ڪيترن ئي طالبن کي فيض مليو. پيرن فقير جي درگاهن تي صوفي فقير ويندا رهندا هئا. جتي راڳ ويراڳ جون محفلون متل هونديون هيون. خاص طور ڪنهن بزرگ جي ميڙي جو موقعي تي ته پري پري جا ڳائڻا اچي عقيدت ۾ چوڪي ڏيندا هئا. ان کا علاوه هڪ ٻئي جون ڪافيون ٻڌي شاعر خاص هيرجي هڪ ٻئي سان ملڻ ۽ قربائتيون ڪچهريون ڪرڻ ويندا هئا. عثمان فقير ۽ خوش خير محمد جو پاڻ ۾ نينهن جو ناتو هو، تنهن ڪري هو هڪ ٻئي کان متاثر ٿيا ۽ هڪ ٻئي جي ڀران ڪافيون چيائون. عثمان سانگي جي ڪلام ۾ بي شمار خوبيون آهن. مٿي نموني طور خرار مان ڪي داڻا ڪڻا چونڊيا ويا آهن. هو سچو عاشق ۽ موسيقي جو ماهر هو. سندس ڪلام ۾ سهڻي ٻوليءَ سان گڏوگڏ سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت جي جھلڪ پڻ نظر ايندي. سنڌ جي عظيم محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ عثمان سانگيءَ جي شخصيت ۽ ڪلام بابت جيڪا راءِ ڏني آهي سان وزندار آهي. لکن ٿي: (عثمان فقير) اهل الله درويش، سچو صوفي ۽ وڏو شاعر هو. خواجه صاحب عبدالحي نقشبندي نوشهري فيروز واري جي وتجه سان برهه ۽ بيخودي عطا ٿيس. خواجه صاحب جي وفات کان پوءِ سندس پٽ شاهه نصير جي بعيت ڪيائين. فقير خير محمد هيسباڻي ۽ عثمان فقير سانگي پاڻ ۾ صحبتي هئا. عثمان فقير سنڌي ۽ سرائڪي ۾ ڪافيون چيون، جيڪي حال توڙي قال جي لحاظ سان معياري آهن. مطلب ته هر لحاظ سان سندس سنڌي توڙي سرائڪي ڪلام لاجواب آهي. اڄ به سندس ڪافيون جهر جهنگ مشهور آهن. ماڻهو جڏهن مرحوم جمن جي آواز ۾ هيءَ ڪافي ٻڌن ٿا ته بي اختيار ٿي وجد ۾ اچي وڃن ٿا: سانون لڳ ڳئي بي اختياري سيني دي وچ نه سمائي هي يار ڏاڍي عشق آتش لائي هي اها عشق جي آتش عثمان فقير جي ڪلام ۾ اوهان کي جا بجا نظر ايندي. اها جوت اڃان جلندي رهي ٿي ۽ سدائين جلندي رهندي، ڇو ته عثمان فقير کي اهو فيض پنهنجي مرشد سائين عبدالحي کان حاصل ٿيو، نوشهري جي عالم ۽ عارف جو اهو فيض اڻ کٽ آهي. جيڪو اڄ به جاري آهي ۽ سدائين جاري رهندو.
عثمان فقير صوفي شاعرن ۾ وڏو نالو آهي ..... سندس هي ڪافي ته تمام گهڻو مشهور آهي جنهن کي استاد محمد جمن ڪمال فن سان ڳايو آهي ،،، سانون لڳ ڳئي بي اختياري سيني دي وچ نه سمائي هي يار ڏاڍي عشق آتش لائي هي