• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسان جي حال جو محرم

اسان جي حال جو محرم
________________________
اسان جي حال جو محرم نه ئي ڪو آ ٿيو هتڙي
ٻڌايون ڇا اسان ڪنهن کي ٿيا بي حال هون هتڙي
وڌي وئي موسمي گرمي وري بجلي به بند آهي
وري محبوب ماڻا ڪيا ڏکن ۾ پيا رهون هتڙي
وري ٿي گيس ڀي غائب ججهي جيڪا آهي سنڌ ۾
ڌاريا پيا دغائون ڪن سنڌي سک ڪين ٿيا هتڙي
زماني ۾ ظلم جاري وئي نڪري حياداري
هي ڪهڙو آ زمانو يار ڪنهن کان پو پڇون هتڙي
ٿيا بيزار رت رشتا نه ڪو ئي سک ڪٿي آهي
اهي ئي خون جا رشتا ڪرن ٿا خون ير هتڙي
سڄو ئي کيل ڪافر جو ڪري پيو راند هو رهزن
ڪڏهن مسجد گهري اندر ڪري ٿو مار ير هتڙي

رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top