رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
اسان جو ن نيڻ هي نظرون اوهان کي ئي نهارن ٿيون
_______________________________________
اسان جون نيڻ هي نظرون اوهان کي ئي نهارن ٿيون
اسان جو ن محبتون مٺڙا اوهان کي ئي پڪارن ٿيون
اسان جي سڪ ۾ هي سوز ڇاجو آ خبر ناهين
تڙپي دل ويچاري ٿي امنگون هي اٿارن ٿيون
اوهان جي پيار پائڻ لئه ڪشاله ڪيڏا ڪيا آهن
سفر ساري ۾ سڪ تنهنجي اڱڻ تولئه اجارن ٿيون
مٺا ماڻهو قرب تنهنجي ڪيو قيدي اسان کي آ
بره بي حال ڪيو آهي چڻگ چاهت ۾ ٻارن ٿيون
نه گرمي جي خبر ڪائي نه سردي ۾ ٿين هي سانت
اوهان جي جيءَ ۾ جهاتي وجهي جيئري ئي ڳارن ٿيون
ٿياسين حال کان بي حال اوهان جي عشق ۾ اهڙو
خبر پنهنجي ڀي ناهين ڪا فقط تو کي سنڀارن ٿيون