چانڊوڪين جو مسافر (عبدالواحد آريسر) غريب گل سيتائي

'مختلف موضوع' فورم ۾ غريب گل طرفان آندل موضوعَ ‏31 مئي 2015۔

  1. غريب گل

    غريب گل
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    40
    ورتل پسنديدگيون:
    22
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    358
    ڌنڌو:
    خانگي نوڪري
    ماڳ:
    سيتا روڊ ۽ سکر
    هو دولهه دريا خان جي بي چين روح جي مصداق هيو ، جنهن سک سان سمهڻ سکيو ئي نه هيو ، هن جي راتين ۾ به سنڌ جي روشن آئيندي جا ڪيترا ئي جگنو سندس سوچن جي سحن تي جھومندا رهندا هيا ، هو مايوسي جي هر ديوتا لاءِ موت جو پيغام هيو ، هن جي اڱڻ جي آخري ڪنڊ تائين آزادي جي اجري چادر پکڙيل هوندي هئي، هو تاريخ جو اهو پڙاڏو هيو جنهن صدين جي سرحدن کي پوئتي ڇڏيندي ، هر دور ۾ ڌرتيءَ جي دشمن سان مهاڏو اٽڪائيندي اٽڪائيندي سن جي سرزمين تي پهچي

    سنڌو ديش جي ڌرتي توتي پنهنجو سيس نمايان

    مٽي ماٿي لايان مان مٽي ماٿي لايان مان

    جهڙين سٽن ۾ سمايل سمورين صداقتن کي ڏسندي ، پنهنجو سر سنڌ جي حوالي ڪري ويهي رهيو، ۽ پوءِ زماني ڏٺو ته سياسي گردشن ، سماجي گردابن ڪيترن ئي ڪهنه مشق چي گويرائن ۽ مائوزين جا منهن ڦيرائي سامراجي صحنن ۾ پنهنجي قيمت کان به گهٽ معاوضي جي عيوض وڪامجڻ کان پوءِ نڪ پڪائي سان اصطلاحن ۽ استعارن جي چادر ۾ ويڙهيل لفظن سان سنڌي قوم جي احساسن سان مزاقون ڪندا رهيا، هو نيتن ۾ ڪاريهر نانگ پاليندڙ نرڄا ماڻهو هن رياست جي رانديگرن سان رلجي بازيگر بنجي پاڻ سياستدان سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪندا رهيا ، لانگ بوٽن جي خوفناڪ آواز جي دهشت کي شهه رڳ مٿان شيشي جي تکي ڌار جيان محسوس ڪندي پل پل مرندا ۽ جيئڻ جا جتن ڪندي به پاڻ کي زندگي جا سفير سڏائيندا رهيا ، ليڪن هڪ هيءُ (آريسر صاحب ) هيو ، جنهن وٽ لفظ قطارون ٺاهي کيس منٿون ڪندي محسوس ٿيندا هيا، هو زندگي کي چيچ مان وٺي هلڻ جا حوصلا ڏيندڙ انسان هيو ، جنهن جي نيتن ۾ به خلوص جي ڪابه کوٽ نه هوندي هئي ، هو انهن نرڄن جي ڪيل تنقيدن کي پٺيءَ پويان اڇلي ڇڏيندو هيو، ڇاڪاڻ ته هو فقير منش هيو ، هو جڏهن صداقتن جي ممبر تي ڳالهائڻ لڳندو هيو ته ڪيترن ئي عبائن ۽ قبائن کي ڪنبڻي وٺي ويندي هئي، هن جي لفظن ۾ سمايل سٽن جو مطلب ۽ مفهوم سمجھڻ لاءِ ڪيترن ئي دانشورن جي دماغن جا دونهان نڪري ويندا هيا. پر هن جو دامن يزدان جي دامن جيان ايتري ته وسعت رکندڙ هيو ، جو بازيگرن جي ڏنل بيانن تي مرڪي “ جو وڙ جنين سين” جهڙو جملو چئي ڇڏيندو هيو، هو پنهنجي جوهر ۾ سياستدان جي بجاءِ سنڌ ۽ سيد جو عاشق هيو، هن وٽ دولهه دريا خان جهڙو جذبو ۽ ڄام نندي جهڙو ظرف هيو ، هن ڪڏهن به سنڌ جي آزادي تي ڪا به مصلحت اختيار نه ڪئي .

    هن جو اکيون سدائين سنڌ جي اجري صبح ڏسڻ جي اميد سان ٽمٽار رهنديون هيون ، سنڌ جي اندر جڏهن جسمم جي خلاف رياستي ادارن جو راڪاس سنڌ جي گلابي چپن ڏانهن چمين جا لاش موڪلڻ جو سلسلو شروع ڪيو ، سنڌ هر ڳوٺ جي ڳلين ۾ ميندي رتا هٿڙا رکندڙ ونيون پنهنجي ور جي ٿڌي ٿيل وجود سان چنبڙي آهون ۽ دانهون ڪرڻ لڳيون ، پوڙها پيءُ پنهنجن ڀرندڙ ڪلهن تي جوان پٽن جا لاش کڻي هلڻ لڳا تڌهن به سنڌ جي اندر هيءُ ٿر جو پياسو انسان هٿ اڀو ڪري انهن انهن سمورن روئندڙ اکين کي آٿتون ڏيڻ لڳو هيو ، جڏهن ته باقي سياستدان روايتن جو پورائو ڪندي دعائون گھري وري وڃي ڪساب خانن ۾ انهن شهيدن جي خون سان وضو ڪري فرعونن جي اڳيان پنهنجي سچي هجڻ جي ساک کڻندا هيا،

    سائين عبدالواحد آريسر سنڌ جي سمورن شهيدن جو وارث هيو ، هو راجه ڏاهر کان وٺي شهيد مقصود قريشي تائين سنڌ جي هر شهيد جي شهادتن تي تجديد عهد ڪندي سامراجي ٽولن سان اٽڪائڻ جي عزم لاءِ هميشهه سن جي سرزمين ڏانهن ايندي سنڌو جي جي پاڻيءَ مان ٻه سرڪيون ڀري سيد جي پيراندي ۾ ويهندي ساڻس ڪيتريون ڪٿائون سليندو هيو.

    هو ٿر ڀٽن جي اوٽ ۾ ٺهيل سادي سودي چونري ۾ لالٽين جي روشني ۾ پنهنجي اندرا جي اکين ۾ اکيون وجھي کيس سنڌ شاندار ماضي ۽ روشن آئيندي جا اجرا صبح ڏيکاريندي ، کيس اهو يقين ڏياريو هوندو ته سنڌ ضرور آزاد ٿيندي ، ڇاڪاڻ ته هو سنڌ جي انهن وريامن جو وراڪو هيو ، جن ڪڏهن به غلامي کي قبول نه ڪيو ، سنڌ جي اندر جڏهن دانشورن جي مينا بازار گرم هئي ، ۽ ٿوڪ جي صورت ۾ دانشور ۽ ڏاها بصرن جي ملهه ۾ وڪامي رهيا هيا، انهن ڏينهن جي مينا بازار ۾ جيڪڏهن ڪوئي نه وڪاڻو ته اهو هيو عبدالواحد آريسر .

    باقي ته انهن سمورن جي ماضيءَ جا گواه اڃان به جيئرا جاڳندا ويٺا آهن ، جيڪي اڄ لگزري بنگلن جي ڪاريڊور۾ وکون کڻندي ڪارڪنن تي دهمان ۽ دٻدٻو پيدا ڪندي نظر اچن ٿا، اڄ جا اهي مائوزي تنگ، چي گويرا ۽ ڏهيسر هجڻ جون دعوائون ڪندڙ اڳواڻن جن جي گهر جي چلهه به دوستن جي چندن جي پئسن مان ٻرندي هئي، اهي سمورا اڳواڻ ۽ دانشور جن جي سوچن ۾ صبح جي اجري هجڻ کي ثابت ڪرڻ لاءِ به رياست جي ڊڪشنري مان چونڊيل لفظن شهادت لاءِ موجود هجن ، جن جي سموري دانشوري لانگ بوٽن جي خوف ۾ ورتل هجي ، جن جي ڪلهن تي نظر نه ايندڙ اها زميواري رکيل هئي ته هو هميشهه سنڌ جي کيتن جهري خوشبو رکندڙ انسانن کي لفظن جو گند اڇلي ، پنهنجي پگهار ۾ اضافو ڪري پنهنجي انفرادي زندگي کي سيراب ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏين، ٻئي پاسي سيد ۽ سنڌ جو هي عاشق جنهن مينهن وسڪاري کان پوءِ ٿر جي ڀٽن تي ڦٽي آيل کنڀين جي سواد کي غيرن جي گره کان وڌيڪ اهميت ڏئي ڏيهه تان غلامي جا ڏهاڙا ڌڪڻ جا جتن ڪندي روڊن ۽ رستن تي آزادي جا گيت ٿي ڳاتا.

    اڄ هو انهي پياسي ڌرتي جي ڪک ۾ آرامي آهي ، جنهن جي آجپي لاءِ پوري حياتي ويهڻ نه سکيو، هن جي هر لمحي توڙي پل ۾ سنڌ جي روشن آئيندي جا انيڪ سون ورنا سپنا هئا ، ۽ اهي سمورا سون ورنا سپنا اسان سمورن با شعور ۽ عمل جي حامي ڀريندڙ انسان جي جھولين امانتن جي برابر آهن ، اڄ کرڙي جا سمورا شهيد راجه ڏاهر سرواڻي ۾ٿر جي ڀٽن جي ڀرسان اوچي ڳاٽ بيٺل ڪارونجھر سان ڏک ونڊڻ ضرور آيا هوندا ، ۽ ٿورو پرڀرو شاه عنايت شهيد سن جي سائين جي پلڪن ۾ اٽڪي پيل لڙڪ اگھي کيس آٿتون ڏيندو هوندو . ڇاڪاڻ ته سنڌ جي اندر سيد کان پوءِ اهو ئي (آريسر صاحب) هيو جنهن جي وک وک ۽ کنيل آڱر جي اشاري سان سامراجي سلطنت جي ڪنگرن تي ڪنبڻي طاري
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو