• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هاڻي توهان به گوگلنگ ڪري پنهنجو فون ڳولهي سگهو ٿا..!

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
18344170272_7412d74e73_o.jpg


پڪ سان توهان کي ”اينڊرائيڊ ڊوائيس مينيجر“ سورس ياد هوندي !. گوگل پاران اها سروس 2013 ۾ متعارف ڪرائي وئي هئي ته جيئن ان سان توهان پنهنجي اينڊرائيڊ فون کي ڳولهي سگهو ۽ ان ۾ موجود توهان جو ذاتي ڊيٽا ختم ڪري سگهو.
google.com/android/devicemanager
هن سروس کي استعمال ڪرڻ لا توهان کي پنهنجو جيميل اڪائونٽ فون ۾ شامل رکڻو پوندو آهي. ڪجهه ڏينهن پهريان گوگل ”فائنڊ مائي فون“ جي نالي سان هڪ ٻي دلچسپ سروس متعارف ڪرائي آهي، هونئن ته توهان ڏٺو هوندو ته گوگل جي باري ۾ مشهور آهي ته اهو سڀ ڪجهه ڳولهي سگهي ٿو. پوري دنيا جي معلومات کان علاوه هاڻ ته گوگل ڪنهن جي عمر، قد يا وزن پڇندا ته اهو ته ٻڌائيندو. سڄو ڏينهن مخلتف شيون ته اسان گوگل تي ڳوليندا رهون ٿا ، هاڻي توهان گوگل تي پنهنجو فون به ڳولهي سگهو ٿا ۽ اهو به تمام آساني سان ، ان لا توهان کي بس گوگل ۾ هي لکڻو آهي.
find my phone

پر گوگل کي ڪم ڪرڻ لا ڪجهه شيون گهرجن ٿيون. ڀلا ٻڌايو ته گوگل کي ڪيئن خبر پوندي ته توهان جو فون ڪهڙو آهي ۽ ڪٿي آهي ؟
ته ان لا ضروري آهي ته توهان برائوزر ۾ اُن جيميل اڪائونٽ سان لاگ اِن ٿيو جيڪو توهان جي فون ۾ موجود هو. بلڪه لاگ ان ٿيڻ باوجود هڪ ڀيرو ٻيهر تصديق ڪرڻ لا لاگ اِن ڪرڻ جو چيو ويندو.

18349699351_98a730ed80_o.jpg


ان کان علاوه فون تي انٽرنيٽ جو چالو هُجڻ به ضروري آهي نه ته گوگل وٽ جيڪا آخري معلومات هوندي اها فراهم ڪندو. اهو به تمام ضروري آهي ته فون تي لوڪيشن سروس فعال هُجي، نه ته ان جي جا ڳولهڻ مشڪل ٿي پوندو.

18348237855_fdbd0dd1b6_o.jpg



صحيح لاگ ان ڪرڻ سان ئي نقشي تي توهان جي فون جي جا ڏيکاريندو، ايترو ئي نه هِتي فون تي رنگ (Ring) وڄائڻ جو آپشن به ڏنو ويو آهي. جيڪڏهن توهان پنهنجو فون ڳولهي رهيا آهي ته هن آپشن کي استعمال ڪندي فون جي رنگ ٽون به وڄائي سگهو ٿا.

17725649474_49025a91dd_o.jpg


اينڊرائيڊ ڊوائيس مينيجر وانگي هتان توهان پنهنجي فون ۾ موجود ڊيٽا ختم نٿا ڪري سگهو، ان لا اينڊرائيڊ ڊوائيس مينيجر ئي انسٽال ڪرڻو پوندو. ها! ان کي جلدي ڳولها ڪرڻ لا استعمال ڪري سگهجي ٿو ڇو ته هِن ۾ اينڊرائيڊ ڊوائيس مينيجر وانگي ڪابه ايڪٽيويشن گهربل نٿي هُجي.
 
گوگل جي بهترين سروس .... پر يار مان اڪثر نيٽ بند ڪري ڇڏيندو آهيان جيئن ڊيٽا پيڪيج سان گڏ بيٽري جي پڻ بچت ٿئي.
 
Back
Top