گذريل هفتي گوگل جي سالانه ڊيولپر تقريب گوگل آئي.او 2015 جي موقع تي گوگل ٽرانسليٽ ٽيم مختلف ٻولين ۾ مشيني ترجمي جي معيار کي بهتر بڻائڻ لا ڏهن ڏينهن ڪميونٽي چيلنج جو اعلان ڪيو آهي. هن مهم ۾ شرڪت ڪري توهان پنهنجي ٻولي لا مختلف لفظن ۽ جملن جا ترجما فراهم ڪري سگهو ٿا يا پهرين ڪيل ترجمن کي صحيح يا غلط قرار ڏئي سگهو ٿا. گوگل ٽرانسليٽ ٽيم پنهنجي بلاگ پوسٽ ۾ بنگالي ڪميونٽي جي ڪوششن کي ساراهيندي ٻڌايو آهي ته انهن 80 کان وڌيڪ ٽرانسليٽ آٿان منعقد ڪري پنهنجي ٻولي ۾ ترجمي جي معيار کي ڪافي بهتر بڻايو آهي.
گوگل ٽرانسليٽ جي ٽيم کي ان سلسلي ۾ هڪ وجيٽ تيار ڪرڻ لا چيو ويو آهي جنهن سان مختلف ٻولين سان جڙيل ڪميونٽيز پنهنجي سائيٽس جي سائيٽ بار وغيره ۾ شامل ڪري پنهنجي صارفين کي ڪرائوڊ سورسنگ تي آماده ڪري سگهن. مثال طور اهڙو ڪو وجيٽ موجود هُجي ته توهان دوست سنڌسلامت تي رهندي ترجما ڪري سگهو ٿا يا ڪنهن ترجمي کي صحيح يا غلط جو نشان ڏئي سگهو ٿا. گوگل ٽرانسليٽ جي ٽيم طرفان ان مشوري کي ساراهيو ويو آهي پر عذر پڻ پيش ڪيو ويو آهي ته اهڙو ڪوبه فوري طور تي قدم کڻڻ ممڪن نه آهي.
توهان دوستن کي هن مهم ۾ شرڪت جي دعوت ڏجي ٿي، ته جيئن سنڌي ٻولي جي مشيني ترجمي جي معيار کي بهتر بڻائي سگهجي ۽ انٽرنيٽ تي سنڌي ٻولي جي فعاليت کي شامل ڪرائي سگهجي..