نوٽ : 20 مئي تي ڪاوش اخبار جي مڊويڪ مئگزين ۾ عبدالحفيظ لغاري پاران ”هوميوپيٿڪ دوائن ۾ ڪارٽيزون جو مليل زهر“ جي عنوان هيٺ صحت لاءِ ڪالم لکيو ويو جنهن جي جواب ۾ مون پاران 23 مئي تي جوابي مضمون لکيو ويو ۽ ان مضمون جون ٻه ڪاپيون ڪري هڪ ڪاپي ايڊيٽر صاحب ڏي ۽ هڪ ميگزين جي انچارج صاحب ڏي موڪلي پر خبر ناهي ته ڪهڙي مصلحت هيٺ منهنجي جوابي مضمون کي اڄ (4 جون) تائين نه اخبار جي ايڊيٽوريل صفحي ۾ ڪا جاءِ ڏني وئي نه ئي مڊويڪ مئگزين ۾ جاءِ ڏني وئي تنهن ڪري اُٻهرائيءَ وچان هي جوابي مضمون سنڌ سلامت جي ويب سائيٽ ڏي اماڻي رهيو آهيان. مضمون هيٺ ڏجي ٿو. حَوَاسَ باخته تمام گهڻي عرصي کان اهو ٻڌي ٻڌي ڪن پچي پيا آهن ته هوميوپيٿيءَ (Homoeopathy) جي دوائن ۾ ڪارٽيزون (Cortisone) جو زهر مليل آهي. ڪيترا عقل کان عاري ۽ غير مطلق شخص جيڪي هوميوپيٿيءَ جي علاج جي طريقي ۽ هوميوپيٿيءَ جي دوائن جي فارميسي Pharmacy) دواسازي ــ دوائون ڪهڙين شين مان ۽ ڪيئن ٺهن ٿيون) کان اڻ واقف آهن. اهڙيون غير مصدق ڳالهيون ڪن ٿا ۽ اخبارن ۾ مضمون به شايع ڪرائن ٿا. تازو اربع 20 مئي تي ڪاوش ميگزين ۾ عبدالحفيظ لغاري صاحب پاران صحت جي سري هيٺ ڪالم لکيو ويو آهي ته ”هوميوپيٿڪ دوائن ۾ ڪارٽيزون جو مليل زهر“ آهي. لغاري صاحب جو ڪالم پڙهڻ کانپوءِ اها ڄاڻ ملي ٿي ته لغاري صاحب کي هوميوپيٿيءَ جي علاج جي طريقي ۽ هوميوپيٿيءَ جي فارميسي بابت رتي ڀر به ڄاڻ ڪانهي. صاحبِ مضمون (يعني لغاري صاحب) جي هوميوپيٿيءَ بابت ناقص ڄاڻ جي ان مان خبر پئي ٿي ته هن صاحب هوميوپيٿيءَ جي علاج جي طريقي کي وڃي يوناني علاج جي طريقي ساڻ ملايو آهي، تنهن ڪري هن صاحب هوميوپيٿيءَ جي دوائن کي پنسارين جون دوائون (Grocers-Medicine) ڪري سمجهو آهي (ڪاڏي منهن ماسي مريم جو ڪاڏي ٽنڊو الهيار) ۽ لکي ٿو ته اهي هوميوپيٿيءَ جون دوائون پنسارين جي دوڪان تي عام ملن ٿيون. سائين ڏاها ٿيو ڇا ڪراچيءَ ۾ صدر ۾ گهڙيالي بلڊنگ ۾ هيٺ مٿي يا آرام باغ وٽ توهان کي هوميوپيٿيءَ جي دوائن جا دوڪان، پنسارين جا دوڪان (Grocer’s Shop) سمجھ ۾ اچن ٿا؟ يا وري حيدرآباد جي لجپت روڊ تي هوميوپيٿيءَ جي دوڪانن جو مرڪز توهان کي پنسارين جي دوڪان جا مرڪز نظر اچن ٿا؟ سائين ڪنهن به ڳالھ جي پهريائين تصديق ڪجي نه ته دُڦ تي بندوق نه هڻجي. لغاري صاحب جڏهين توهان هوميوپيٿڪ جي دوائن ۾ ڪارٽيزون جي زهر جي ڄاڻ ڏني آهي ته هاڻي توهان جو اهو اخلاقي فرض آهي ته پنهنجي پڙهندڙن کي ۽ دنيا وارن کي گهٽ ۾ گهٽ هوميوپيٿيءَ جي اهڙين دوائن جا نالا به ٻڌايو جن ۾ ڪارٽيزون مليل هوندي آهي. جيڪو ٻڌائڻ توهانجو اخلاقي فرض آهي; ڇو ته اهڙي فرضي ناقص الزام لکڻ ساڻ توهان هوميوپيٿيءَ جي مون سميت ڪيترن معالجن جي دل آزاري ڪئي آهي. هزارين مريضن جي دل ۽ دماغ ۾ هوميوپيٿيءَ بابت شڪ پيدا ڪيا آهن. توهان پرائو ٻار ٻئي جي هنج ۾ وڌو آهي. ڪارٽيزون (Cortisone / Corticosteroid) ڪنهن جي فارميسي جي دوا آهي اُها سڄي دنيا وارن کي خبر آهي. مان پرائي فارميسي تي تبصرو نٿو ڪرڻ گهران (هُونءَ به ڪنهن فارميسي جي ڄاڻ نه هجي ته ان تي تبصرو ڪرڻ مان ڏوھ سمجهان ٿو). جيڪڏهن ايلوپيٿيءَ جا ڊاڪٽر صاحبان ڪارٽيزون جو استعمال ڪرائين ٿا به ته اهي مريض جي ضرورت مطابق يا حالت آهر ڪرائيندا هوندا. اُهي پنهنجي فارميسي جي دوا کي بهتر نموني سمجهن ٿا. اُهي ڪارٽيزون جي فائدي يا نقصان بابت مون کا بهتر ڄاڻن ٿا. مون جرمني مان هوميوپيٿيءَ جي دوائن ۾ بيچلر جي ڊگري ورتي آهي. مون هوميوپيٿيءَ جي ڪابه اهڙي دوا نه پڙهي نه ڪنهن دوا جي ٺهڻ وقت تجربي دوران ڏٺو ته ان ۾ ڪارٽيزون ملائي پئي وڃي نه ئي ڪنهن هوميوپيٿيءَ جي مٽيريا ميڊيڪا (Materia Medica) يعني هوميوپيٿيءَ جي دوائن جي علامتن ۽ اثر بابت بڻيادي ڄاڻ جو علم ۾ ڪا اهڙي دوا پڙهي اٿم جنهن ۾ ڪارٽيزون ملائي پوءِ ٺاهي وئي هجي. تنهن هوندي به توهان کي دعوت ٿي ڏجي ته هوميوپيٿيءَ جي جڳ مشهور ڪتاب وليم بورڪ (William Boericke) جي مٽيريا ميڊيڪا، جنهن کي هوميوپيٿيءَ جا استاد هوميوپيٿيءَ جي انجيل (Bible of Homoeopathy) چوندا آهن پڙهي ڏسو يا سنڌي لئنگئيج اٿارٽي پاران منهنجو ٻارن جي بيمارين تي تازو ڇپيل ڪتاب ”ٻارن جون عام بيماريون ۽ انهن جو هوميوپيٿيءَ ۽ بايوڪيمڪ دوائن وسيلي علاج“ جي پهرئين جلد جي پهرئين باب ”هوميوپيٿيءَ ۽ بايوڪيمڪ جي دوائن / علاج بابت بڻيادي ڄاڻ“ کي پڙهي ڏسو ته هوميوپيٿيءَ جي فارميسي لاءِ دوائون ڇا مان ٺهن ٿيون ۽ ڪيئن واپرائجن ٿيون. انهي باب مان توهان کي هوميوپيٿيءَ جي دوائن جي ڄاڻ ملي پوندي. ها! باقي توهان کي ۽ پنهنجي هن ڪالم زريعي مهربان پڙهندڙن کي هوميوپيٿيءَ لاءِ ڪارٽيزون دوا ٺاهڻ بابت ڄاڻ ڏيان ٿو ته 1996 ۾ رڍ جي بُڪي جي ائڊرينل غدود (Adrenal Gland)، (جنهن کي Suprarenal Gland به چئبو آهي، جي ڪيميائي رطوبت (Corticosteroid) جنهن جي بڻيادي جُز مان ڪارٽيزون ٺاهي ويندي آهي) تي ڪارٽيزون نالي هوميوپيٿيءَ جي دوا ٺاهڻ تي تجربا ڪيا ويا، ٽن سالن جي لڳاتار تجربن کانپوءِ ماهرن ڄاڻ ڏني ته ڪارٽيزون هوميوپيٿيءَ جي ڪنهن به پوٽينسي (طاقت) ۾ مريضن لاءِ نقصانڪار آهي تنهن ڪري جرمني حڪومت ان دوا کي هوميوپيٿيءَ جي فارميسي ۾ شامل ڪرڻ جي اجازت نه ڏني باقي توهان کي الائي ڪيئن خبر پئي ته هوميوپيٿيءَ جي دوائن ۾ ڪارٽيزون جو زهر مليل آهي؟ توهان جي لکت مان معلوم ٿئي ٿو ته توهان ڪنهن فارميسي جي ليبارٽري ساڻ لاڳاپيل آهيو. تنهن ڪري توهان دعوي ڪئي آهي ته فوري اثر ڏيکارڻ وارين دوائن کي جڏهين ساک واري ليبارٽري ۾ توهان جي موجودگيءَ ۾ چڪاسيو ويو ته خبر پئي ته سئو سيڪڙو (يعني سڀني) دوائن ۾ خطرناڪ حد تائين ڪارٽيزون موجود هئو. تنهن لاءِ توهان جي خدمت ۾ عرض آهي ته هوميوپيٿيءَ جي هڪ تڪڙو اثر ڪرڻ واري دوا وينيڊيم (Vanadium) آهي، جيڪا دوا اوچتي رت جي گهٽتائي ڪري يا دماغ کي آڪسيجن نه ملڻ ڪري دماغي دورا (Convulsions) پوڻ جي علاج لاءِ ڏاڍي ڪارائتي دوا آهي. وينيڊيم دوا جي ڏھ ملي ليٽر (10 ML) جي شيشي جي1M پوٽينسي (طاقت) تي وينيڊيم دوا جو بڻيادي جُز (Radicals) ڪيتري مقدار ۾ آهي ۽ ان فوري اثر ڪرڻ واري هوميوپيٿيءَ جي دوا ۾ ڪارٽيزون آهي يا نه ؟ ، جي آهي ته ڪيتري مقدار ۾ آهي ؟ منهنجي انهن سوالن ۾ توهان لاءِ فوري اثر ڪندڙ دوائن ۾ ڪارٽيزون جي سئو سيڪڙو موجودگيءَ جي دعوي جو سوال ۽ جواب آهي. لغاري صاحب توهان جي جواب ملڻ تي مان پاڻ جرمنيءَ جي هوميوپيٿيءَ فارماڪوپيا وارن کي لکندس ته توهان پنهنجي دوائن ۾ ڪارٽيزون ملايو ٿا. توهان جي چوري اسانجي هڪ نوجوان پڪڙي آهي. ثابتي ۾ توهان پاران مليل وينيڊيم دوا جي ليبارٽري ٽيسٽ جي رپورٽ ۽ توهان جو مضمون ڏياري موڪليندس. سوچي سمجهي دوا جي ٽيست ڪندا، ڌڪو نه ھڻندا ڇو ته توهان هڪ سسٽم کي چئلنج ڪيو آهي ۽ ان تي الزام به هنيو آهي. جرمنيءَ جي ماحول ۾ بغير ثابتي جي الزام هڻڻ کي وڏو ڏوھ سمجهندا آهن ڇو ته هو ايماندار آهن، تڏهين ته چوڻي آهي ته ” جرمنيءَ جي عورت ۽ جرمنيءَ جي مشينري ڪڏهن دوکو ناهين ڏيندا“. از ڊاڪٽر نظير احمد چارڻ DHMS (KAR), RHMP BACHELOR IN HOMOEOPATHIC GERMANY دادو
ٻئي پروفيشنل آهن. ڊاڪٽرلغا ري صاحب ڪيمسٽري جو ماهر سائنسدان آهي هن جيڪو لکيو آهي ان کي رد نٿو ڪري سگهجي.ڊاڪٽر نظير احمد چارڻ به هوميو پيٿي جو ماهر آهي.مونکي لڳي ٿو ڊاڪٽرلغا ري عام رواجي حڪيمن جي با ري ۾ لکيو آهي جن کي هوميو پيٿي جي باري ۾ ڪا به خبر ناهي.
محترم ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري جو مذڪوره مضمون هڪ ڀيرو ٻيهر غور سان پڙهڻ کان پوء مان ان نتيجي تي پهتو آهيان ته مضمون جو عنوان ”هوميوپيٿڪ دوائن ۾ ڪارٽيزون جو زهر“ سان اها غلط فهمي پيدا ٿي آهي ته هي مضمون صرف هوميوپيٿي جي خلاف ئي لکيو ويو آهي. حالانڪه مضمون ۾ مختلف جاين تي هوميوپيٿڪ ڊاڪٽرن سميت حڪيمن تي به تنقيد ڪئي وئي آهي. جيتوڻيڪ هوميوپيٿڪ جون دوائون ۽ يوناني حڪمت جون دوائون الڳ الڳ آهن، پر اها ڳالهه ذهن ۾ رهي ته ٻنهين جي دوائن ۾ ڪارٽيزون جي ملاوٽ قانوني طريقي سان نه ڪئي ويندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو حڪمت يا هوميوپيٿڪ جا ڪتاب ڪارٽيزون مليل دوائن بابت خاموش آهن. ٻي اهم ڳالهه ته ڪارٽيزون جو بيجا استعمال هوميوپيٿڪ ڊاڪٽرن ۽ حڪيمن سان گڏوگڏ عام پريڪٽس ڪندڙ ايلوپيٿڪ ڊاڪٽر ( جنرل پريڪٽيشنر) ۽ خاص طور تي عطائي ڊاڪٽر به عام جام ڪندا آهن.…!!! ڄاڻڻ گهرجي ته اهي ڪارٽيزون مليل دوائون رجسٽرڊ ٿيل نه هونديون آهن..…!!!! اڪثر دوائون ته هٿرادو يا لوڪل ليول تي ٺاهيون وينديون آهن ۽ ڪافي حڪيم ۽ ڊاڪٽر ته ڪارٽيزون مليل دوائون پنهنجي ڪلينڪن تي سفوف جي شڪل ۾ عام مريضن کي پڙين ۾ وجهي ڏيندا آهن، اهو ئي سبب آهي جو اهڙين دوائن جا نالا ڪنهن ڪتاب ۾ ملڻ ممڪن نه آهي. ضروري ناهي ته هر هوميوپيٿڪ ڊاڪٽر، حڪيم يا جنرل پريڪٽيشنر ڪارٽيزون جو بيجا استعمال ڪري انساني زندگين سان کيڏندو آهي ، پر اها به حقيقت آهي ته مريضن کي جلد فائيدو پهچائي وڌ کان وڌ پئسا ڪمائڻ جي لالچ ۾ اچي اڪثريت اهو ئي ڪم ڪري ٿي..…!!!!! بهرحال محترم ڊاڪٽر نظير چارڻ جو هي جوابي مضمون پڙهي منهنجي معلومات ۾ بيحد اضافو ٿيو آهي. ان بابت وڌيڪ وضاحت ته ادا عبدالحفيظ لغاري پاڻ ڪندا. شايد اڄڪلهه پاڻ ڪجهه مصروف آهن تنهن ڪري اڃا سندن مؤقف سامهون نه اچي سگهيو آهي.
جيڪڏنهن ڪو انگن اکرن ۽ ثابتين سان ڳالھائي ۽ ٻڌائي ته هيءُ فلاڻيون دوائون آهن جن ۾ ڪارٽيزون شامل آهي ته ان کي ڪير به رد ڪون ڪندو؟ آئون ڊاڪٽر نظير صاحب جي مضمون سان متفق آهيان.