حيدرآباد سرڪٽ هائوس ۾ قائم درگا شو مندر ۾ هڪ شخص داخل ٿي مورتين جي بي حرمتي ڪندي ٽوڙ ڦوڙ ڪري ڏني، مندر ۾ موجود ماڻهن کيس پڪڙي ورتو. ٻئي طرف جي او آر ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته مندر تي حملو ڪندڙ شخص لطف الله لاشاري کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو آهي
ڏک ۽ افسوس واري ڳالهه آهي، جنهن جي مذمت ڪجي ٿي. سڀني انسانن کي مذهبي آزادي آهي ۽ انهن جي عبادتگاهن ۾ وڃي ايئن ڪرڻ صوفي سنڌ جي توهين آهي.
ادا اها ڪنهن ٻئي کي نه سهڻ واري جنونيت اسان سنڌين ۾ به وڌندي پئي وڃي ،پورو معاشرو انتها پسندي ڏانهن ڌڪجي پيو الائي ڪڏهن اهي نا انصافين جا سلسلا رڪبا.