99ع واري طوفان کان به وڌيڪ خطرناڪ سامونڊي طوفان جو سڀاڻي سنڌ جي ساحلي پٽي سان ٽڪرائجڻ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏3 جون 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    99ع واري طوفان کان به وڌيڪ خطرناڪ سامونڊي طوفان جو سڀاڻي سنڌ جي ساحلي پٽي سان ٽڪرائجڻ جو امڪان،ايمرجنسي لاڳو

    [​IMG]
    [​IMG]

    ڪراچي(رپورٽ:امتيازچانڊيو)سنڌ ۾ تباهي پکيڙيندڙ 99ع جي طوفان کان به وڌيڪ خطرناڪ ترين سامونڊي طوفان”پيٽ“ڪراچي کان 900 ڪلوميٽر پري رهجي ويو آهي، جيڪو جمعي ڏينهن ساحلي پٽي سان ٽڪرائجڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته موسميات کاتي ڪيٽي بندر ۽ کارو ڇاڻ سميت سامونڊي ڪنڌي تي قائم آبادين ۽ شهرن جي ٻڏي وڃڻ ‎جو خدشو به ظاهر ڪيو آهي، سامونڊي طوفان جي شدت خطرناڪ حد تائين وڌڻ سبب سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي پٽي ۽ بندرگاهن تي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، سامونڊي طوفان بابت صدر ۽ وزيراعظم کي به رپورٽ موڪلي وئي آهي، ”ڪاوش“ پاران ورتل ڄاڻ موجب موسميات کاتي ڪراچي کان 900 ڪلوميٽر پري عربي سمنڊ ۾ موجود سامونڊي طوفان کي 19 مئي 1999ع ۾ آيل سامونڊي طوفان اي ٽو کان به وڌيڪ خطرناڪ قرار ڏيندي ان بابت سنڌ ۽ بلوچستان جي حڪومتن کي ايڊوائيزري جاري ڪري ڇڏي آهي ته هو پنهنجي ساحلي پٽين ۾ ڪنهن به تباهي کان بچڻ لاءِ اپاءَ وٺن، جنهن کانپوءِ سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽِي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪندي کليل سمنڊ ۾ مڇي جي شڪار لاءِ ويل مهاڻن توڙي سمنڊ ۾ موجود سامونڊي جهازن کي ڪنارن تائين پهچائڻ جي لاءِ نيوي، ميري ٽائيم سيڪيورٽي فورس ۽ ڪوسٽ گارڊ پاران امدادي ڪم شروع ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ملڪ جي موسميات کاتي عربي سمنڊ ۾ پيدا ٿيل خطرناڪ سامونڊي طوفان بابت سنڌ ۽ بلوچستان جي چيف سيڪريٽريز، ڊفينس منسٽري، واپڊا، ماحوليات واري وزارت، نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي، وفاقي فلڊ ڪميشن، ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي ۽ ٻين ادارن کي سائيڪلون وارننگ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن جي ڪاپي صدر ۽ وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽريز کي به اماڻي سامونڊي طوفان جي خطري کان آگاهي ڏني وئي آهي، موسميات کاتي جي جاري ڪيل وارننگ موجب سامونڊي طوفان هن وقت ڪراچي کان 900 ڪلوميٽر پري ڏکڻ ۽ اولهه جي وچ تي موجود آهي، جنهن جي رفتار گهٽ ۾ گهٽ 150 کان 200 ڪلوميٽر في ڪلاڪ آهي، جيڪو اومان جي ساحلي پٽي سان ٽڪرائجڻ کانپوءِ سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽي ۾ تباهي مچائي سگهي ٿو، ان سلسلي ۾ چيف ميٽرولاجسٽ عارف محمود رابطي ڪرڻ تي ”ڪاوش“ کي ٻڌايو ته سامونڊي طوفان جا 4 درجا هوندا آهن پر هي سامونڊي طوفان ٽئين درجي جو انتهائي خطرناڪ ترين طوفان آهي، جنهن جي سامونڊي لهرن جي بلندي 6 کان 8 ميٽر آهي، هن چيو ته جيڪڏهن سامونڊي طوفان سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽي سان ٽڪرائجي ويو ته ڪيٽي بندر،کارو ڇاڻ ۽ ٻيا سمنڊ ڪناري آباد شهر ۽ وسنديون ٻڏي سگهن ٿيون، تنهن ڪري ڪيٽي بندر کي ته سڀ کان پهرين خالي ڪرايو وڃي، ان لاءِ اسان انتظاميا کي اڳواٽ آگاهي ڏئي ڇڏي آهي، هن چيو ته سامونڊي طوفان جي شدت تمام خطرناڪ آهي، تنهن ڪري اسان حڪومت کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته هي سامونڊي طوفان وڏي تباهي پکيڙي سگهي ٿو، جنهن کان بچڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن، هن چيو ته سمنڊ ۾ ويل سامونڊي جهازن کي واپس گهرائڻ جون هدايتون ڏنيون آهن، جيترو جلد ٿي سگهي سامونڊي جهاز بندرگاهن تي واپس اچن، سنڌ جي ساحلي پٽي ۾ ٺٽي جي ڪيٽي بندر، کارو ڇاڻ، شاهه بندر، ساڪرو، جاتي، ميرپورخاص، ٿرپارڪر، بدين، حيدرآباد، ڪراچي ۽ ٻين علائقن ۾ تيز هوائن سان برساتون پونديون، جنهن ڪري چاڙهن ۾ چاڙهه ٿيندي ۽ انفرااسٽرڪچر سخت متاثر ٿي سگهي ٿو، تنهن ڪري صوبائي حڪومتون پاڻ اپاءَ وٺن.هن چيو ته 99ع وارو طوفان ٻئي درجي جو هو، هي ان کان وڌيڪ خطرناڪ آهي، هوڏانهن ٽئين درجي جي خطرناڪ ترين سامونڊي طوفان جي امڪاني تباهڪارين کان آگاهي ملڻ کانپوءِ ڪراچي پورٽ ۽ پورٽ قاسم تي به ايمرجنسي لاڳو ڪري سامونڊي جهازن کي روڪيو ويو آهي ۽ جيڪي جهاز وچ سمنڊ ۾ آهن تن کي به واپس گهرايو ويو آهي. جڏهن ته ڪراچي مان ارشاد گلاباڻي مطابق سنڌ حڪومت امڪاني سامونڊي طوفان کي نظر ۾ رکندي ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ بري فوج، سامونڊي فوج ۽ رينجرز کان مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعليٰ هائوس جي ذريعن موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه امڪاني سامونڊي طوفان جي نتيجي ۾ ڪنهن به اڻ وڻندڙ ۽ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ بري فوج، پاڪستان نيوي ۽ رينجرز کي تيار رهڻ لاءِ چيو آهي. سامونڊي طوفان سڀاڻي رات سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ سان ٽڪرائجڻ جي خدشي سبب سنڌ حڪومت اهڙو اپاءُ ورتو آهي. جڏهن ته وڏي وزير اها هدايت پڻ ڏني آهي ته وزيراعليٰ هائوس ۽ سنڌ سرڪار جون لاڳاپيل اختياريون لاڳيتو فوج، رينجرز ۽ موسميات کاتي سان رابطي ۾ رهن. ٻئي طرف مانيٽرنگ ڊيسڪ موجب صدر آصف علي زرداري سامونڊي طوفان جي خطري سبب فوج ۽ ٻين حڪومتي ادارن کي تيار رهڻ جي هدايت ڪئي آهي، صدر جو چوڻ آهي ته هٿياربند فوج ۽ ٻيا ادارا عوام جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کڻن ۽ هنگامي صورتحال جي نگراني ڪئي وڃي، جڏهن ته صدر وڏي وزير قائم علي شاهه کي فون ڪري ڄاڻ ورتي، هوڏانهن ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور خاص، ٽنڊو محمد خان، مٽياري، بدين، ٺٽي ۽ ٿرپارڪر ۾ هنگامي حالتن جو اعلان ڪري ڪنٽرول روم قائم ڪيا ويا آهن ۽ سڀني کاتن جي ملازمن جون موڪلون رد ڪيون ويون آهن، سمورن عملدارن کي الرٽ رکندي اسپتالن ۾ به ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي اهي، ان سلسلي ۾ ڪالهه انهن ضلعن جي ڊي سي اوز جون گڏجاڻيون ڪري صورتحال جو جائزو ۽ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سامونڊي پٽي وارن علائقن ۾ ماڻهن کي رليف پهچائڻ لاءِ قدم کڻڻ جو به فيصلو ڪيو ويو، انهن اجلاسن ۾ مختلف ڪاميٽيون به جوڙيون ويون آهن ۽ تعلقي ۽ يوسي سطح تي انتظاميا کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي. هوڏانهن رات دير سان ٺٽي ۽ بدين جي ساحلي پٽي ۾ زودار برسات شروع ٿي وئي.
    بشڪريه ڪاوش اخبار
     
  2. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: 99ع واري طوفان کان به وڌيڪ خطرناڪ سامونڊي طوفان جو سڀاڻي سنڌ جي ساحلي پٽي سان ٽ

    سائين بس دعائون ئي ڪري سگهجن ٿيون۔۔۔۔۔۔

    الله سائين خيئر ڪندو۔۔۔۔۔۔۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: 99ع واري طوفان کان به وڌيڪ خطرناڪ سامونڊي طوفان جو سڀاڻي سنڌ جي ساحلي پٽي سان ٽ

    مطلب ته جمعي جي شام ڇنڇر جي رات جو طوفان ايندو ۔۔۔ پر ادا جيڪا رفتار ۽ فاصلو ٻڌايو ويو آهي ته ان مطابق ته چئن پنجن ڪلاڪن ۾ پهچڻ کپيس ۔۔۔ سنڌ سلامت جي دوستن کي کپي ته انهن ڄاڻايل علائقن ۾ پنهنجن پرين پيارن کي اطلاع ڪري کين محفوّظ ڪيو وڃي ۽ سنڌ دوست نجي يا حڪومتي ادارا اڳواٽ تياري ڪن ته جيئن ڪا اهڙي آفت اچي ته بروقت قوم جي مدد ڪري سگهجي ۔۔۔ ڇاڪاڻ 99 ۾ پڻ ڪافي شهيد ٿيا هئا ۽ ڪافي نقصان ٿيو هو ۔۔۔
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: 99ع واري طوفان کان به وڌيڪ خطرناڪ سامونڊي طوفان جو سڀاڻي سنڌ جي ساحلي پٽي سان ٽ

    سائين بس دعائن ۾ ياد رکندا​




    سنڌ سان سچائي وڏي ڳالهه آ
    مٽي سان وفائي وڏي ڳالهه آ
    ڀلي مير، غالب، يا اقبال هجي​
    پر اسان جو سهڻو ڀٽائي وڏي ڳالهه​

    آ
     
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: 99ع واري طوفان کان به وڌيڪ خطرناڪ سامونڊي طوفان جو سڀاڻي سنڌ جي ساحلي پٽي سان ٽ

    ۽ آخرڪار پيٽ نالي اهو سامونڊي طوفان سنڌ بلوچستان ساحلي پٽي سان ٽڪرائجي ويو ۔۔۔
    چوڻ وارن ته اهو ٿا چون ته طوفان ايترو خطرناڪ نه هو ۔۔۔ اڄ فيس بوڪ جي هڪ وڊيو تي نظر پئي سنگت سان شييئر ڪندي دوستن کان سوال ڪندس ته ڇا ايتري آگاهي جي باوجود ڇا حڪومت سنڌ جي ساحلي پٽي تي رهندڙ سنڌين ۽ ان جي مال و دولت کي اهڙي خطرناڪ طوفان کان محفوظ رکڻ ۾ ڪامياب وئي ۔۔۔

    [fv]395706367970[/fv]​
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: 99ع واري طوفان کان به وڌيڪ خطرناڪ سامونڊي طوفان جو سڀاڻي سنڌ جي ساحلي پٽي سان ٽ

    سائين مٺڙا ڪهڙيون ٿا ڳالهيون ڪيو
    اهي پيپلا ڪهڙو ڪم صحيح ڪيو اٿن
    هالي خوشامندن کان ٿا فارغ ٿين
    اڃا 5 سال ئي نه ٿيا آهن
    اڃا هي الاجي ڇا ڇا وڪڻي ويندا
    مس ته انهن کي آخري موقعو مليو آهي
    انهن کي خبر آهي ته وري اچڻو نه آهي
    هاڻي پنهنجا اڪائونٽ ڀريو
    عوام وري مٿين حڪومت جي ڳچي پاڻ ئي پڪڙيندي
    سائين 9999 فيصد ناڪام ناڪام ناڪام
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو