نَيگِلَيريا (Naegleria) ۽ ان جو هوميوپيٿيءَ ۾ علاج...

Dr. Asif Jamal Charan

سينيئر رڪن
(الف) بيماريءَ جو تعارف (Introduction)

دماغ جي هن مهلڪ بيماريءَ بابت دنيا وارن کي پهريون ڀيرو ويهين صدي هي شروعات ۾ آسٽريليا جي جيوڙن جي ماهر (Australian Bacteriologist) ايف پي او نيگلر (F P O Naglar) ڄاڻ ڏني، اهو ئي سبب آهي جو هن دماغي بيماريءَ جو نالو سندس نالي پويان منسوب آهي.

(ب) بيماريءَ ٿيڻ جا سبب (Aetiology)

جِمنِي اموئبيا (Gymnamoebia) نالي پتڪڙي جيوڙي (Amoebia) جي نسل، خاص ڪري شيزوپاءِ رينيڊا (Schizopyrenida) پتڪڙو جيوڙو (جيڪو پيراسائيٽ (Parasite) قسم جو جيوڙو هوندو آهي ۽ ٻين جيوڙن جي رت چوسي پلبو آهي) خاصيت جو هوندو آهي جڏهن هي جيتامڙو جيوڙو اَموئبيا جي درجي کان نڪري (ٿورو) وڏو ٿي ويندو آهي ته هي پنهنجي بڻاوت تبديل ڪري فِليگِي ليٽ Flagellate) اهڙو زهريلو جيوڙو جنهن جي پٺيءَ تي سنهي ڌاڳي جهڙي هڪ يا هڪ کان وڌيڪ تيز چهبُڪ (Whip like) جهڙي بڻاوت (Structure) هوندي آهي. جنهن جي آڌار تي هي تيزيءَ ساڻ هوا ۾ اُڏامي به سگهندو آهي ته پاڻيءَ ۾ تري پنهنجي شڪار تائين پهچندو آهي) جي صورت وٺندو آهي. هيءُ جيوڙو (شيزوپاءِ رينيڊا) گهميل آب و هوا، پوسل واري جاءِ، گَپَ، ۽ ڪني پاڻيءَ (Contaminated Water) ۾ رهندو به آهي ته پنهنجي واڌ ويجھ به ڪندو آهي. اڄ تائين هن جيوڙو جي گرم علائقن (Tropical Areas) ۾ موجودگيءَ جي باري ۾ ڪونه ٻڌو ويو آهي. ها! باقي اُها ٻي ڳالھ آهي ته گرم علائقن جو ماڻهون (ڪنهن ٿڌي ملڪ جي) سفر دوران هن جيوڙي جي ور چڙهي ويو هجي.

هن جيوڙي (شيزوپاءِ رينيڊا) جي ئي نسل جو هڪ ٻيو جيوڙو نالي اين فوليري (N.FOWleri) ڪني پاڻيءَ پيئڻ ساڻ، ڪني پاڻيءَ ۾ وهنجڻ ساڻ، گپ (پوسل واري جاءِ) ۽ گهميل آب و هوا ۾ انسان تي حملو ڪندو آهي. نڪ ۽ وات مان ساھ جي وسيلي دماغ (Brain) تائين پهچندو آهي جتي هي جيوڙو نيگليريا جي بيماري ڪري وجهندو آهي. بيماري دوران هي جيوڙو يا ته دماغ جي پردن (Cerebral Brain Membranes) يا دماغ (ميڄالي) جي اوڄن (Brain Tissues) تي پلبو آهي يعني دماغ جي پردن ۽ اوڄن کي کائيندو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ماڻهون تي بيماريءَ جا مختلف مرحلا ايندا آهن. هي جيوڙو انساني دماغ ۾ داخل ٿيڻ جي 72 ڪلاڪن ۾ مريض جا پساھ پورا ڪري ڇڏيندو آهي. ڪو قدرتي معجزو ئي هن جيوڙي جي دماغ ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ انسان کي بچائي نه ته ٻي صورت ۾ هي جيوڙو انسان جي زندگيءَ جو دان ضرور وٺي ويندو آهي.

(ٻ) علامتون (Symptoms)

هن بيماريءَ جون علامتون دماغي مليريا (Cerebral Malaria) ۽ گردن ٽوڙ (Meningitis Fever) ساڻ ملندڙ جلندڙ آهن. جنهن ۾ مريض کي جسم ۾ رکي رکي سَٽون (Twitchings) اينديون آهن، دل ڪچي ٿيندي آهي، اوڪارا ايندا آهن، آخر ۾ الٽيون اينديون آهن، مٿي ۾ بيقرار ڪرڻ وارو سور ٿيندو آهي (اهو ياد ڪرڻ گهرجي ته مريض کي مٿي ۾ ان هنڌ تمام گهڻو سور ٿيندو آهي جتي دماغ ۾ هن جيوڙي حملو ڪيو هوندو آهي. دماغ ۾ هن جيوڙي جي حملي جو پسند وارو هنڌ ڪياڙي/ ڪنڌ جومٿيون حصو هوندو آهي). بُک مري ويندي آهي. تيز بخار ٿيندو آهي. جڏهن مرض وڌي ويندو آهي ته جسم سيٽجي شِيخ (Rigid) ٿي ويندو آهي ۽ ڪنڌ هڪ پاسي ڦري شيخ ٿي ويندو آهي يا وري مريض کي دماغي دوارا (Convulsions) پوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن هن جيوڙي جي خطرناڪ/ زوردار حملي جي ڪري مريض جو سڄو جسم (مٿي/ ڪنڌ کان پٺيءَ / ڪرنگهي تائين) ڏوڙو ٿي پوئتي ڪمانيءَ (Arch) وانگي (Opisthotones) وري ويندو آهي. مريض ۾ هيءَ علامت (پوئتي ڏوڙو ٿي وڃڻ) يقيني موت ڏي وڌندڙ هوندي آهي.



(ڀ) علاج (Treatment)

1. نيٽرم سلف (Natrum Sulph 12X)

مريض کي ڪنڌ / ڪياڙي ۽ نڙي جي چوڌاري سُور هوندو آهي، ڪياڙي جو سور گهڻو ڪري هيٺ پٺاڻن ۽ ڪرنگهي تائين ايندو آهي. ڪنڌ جي سُور ۾ مريض ائين محسوس ڪندو آهي ته ڪنڌ کي جيئن ڪُتي (Dog) جي ڏندن جا نيش سُور واري جاءِ ۾ کپي ويا آهن تنهن ڪري سور واري جاءِ ڪُترجي (Gnawing) رهي آهي.

(i) گورين کارائڻ جي ترڪيب ــ چار گوريون چار ڀيرا ڏينهن ۾ چوسيندا

هدايت ــ هي گوريون ٻين ھيٺين دوائن ساڻ مددگار طور گڏ کارائيندا ۽ مرض ڇڏي وڃڻ کانپوءِ به هڪ هفتو ساڳي ترڪيب ساڻ گوريون چوسائيندا.

2. ايپس ميليفيڪا (Apis Mellifica 30)

مريض کي منجهند جي وقت سرديءَ ساڻ گڏ بخار ٿيندو آهي ۽ اُڃ لڳندي آهي پر پيشاب بلڪل ٿورو ايندو يا بلڪل ڪونه ايندو. پيشاب ۾ ساڙو هوندو آهي.

(i) دوا پيارڻ جي ترڪيب ــ ٽي ڦڙا دوا هڪ ننڍي چانھ جي چمچي (Tea Spoon) جيتري پاڻيءَ ۾ ملائي ڏينهن ۾ چار ڀيرا مرض ڇڏي وڃڻ تائين پياريندا.

3. آرسنيڪم البم (Arsenicum Album 30)

مريض کي سڄي جسم تي بخار ۽ باھ (تپش) گهڻي هوندي آهي تنهن ساڻ پاڻيءَ جي تمام گهڻي اُڃ هوندي آهي پر مريض ٿوري ٿوري دير ۾ چُڪو چُڪو پاڻي پيئندو آهي (يعني پاڻيءَ ساڻ رڳو نڙي سائي ڪندو آهي) ۽ مريض کي تمام گهڻي لوڇ پوڇ هوندي آهي ۽ ڪوشش ڪندو آهي ته پنهنجي ويھڻ ۽ سمھڻ جون هر هر جايون پيو مٽائيندو/ بدلائيندو آهي.

(i) دوا پيارڻ جي ترڪيب ــ ٽي ڦڙا دوا هڪ ننڍي چانھ جي چمچي (Tea Spoon) جيتري پاڻيءَ ۾ ملائي ڏينهن ۾ چار ڀيرا مرض ڇڏي وڃڻ تائين پياريندا.



4. بيلاڊونا (Belladona 30)

مريض کي سڄي دماغ / مٿي تي تيز بخار هوندو آهي پر هٿ پير ٿڌا هوندا آهن. اکيون ڳاڙهيون هونديون آهن جن مان باھ جا اُلا نڪرندا آهن پر تمام گهڻي بخار جي باوجود مريض کي پاڻيءَ جي اُڃ ڪانه لڳندي (Thirst less) آهي.ڪن مريضن کي ساڄي پاسي مٿي ۾ سور ٿيندو آهي. بخار دوران مريض وڦلندو (Deliriums) آهي ۽ بخار دوران مريض کي وهم (Delusions) ٿيندو آهي جنهن ۾ جنن ڀوتن جون شڪليون ڏسندو آهي. ڇرڪ (Starts) ڇڏيندو آهي. جيڪڏهن بخار دماغ تي گهڻو چڙهي وڃي ته مريض کي بيهوشي جا دورا به پوندا، سرسام وانگي ڇڙهيون به هڻندو آهي ۽ ڇت ۾ اکيون هڪ هنڌ کوڙي ڇڏيندو آهي.

(i) دوا پيارڻ جي ترڪيب ــ چار ڦڙا دوا هڪ ننڍي چانھ جي چمچي (Tea Spoon) جيتري پاڻيءَ ۾ ملائي بيماريءَ جي زوردار حملي جي آڌار تي پياربي. جيڪڏهن بيماري جو حملو زوردار هجي ته دوا جو ورجاءُ هر اڌ ڪلاڪ ۾ ڪبو آهي. جيئن ئي بيماري ۾ فائدو ٿئي بيماري جو حملو گهٽ ٿيندو وڃي ته دوا جو ورجاءُ وڌائي ڪلاڪ پوءِ ٻه ڪلاڪن، مڪمل شفا ٿيڻ تائين ڪبو.

ھدايت ــ دماغ تي بخار جي زوردار اثر کي گهٽ ڪرڻ لاءِ مريض کي ٿڌي پاڻيءَ جون پٽيون رکندا


5. برائي اونيا (Bryonia 30)

مريض کي تيز بخار ساڻ گڏ گهڻي وات ۽ نڙيءَ ۾ خشڪي هوندي آهي. خشڪيءَ جي ڪري چپ هڪ ٻئي ساڻ چنبڙي پوندا آهن. پر ايتري گهڻي خشڪيءَ جي جي باوجود به مريض کي پاڻيءَ جي اُڃ تمام گهڻي دير ساڻ (گهٽ ۾ گهٽ ڪلاڪ کانپوءِ) لڳندي آهي پر گهڻي مقدار ۾ پاڻي پيئندو آهي. مريض کي سڄي مٿي ۾ سور هوندو آهي. مٿو سور ڪري جهرندو آهي تنهن ڪري مريض مٿي کي هٿ هڻڻ ناهي ڏيندو.

(i) دوا پيارڻ جي ترڪيب ــ چار ڦڙا دوا هڪ ننڍي چانھ جي چمچي (Tea Spoon) جيتري پاڻيءَ ۾ ملائي هر ٻن ڪلاڪن ۾ شفا ٿيڻ تائين مريض کي پياريندا رهندا


6. سڪوٽا وائروسا (Cicuta Virosa 200)

مريض جو ڪنڌ ڪنهن هڪ پاسي ڦري شيخ (Rigid) ٿي ويندو آهي جنهن جو سبب ڪنڌ جون مشڪون (Muscles) سيٽجي وينديون آهنيا بيماري جي حملي جي ڪري مٿو، ڪنڌ ۽ ڪرنگهو پوئتي ڪماني (Arch) وانگي مڙي (Opisthotonos) ويندو آهي.مريض جي اکين جا دوڏا مٿي ڇپرن ڏي هليا ويندا آهن ۽ بخار دوران سردي تمام گهڻي لڳندي آهي.

(i) دوا پيارڻ جي ترڪيب ــ ٽي ڦڙا دوا هڪ ننڍي چانھ جي چمچي (Tea Spoon) جيتري پاڻيءَ ۾ ملائي روزانو چار ڀيرا بيماري ڇڏي وڃڻ تائين پياريندا.


7. جيلسيمم (Gelsemium 30)

هن بيماري جي علاج لاءِ وڏين دوائن مان هي هڪ آهي ۽ شافي دوا آهي. مريضن کي هونءَ ته سڄي مٿي ۾ هر هنڌ سور هوندو آهي پر گهڻو ڪري ڪنڌ ۾ بي حال ڪرڻ وارو سور هوندو آهي تنهن کانسواءِ ڪنڌ پوئتي سيٽجي ويندو آهي ۽ هيڏي هوڏي وري ناهي سگهندو. مريض جون ماڻڪيون (Pupils) ڦوتاريل هونديون آهن. مريض بخار دوران دماغ تي موڳاهٽ (Stuporness)، هيراس، جسم ۾ ساڻائي (Prostration) ۽ بخار دوران مريض ايترو ته ساڻو(Exhaust) ٿي ويندو آهي جو دوا درمل لاءِ کيس اٿاربو ته ڪوشش ڪندو ته ڪير ٻيو جهلي ويهي پاڻ پنهنجي سر ويهي نه سگهندو آهي. جڏهن مريض هنڌ ۾ لٽيل هوندو آهي ته ائين لڳندو آهي ته سندس زندگيءَ ( زندھ هجڻ) جو ڪوبه اهڃاڻ ڪونهي . بخار دوران ٻار جي اکين تي ايترو ته وزن هوندو آهي جو وڏي مشڪل ساڻ پٽي سگهندو آهي. مريض سان ڳالهائبو ته وڏي مشڪل ساڻ جواب ڏيندو سو به اڌورو گابرو

جواب ڏئي وري اکيون بند ڪري ڇڏيندو. مريض جي نبض (Pulse) آهستي هلندي آهي ۽ مريض کي بخار دوران پاڻي قطعي ناهي وڻندو تنهن ڪري کيس اُڃ ناهي لڳندي.

(i) دوا پيارڻ جي ترڪيب ــ چار ڦڙا دوا هڪ ننڍي چانھ جي چمچي (Tea Spoon) جيتري پاڻيءَ ۾ ملائي بيماريءَ جي حملي جي آڌار تي دوا پياربي. جيڪڏهن بيماري جو حملو زوردار هجي ته دوا جو ورجاءُ هر ڪلاڪ ۾ ڪندا جيئن فائدو ٿئي ته دوا هر ٻن ڪلاڪن ۾ پياريندا گهڻو فائدو ٿئي (اڌ بيماري ڇڏي وڃي) ته مڪمل بيماري ڇڏي وڃڻ تائين دوا چار ڀيرا ڏينهن ۾ پياريندا رهندا.

8. ايپي ڪاڪ (Ipecauc 30)

هي دوا رڳو بيماريءَ دوران دل ڪچي ٿيڻ، اوڪارن ۽ الٽي جي علاج ڪتب ايندي آهي.

(i) دوا پيارڻ جي ترڪيب ــ ٽي ڦڙا دوا هڪ ننڍي چانھ جي چمچي (Tea Spoon) جيتري پاڻيءَ ۾ ملائي هر ٻن ڪلاڪن ۾ دل ڪچي ٿيڻ، اوڪارن ۽ الٽي بند ٿيڻ تائين پياريندا رهندا، پوءِ بند ڪندا.

9. اوپيم (Opium 200)

مريض جو ڪنڌ بخار دوران پوئتي وري ويندو آهي. منهن باھ ٿي ڳاڙهو ٿي ويندو آهي ۽ چمڙي ڳاڙهي ٿي ويندي آهي ۽ اکيون ڦوٽارجي وينديون اٿس. مريض جي مٿان جيڪا چادر هوندي آهي ان کي لتون ھڻي لاهي ڇڏيندو آهي ۽ ٿڌي ڪمري ۾ سمهڻ پسند ڪندو آهي.

(i) دوا پيارڻ جي ترڪيب ــ ٽي ڦڙا دوا هڪ ننڍي چانھ جي چمچي (Tea Spoon) جيتري پاڻيءَ ۾ ملائي روزانو چار ڀيرا بيماري ڇڏي وڃڻ تائين پياريندا رهندا.


10. رسٽاڪس (Rhustox 200)

جيئن ئي مريض تي بيماري حملو ڪندي (بيماري جي شروعات هوندي) ۽ بخار ظاهر ٿيڻ شرط مريض آرس ڀڃندو ۽ اوٻاسيون ڏيندو. بيماري جڏهن زور وٺندي ته مريض ۾ اهڙي بي چيني (Anxiety) ٿيندي جو مريض هنڌ ۾ پيو پاسا مٽائيندو ڪڏهن هڪڙي پاسي ليٽندو ۽ اُهو پاسو گرم ٿيو ته وري ٻئي پاسي ليٽندو آهي.



(i) دوا پيارڻ جي ترڪيب ــ ٽي ڦڙا دوا هڪ ننڍي چانھ جي چمچي (Tea Spoon) جيتري پاڻيءَ ۾ ملائي بي چيني (لوڇ پوڇ) ختم ٿيڻ تائين پياريندا رهندا.

هدايت ــ ڪوشش ڪري مٿي اهڙيون دوائون بيان ڪيون ويون آهن جن مان ڪنهن هڪ دوا ۾ نيگليريا بيماريءَ جون علامتون موجود هجن. پر جيڪڏهن ائين نه هجي ۽ بيماريءَ جي اهڙي صورتحال هجي جو ڪجھ علامتون هڪ دوا جون هجن ۽ ڪجھ علامتون ڪنهن ٻي دوا جون هجن ته اهڙي صورت ۾ علامتن آهر ٻنهي دوائن جي چونڊ ڪري هڪ ٻئي پويان ڏهن منٽن جي وڇوٽي ساڻ لاڳاپيل دوائن ۾، دوا پيارڻ جي ڏسيل ترڪيب جي آڌار تي مريض جو علاج ڪيو وڃي.

گذارش ــ ايلوپيٿيءَ جي ڊاڪٽر صاحبان کي گذارش آهي ته جيڪڏهن مريض جي نيگليريا بيماريءَ مان جان بچائڻ لاءِ علاج دوران هوميوپيٿيءَ جي دوائن جي مدد پڻ ورتي وڃي ته ان ۾ ڪهڙو هرج آهي؟ اسين هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ ساڻ ڪنهن جي جان بچائي سگهنداسين. هونءَ به (سواءِ پاڪستان جي) پوري دنيا ۾ نعم البدل دوائن (Alternate Medicine) جو نظريو قائم ڪيو ويو آهي. دنيا جا سڀ طبي طريقا ضرورت آهر هڪ ٻئي جي دوائن مان فائدو وٺن پيا ته پوءِ اسين ڇو نه وٺون؟
 
الله پناهه ۾ رکي سڀني کي هن خطرناڪ جراثيم مان ...

سٺي شيئرنگ سائين
بهترين ڳالھ اها ئي آهي "
. دنيا جا سڀ طبي طريقا ضرورت آهر هڪ ٻئي جي دوائن مان فائدو وٺن پيا ته پوءِ اسين ڇو نه وٺون؟" زبردست مضمون ! نگليرئا بابت ڪارائتي ڄاڻ ملي اٿم.
 
Back
Top