پاڪستان ۾ ٻولين جي اهميت ... ڊاڪٽر عائشه صديقه

'مقالا' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏5 جون 2015۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    پاڪستان ۾ ٻولين جي اهميت

    ڊاڪٽر عائشه صديقه

    هڪ ڏينهن هڪ بلاگ، جنهن ۾ هڪ مضمون نگار اردو ٻوليءَ جي موت جو پٽڻو پٽيو هو، پڙهڻ جو اتفاق ٿيو، سندس چوڻ جو مطلب هو ته اردو ڳالهائيندڙن جو تعداد انگريزيءَ کي اظهار جو ذريعو بنائڻ وارن جي ڀيٽ ۾ گهٽ ٿيندو پيو وڃي، جنهن جي نتيجي ۾ ان جي اصلاح ڪرڻ، ان جي نوڪ پلڪ سنوارڻ، ان جي لفظن جو ذخيرو وڌائڻ ۽ درست لهجو عام ڪرڻ طرف ڌيان تمام گهٽ ڏنو پيو وڃي. انگريزيءَ زبان کي حاصل سرسي جوسبب اهي قدم ئي آهن، پر ان کي اردوءَ کي پنهنجي ٻولي قرار ڏيندڙ ماڻهو جيئن جو تيئن اختيار ڪرڻ کان قاصر آهن. مان مضمون نگار سان ان حد تائين اتفاق ڪيان ٿي ته اڄ جيڪا ٻولي اسان وٽ ڳالهائي وڃي ٿي سا اردو نما ڪا شيءِ آهي، اردو ناهي.

    ايف ايم ريڊيو ڪلچر جو ٿورو، ان جي نشريات ٻڌي انسان دنگ رهجي وڃي ٿو ته آخرڪار ان جي صداڪارن جي ٻولي ۽ لهجو ڪٿان گهڙجي ٺپجي نڪتو آهي. هنن ٻولي جي قاعدن (گرامر) جو چَسُ ئي ڪڍي ڇڏيو آهي، تنهنڪري ان کي درست ڪرڻ جون سڀئي ڪوششون بي نتيجا ثابت ٿيون آهن، ڇو جو جيڪا شيءِ وجود ئي نه ٿي رکي تنهن ۾ بهتري ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿي؟ ان رويي جو سبب ڇا هِي آهي ته ماڻهو اردوءَ کي اظهار جو متاثر ڪندڙ ذريعو ٿا مڃن، گهڻي حد تائين خوشحال وچولي طبقي ۽ اشرافيه انگريزيءَ کي اختيار ڪري ورتو آهي، پر اها حقيقت پنهنجي جاءِ تي موجود آهي ته ان ذريعي لکت عام ناهي. ڪيترن ئي مخصوص علائقن ۾ اردو ئي اظهار جو ذريعو آهي. مثال طور مان گهڻن خوشحال سرائڪي خاندان کي سڃاڻان ٿي، جيڪي پنهنجن ٻارن سان سرائڪيءَ بدران اردوءَ ۾ ڳالهائيندا آهن. ڪيترين ئي پيڙهين کان پنجابي خاندانن، اردو ٻولي اختيار ڪري رکي آهي. جيتري قدر ان شڪايت جو تعلق آهي ته ڪير به اردو ٻوليءَ کي خامين کان پاڪ ڪرڻ جي زحمت ڪندي نظر نه ٿو اچي ۽ شايد ان ڪري ئي گهڻا ماڻهو جن اردوءَ کي ابلاغي ذريعي طور اختيار ڪيو هو ان کي ڌاري ٻولي سمجهڻ لڳا. مان ذاتي طرح سمجهان ٿي ته اردو گرامر ۽ لهجي جي درستگي ٿيڻ گهرجي، پر منهنجي نظر ۾ اصل هي مسئلو آهي ته غير اردو ڳالهائيندڙ ماڻهن جي پوري نسل جي جنهن نموني ٺٺول ڪئي وئي ۽ کيس ڪيترائي ڀيرا باور ڪرايو هيو ته پنهنجي غير شائسته لهجي سبب اهي ڄٽ ۽ ڳنوار آهن تنهنڪري ان ناروا رويي سبب ماڻهو اردوءَ سان انسيت پيدا ڪرڻ ۽ ان کي پنهنجي ٻولي سمجهڻ ۾ ناڪام رهيا.

    اڄ اردو مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙن وچ ۾ رابطي جو ذريعو ته آهي پر هيءَ قومي ٻولي ناهي. ماڻهو هيءَ ٻولي ڳالهائن ته ٿا پر ان جو تحفظ ڪرڻ ۽ ان کي بهتر بنائڻ جي ذميواري کڻڻ لاءِ تيار ناهن، ڇو ته اهي سمجهن ٿا ته هيءَ انهن جي پنهنجي ٻولي ناهي. شايد ان جو سبب هي آهي ته اردو انهن ماڻهن جي سياست جو شڪار ٿي وئي آهي، جن جي دعويٰ آهي ته هيءَ انهن جي زبان آهي. پاڪستان جا پاليسي ساز ٻوليءَ جي اهميت ۽ تقدس جو خيال رکڻ ۾ ناڪام ويا آهن. اهي وساري ويٺا ته ٻولي اصل ۾ فردن ۽ عوام جي اجتماعي سڃاڻپ جو هڪ ذريعو آهي. باباءِ قوم محمد علي جناح مذهبي سڃاڻپ جي بنياد تي قوميت جي جوڙجڪ جي ڪوشش ڪئي پر هيءَ قوم اهڙن ماڻهن تي مشتمل هئي جن جو هڪ ٻوليءَ تي اتفاق نه هو. شايد ڪنهن به غور نه ڪيو هو ته محمد علي جناح کي ڍاڪا يونيورسٽيءَ وارو ڪانووڪيشن ڇڏي واپس وڃڻو پيو هو، ڇو جو جڏهن هن اعلان ڪيو هو ته ”پاڪستان جي قومي ٻولي صرف ۽ صرف اردو هوندي“، ته اتي موجود شاگردن پرزور احتجاج ڪيو هو. ان کان پوءِ پاليسي سازن جي هڪ نسل اردوءَ کي قوميت سازيءَ جي هڪ هٿيار طور ته استعمال ڪيو پر ان کي اختيار ڪرڻ جي ذميواري قبول نه ڪئي، تنهنڪري جڏهن انگريزيءَ جي اهميت وڌندي وئي ته ان کي اپنائيندي اردوءَ کي وڏي خوشيءَ سان پٺتي رکيو ويو. ان کان علاوه لساني سياست جي شروعاتي دَور ۾ زبان تي ٻڌل اهڙو ڪلچر وجود ۾ آيو جنهن جو مقصد زبان جي مفاد بدران ان گروهه جي سڃاڻپ جو تحفظ هو، تنهنڪري ماڻهو اردو ڳالهائن ته ٿا پر ان کي پنهنجو نه ٿا سمجهن.

    وهاميل ورهين سان گڏ طاقت ۽ اشرافيه لاءِ اردو پڙهڻ ۽ لکڻ ڏکيو ٿي پيو. مون کي ياد آهي ته ليکڪ مشرف علي فاروقي ٻڌائي ٿو ته ڪهڙي طرح هو هڪ اعلى انگلشن ميڊيم اسڪول جي ٻارڙن کي اردوءَ ۾ آکاڻيون ٻڌائيندو هو، جيڪي کين گهڻيون وڻنديون هيون، پر جڏهن انهن ٻارن اردو ڪهاڻين جا ڪتاب خريدڻ چاهيان ته سندن والدين سندن سخت حوصلا شڪني ڪئي. گذريل سال اسلام آباد جي هڪ عمده ترين مانٽيسري اسڪول ”مضمون شوق“ کي بند ڪيو ويو، ڇو جو اهو اردو انگلشن ميڊيم هو. جڏهن ته والدين چاهيو ٿي ته سندن ٻارڙن سان اردو قطعي به ڳالهائي نه وڃي. ٿي سگهي ٿو ته اسان کي ڪڏهن ڪڏهن سياسي بيان ٻڌڻ ۾ اچن جن ۾ حڪومت کي اردوءَ جي تحفظ جو يقين ڏياريو وڃي. پر ڪير انهن بيانن کي سنجيده نه ٿو وٺي ۽ ان ۾ صرف حڪومت ئي نه پر عوام به قصور وار آهي.

    ڪجهه ماڻهو الزام هڻن ٿا ته ان صورتحال جي ذميواري اردو ۽ ٻين علائقائي ٻولين وچ ۾ ٿيندڙ ڇڪتاڻ تي عائد ٿئي ٿي، پر ان جو ڪارڻ اهو نه هو ته سنڌي، بلوچي يا پشتو تنگ نظر هئڻ سبب پنهنجي ٻولين سان چهٽيل هئڻ واري هوڏ تي قائم هئا. (مان انهيءَ فهرست ۾ پنجابيءَ کي ان ڪري شامل ناهي ڪيو جو اهي آزاديءَ کان پوءِ ۽ شروعاتي سالن ۾ پنهنجي سڃاڻپ ۽ ڪلچر کي قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا هئا.) ان کان پوءِ جڏهن انهن قوميتن کي شديد احساس ڏياريو ويو ته اهي قومي منظر نامي ۾ ”اجنبي“ آهن، ته اهي ردعمل طور پنهنجي لساني ۽ ثقافتي عقيدت سان وڌيڪ شدت سان لاڳاپجي ويا. مان جديد دور ۾ اردو ادب جي ترقي ۽ ڦهلاءَ کي قديم دور جي اردوءَ تي ٻڌل سياست ۽ اردو ڳالهائيندڙ ماڻهن جي مقامي ماڻهن تي برتريءَ جي حوالي سان ئي ڏسان ٿي.

    ان کان علاوه سياست جا ڪجهه پاسا به آهن. ”اردوءَ جو موت“ نالي بلاگ، جنهن جو مون مضمون جي شروع ۾ حوالو ڏنو، جو مصنف چئي ٿو ته ماڻهو اردو ادب بلڪل نه ٿا پڙهن، نه ئي کين ان جو مطلب سمجهه ۾ اچي ٿو، تنهنڪري اهي جڏهن به منٽوءَ جا افسانه ۽ فيض جا نظم پڙهن ٿا ته کين زبان متاثر نه ٿي ڪري، پر ڇا اسان ڏسي سگهون ٿا ته اردو ادب جي ڪهڙيءَ طرح هڪ محدود ۽ من پسند پيماني تي مشهوري ڪئي وئي؟ اڄ جو مٿيون وچولو طبقو ادب تي شهرن ۾ ٿيندڙ ادبي تهوارن جي ذريعي ئي سڃاڻي ٿو. جيڪڏهن انگريزيءَ جي ڀيٽ ۾ اردو ۽ ٻين علائقائي ٻولين کي ڏني ويندڙ اهميت تمام گهٽ آهي، ته وڌيڪ افسوسناڪ ڳالهه هيءَ آهي ته اردو ادب کي به فقط ڪجهه شعبن تائين محدود ڪيو ان ميدان ۾ ٿيندڙ بحث فقط سندن چَوڦير ئي ڦري ٿو. مثال طور اردو شاعري ۽ نثري ادب ۾ نسائيت کي فهميده رياض ۽ ڪشور ناهيد تائين ئي محدود ڪيو ويو آهي. ان سان گڏوگڏ ڇا اهو تاثر ناهي اڀاريو ويو ته اردو ادب ۾ انتظار حسين کان علاوه ٻيو ڪو افسانه توڙي ناول نگار آهي ئي ڪونه يا اردو شاعري فيض سان گڏ ئي ختم هوندي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اهي سڀ اردو ادب جا عظيم نالا آهن، پر ڇا ٻين ناول ۽ افسانا نگار، شاعرن ۽ نقادن جي باري ۾ ڄاڻي واڻي خاموشي اختيار ڪئي وڃي ٿي، جڏهن ته ڪڏهن اهي به ادبي کيت جو حصو هئا. هاڻي هر ادبي تهوار ۾ ڪجهه مخصوص نالن جو ذڪر ٻڌندي نوجوان نسل ادب جي ٻين وڏن نالن کان اڻ واقف ٿيندو پيو وڃي. ڪو وقت هو جڏهن ڪيترين ئي عورت ليکڪائن جو نانءُ ورتو ويندو هو پر هاڻي ڪير کين سڃاڻي به ڪو نه ٿو. ادب کي 1947ع کان پوءِ جنرل ضياءَ جي دور تائين محدود ڪيو ويو، پر اسان جي تاريخ ۾ 1971ع واري اذيت ئي موجود آهي. هاڻي سوال صرف ٻوليءَ کي اهميت ڏيڻ جو ناهي، پر پنهنجي ادبي آڙ ۾ قومي جائزو وٺڻ جو به آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو