مون محترم امر فياض کي رپورٽ متعلق آگاھ ڪيو، انهن مونکي هِي تفصيل موڪلي آهي. (لئنگيج اٿارٽي جي فيسبوڪ پيج تان کنيل) اپليڪيشنن جي ڪريش رپورٽ بابت اهم ڄاڻ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران جاري ڪيل لغتن جي اپليڪيشنن کي مختلف موبائلن تي انسٽال ڪرڻ ۾ ڪجھ موبائلن پاران ڪريش رپورٽون آيون آهن. تن ۾ هيٺين موبائلن جون ئي رپورٽون ملن ٿيون. ڪيو موبائل اي 290 ڪيو موبائل آءِ 9 ڪيو موبائل آءِ 5 ڪيو موبائل آءَ 12 ڪيو موبائل وِي 2 گيليڪسي ايس 3 گولڊ ٽرينٽ. اسان گوگل جي ايس ڊي ڪي ۾ رپورٽ ڪئي ۽ چيڪ ڪيوسين جنهن تي گوگل پاران معذرت ملي ته اهو نقص صرف انهن سيٽن ۾ آهي جن ڪمپنيءَ پاران پنهنجي جاوا اپڊيٽ ناهي ڪئي، ۽ انهن هي فرم ويئرن ۾ پراڻا فريم ورڪ لڳل آهن. سڀني دوستن کي گذارش ڪجي ٿي ته اهو نقص اپليڪيشنن ۾ ناهي، پر موبائلن جي اپڊيٽ نه ٿيڻ جي ڪري آهي. ڇوته ڪيو موبائل شايد پنهنجي فرم ويئرن کي اپڊيٽ نه ٿا ڪن جڏهن ته ٻيون ڪمپنيون وقت سر پنهنجا پليٽ فارم اپڊيٽ ڪندا رهن ٿا. مٿين ماڊلن ۾ هڪ سامسنگ جو به ماڊل آهي جيڪو چائنا جي ڪاپي آهي. سدا سلامت رهو.
امر فياض جو.جواب بهترين آهي هن ايرر جا ڪيترائي سبب آهن،جن ۾ ريم جو گهٽ هجڻ،ميموري گهٽ هجڻ،هارڊوئير جو مسئلو وغيره... هي ايرر جنهن مهل اچي ته ان اپليڪيشن ۾ وڃي ڪري cache کي ڪليئر ڪريو پوءِ موبائيل کي ري اسٽور ڪريو