استاد بخاري جي شاعري

'سنڌي شاعري' فورم ۾ barkat ali طرفان آندل موضوعَ ‏3 جون 2010۔

  1. barkat ali

    barkat ali
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 مئي 2010
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    hyderabad
    اسان هون سپاهي، او ڀٽائي، تنهنجي سنڌ جا،
    درازيءَ جي ديس جا، سنائيءَ جي سنڌ جا.

    عزم عنايت سچ سگھارو، برک بلاول، حيدر پيارو،
    اِهي پيارا پيارا ماڻهو، پياري پياري سنڌ جا.

    ڪوٺَ ڪنائي پورهيت جاڳيو، جرئت جاڳي، رتَ ستَ جاڳيو،
    جاڳي پيا جيالا سارا، هاري ناري سنڌ جا.

    ڌرتيءَ ڄايا پيا گڏجي سڏجي، سچ جي سڏ تي پرچي سرچي،
    جوڙيون پيا نِڪورا خاڪا، آجي آجي سنڌ جا.

    سورج وانگي چمڪي سنڌڙي، جُڳ جُڳ ۾ جيئي سنڌڙي،
    هجن هر زبان تي نعرا، صبح، سانجھي سنڌ جا.

    جنت ڪاڇو ۽ ٿر آهي، ڪوثر منڇر، ڪينجھر آهي،
    وڻن ٿا نظارا ڏاڍا سُهڻي سُهڻي سنڌ جا.

    سنڌڙي جندڙي پياري پياري، عشق منجھان استاد بخاري،
    ويٺا گيت ٺاهيون ۽ ڳايون، مِٺي پنهنجي سنڌ جا.
     
  2. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    369
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: استاد بخاري جي شاعري

    اُستاد بخاري جا سنڌ ڌرتي لا هي ڪلما تمام پيارا ۔۔۔۔۔ جيڪي آهن سنڌ وارا۔۔۔۔۔

    زبردست ادا برڪت،
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,872
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: استاد بخاري جي شاعري

    سبحان الله، تمام سهڻا لفظ، تمام سهڻو مفهوم، سائين مرحوم استاد بخاريءَ کي رب العالمين پنهنجي پناهن ۾ رکي ۽ دعا آهي ته سنڌ کي وري اهڙو شاعر ملي جيڪو اسانجي ضمير کي جهنجهوڙي سگهي۔۔۔۔
    دوست برڪت ۔۔۔ ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا
     
  4. ناصر علي

    ناصر علي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 مئي 2010
    تحريرون:
    128
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: استاد بخاري جي شاعري

    ادا برڪت يار زبردست شاعري ونڊ ڪرائي اٿو
     
  5. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    141
    ورتل پسنديدگيون:
    45
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    188
    [​IMG]
    سنڌ جو عوامي، سونهن جي پوڄاري شاعر استاد بخاري .16 جنوري 87 سالگرهه مناسبت

    ابرهيم لاشاري (وارھ)



    زندگي تي ناهي ڪوئي ڀروسو ،

    حسن کي پوڄي وٺو پوڄي وٺو،

    ڪائنات حسن ۾ هلندو وتان ،

    ڄڻ ته بحر حسن ۾ ترندو وتان ،

    حسن کي ڏسندو وتان ٺرندو وتان ،

    حسن ٿو ڏئي استاد ڏاڍو مزو.


    استاد بخاري جنهن جي گيتن جي گونجارسنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪيترن ئي سالن کان پکڙيل رهي آهي جنهن جي ڇٺي جو نالو پنهل شاهه هو سندس امڙ وري عرسو جي نالي سان سڏيندي هئي مگر جڏهن سندس والد صاحب اسڪول ۾ داخل ڪرايو ته پتاشا ورهائي احمد شاهه نالو لکرايو . سيد احمد شاه بخاري والد سيد حاجن شاه بخاري16جنوري 1930 ع مطابق 15شعبان 1348 هجري ۾ پنهنجي زندگي جو سفر ڳوٺ غلام محمد چانڊيو کان شروع ڪيو.سندس والدين ايترا گهڻا پڙهيل لکيل ته نه هئا . مگر ان جي برعڪس استاد بخاري جي سار سنڀال تمام بهتر نموني سان ڪيائون ، ننڍ پڻ ۾ سندس پي ِسيد جي جهوپڙي منجهه قديم زماني جا قصا، ڪهاڻيون، تاريخي واقعا ٻڌائي ذهن کي روشناس پيو ڪندو هو. ٻئي طرف سندس جيجل امڙ وري پنهنجي مٺڙي زبان سان مذهبي پرچار پئي ڪندي هئي ، عمده ۽ شاندار تربيت والد جي صلاحن ،امڙجي دعائن استاد بخاري جي زندگي تي بهترين اثر ڇڏيو. استاد بخاري 1944 ڌاري سنڌي فائنل پاس ڪري سال 1946ع ڌاري پهريان روينيو کاتي ۾ تپيدار جي نوڪري ڪرڻ لڳو مگر جلد ئي ان نوڪري کي ڇڏي. ستت ئي1947 عيسوي ڌاري پرائمري ٽيچر جي حيثيت سان تعليم کاتي ۾ سلهاڙجي ويو . .انهن ئي ڏينهن 1961ع ۾ مئٽرڪ ۽ 1963ع ڌاري انٽر ،بي اي، جا امتحان خانگي طور امتيازي نمبرن ۾ پاس ڪيائين . ۽ وري استاد بخاري تعليم ۾ هڪ وک اڳتي وڌائيندي 1964ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪيائين. 1967ع ڌاري استاد بخاري گورنمنٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ سنڌي شعبي ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. اهڙي ريت استاد بخاري لاڙڪاڻو، سانگهڙ ،دادو، ۽ سيوهڻ ڪاليجن ليڪچرر ٿي رهي آخر ۾ دادو ڊگري ڪاليج مان اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدي تان رٽائرمينٽ ورتائين . استاد بخاري پاڻ سنڌي ٻولي جو محبوب بهترين شاعر ۽ سندس جديد شاعرن جي صف ۾ سڀنئي کان مٿي اول نمبر تي شمار ٿئي ٿو . استاد بخاري سنڌ جو عوامي ۽ قومي شاعر طور مڃتا ماڻي، هو ڪنهن هڪ خطي يا طبقي جو نه پر سڄي سونهن ڀري سنڌ جو عوامي نمائنده شاعر هو.۽ ائين کڻي چئجي ته استاد بخاري سڀني جو شاعر هو ، سندس دل دردن سا ڀريل هئي استاد بخاري جي شاعري جي هر صنف هر موضوع سان ٽم ٽار لڳي پئي آهي سندس پهريون (تخلص) آسي ان بعد( دردي )استعمال ڪيو، مگر پوءَ جلدي پاڻ کي( استاد )سڏرايائين .سندس اصل سڃاڻپ ئي يعني (استاد) تخلص سان ٿي ۽ سڄي سنڌ ۾ مشهوري ماڻي .استاد بخاري واقع پوري قوم جو سجاڳ استاد هو . سندس شاعري جو لفظ لفظ غزل گيتن، محبت ،درد، پيار، امن، خوشحالي، جدوجهد ترقي جي پيغام سان ڀريو پيو آهي، استاد بخاري شاعري جي ابتدا شاگردي واري زماني ۾ ڪئي جڏهن هو اڃان پنجين ڪلاس جي تعليم حاصل ڪري رهيو هو.استاد بخاري ننڍي هوندي تمام ذهين هوندو هو اسڪول جي شاگردن ۾ به نمبر اول تي هوندو هو. جڌهن اسڪول جي اسمبلي جو گهنٽ وڄندو هو ته پنهنجي مٺڙي مڌر آواز سان گيت هروز پيو چوندو هو. سندس ڳائڻ سان به بيحد دلچسپي هوندي هيئس ان وقت جي مشهور مقبول شاعرن جي شاعري جا الاپ پيو ورجائيندو هو .اڪثر استاد سڳورا سندس اسڪول بند ٿيڻ مهل يا وري رسيس جي مهل ڪجهه ٻول ٻڌائڻ لاءِاستاد بخاري کي فرمائش ڪندا هئا. ائين ئي سندس دل ۾ شاعري ڪرڻ جا اڌما پيا ايندا هئا ۽ پوءِ ائين شاعري ڪرڻ جو شوق جاڳيس 1947 عيسوي ۾ پرائمري استاد ٿيڻ جي حيثت ۾ باقاعده شاعري ڪرڻ شروع ڪيائين انهي زماني۾ ئي پنهنجو تخلص (استاد) رکيائين ۽ ان زماني کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ادبي نالي (استاد بخاري ) سان ڏيهان ڏيهه مشهور ٿيو، استاد بخاري پنهنجي شاعري جي شروعات شاگردي واري زماني ڪري چڪو هو ليڪن علمي ادبي سرگرمين ۾ ڀرپور نموني بهرو وٺڻ لاءِ 1950/51 ۾مليو. جڏهن پاڻ مٺياڻي ٽريننگ ڪاليج مان تربيت پئي ورتي 1950 ع واري زماني کان وٺي عمومن مشاعرن ۾ پئي بهرو ورتائين. استاد بخاري سدائين متحرڪ رهيو .سنڌ جي ڪنهن به شهر وستي واهڻ ۾ ڪو به مشاعري جي دعوت استاد بخاري کي ڏيندو هوته اتي وڃي پهچندو هيس. سندس تعلق بزم طالب المولي انجمن ،آفتاب ادب ۽ سنڌي ادبي سنگت پاران ڪوٺايل مشاعرن وغيره ۾ حصو وٺڻ سان گڏوگڏ ريڊيو ۽ ٽي وي تي مشاعرن يا وري بزرگن جي ميلن تي ٿيندڙ مشاعرن ۾ پڻ بحرو وٺندو هو ۽ پنهنجي خوبصورت شاعري پيش ڪري استادن کان داد پيو حاصل ڪندو هو. استاد بخاري پنهنجي زبان سان چوي ٿو ته

    ڪي چون ٿا من درست ته سڀ درست ،

    ڪي چون ٿا تن درست ته سڀ درست ،

    ٻيا به نڪتا ٺيڪ پر ڏسجي پيو ،

    دور هن ۾ ڌن درست ته سڀ درست.

    هو هميشه پنهنجن خيالن جذبن ارادن ۽ امنگن ۾ ارڏو ۽ اٽل اڏول هو. استاد بخاري جي شاعري نغگمي نه هئي پر ان ۾ امن ۽ پيار جي پچار هئي .استاد بخاري مورڳو شاعر نه هو مگر چوٽي جو نثر نويس پڻ هو. هن ڪيترائي مضمونن۾ ڪتاب لکيا ۽ انهن جا مهاڳ پڻ لکيا. استاد بخاري به لطيف سائين جيان پنهنجي شاعري وانگر عوامي ۽ سادي ٻولي اختيار ڪئي آهي سندس شاعري سلاست ۽ بلاغت جي لفظ سان ٽم ٽار لڳي پئي آهي پنهجني شاعري وسيلي سڄي سنڌ جي ماڻهن جي احساسن جي ترجماني پڻ ڪئي آهي پهريان پهريان استاد بخاري جي شاعري غزلن ۽ ڪافين تي مبني هوندي هئي جيڪا اڪثر ٽماهي رسالي ( مهراڻ ) ۾ پئي ڇپجي هئي. ان وقت عالم اديب مولانا غلام محمد گرامي صاحب مهراڻ رسالي جي تسلسل سان شاعري ڇپائڻ ۾ حوصله افزائي پڻ ڪئي، پوءِ وقت گذڙڻ سان گڏوگڏ آهستي آهستي سندس شاعري ۾ پختگي ايندي وئي استاد بخاري شعر جي مختلف موضوعن جهڙوڪ وائي، بيت نظم، ڏوهيڙو، رباعي، قطع ،ٽيڙو ۽ آزاد نظم وغيره ۾ به ان وقت طبع آزمائي ڪرڻ لڳو.شعر جي ٻاهرين صنفن جهڙوڪ سانيٽ، ترائيل ۽ هائڪو ۾ به استاد پنهنجو مٽ پاڻ هو ۽ جهجهي انداز ۾ شعر چيائين. استاد بخاري سچ ۽ پيار جو شاعر هو. سندس شاعري نج سنڌي لفظن سا ٽم ٽار آهي اڪٽر شاعري ۾ تشبيهه ۽ استعارن ۾ ٿيل آهي سندس کي (استعارن جو بادشاه )چئجي ته ان ۾ ڪو وڌاءِ نه ٿيندو. سادي ٻولي ۾ پنهنجون تشبيهون پنهنجا استعارا جنهن ۾ سنڌ امڙ جي چڪي مٽي جو هڳاءِ هو استاد بخاري جي شاعري رومانوي به هئي ته قومي به سندس قومي شاعري نوجوان وڏي حب منجهان ڳائيندا آهن. استاد بخاري جي شاعري جو محور سنڌ ۽ سونهن هئي،استاد بخاري شاعرن منجهه سمورن خوبين جو مالڪ هو، استاد بخاري هڪ ته سونهن جو پوڄاري ٻيو سنڌ يار هو هڪ سونهن جو پوڄاري ٻيو سنڌ يار آهي تعريف تنهجي سون کان پڌري ٿي نه ٿي سگهي توڙي جو پاڻ توبه چيو ٿي وڌاءِ آهي استاد کي پهاڙ نه سمجهو جي سمجهو ٿا چوٽي تي برف آهي اندر ۾ اولاءِ آهي استاد بخاري جي شاعري عشق ۽ قوميت سان ڀري پئي آهي استاد بخاري پنهنجي سونهن محبت ۽ پيار ڀري شاعري وسيلي نوان جذبا نئين آٿت ڏئي قوم ۾ اتساه پيدا ڪيو انهن کي پنهنجي حق وٺڻ لاءِ راه ڏيکاري ۽ پنهجي شاعري وارن ٻولن ۾ صلاح تو ڏي ته

    سون بازار مان ڳهني وٺبو آ

    فيض مرشد کان پني وٺبو آ

    جو سمجهي ته اوهان جو حق آ

    حق مڙسي سان ڇني وٺبو آ

    استاد بخاري سونهن جو شيدائي ۽ پيار جو فدائي هو هن پنهجي شاعري ۾ سونهن پيار کي امرتا بخشي هئي. استاد بخاري کي سنڌ ڌرتي جي سٻاجهڙن ماروئڙن سان بي لو ث محبت هئي. جنهن کي هو عبادت سمجهندو هو . جنهن جو اظهار هن پنهنجي شاعري وسيلي پڻ ڪيو پاڻ چوي ٿو ته

    پڇن ٿا سنڌ ۽ سنڌين جي ڇو تسبيح پيو سورين

    چيم هڻي پڇاڙي آ

    عبادت جي ضرورت آ

    هو ڪميٽيڊ شاعر هو استاد بخاري وطن دوست شاعر هو. اسين جڏهن به استاد بخاري جي شاعري ڏانهن غور فڪرسان مطالعو ڪنداسين ته هو عوامي قومي نون توڙي پراڻن شاعر ۾ هڪ جيترو مقبول هو. سندس شاعري جا 25 کان مٿي مجموعا ڇپيل آهن. جن ۾ ڪوڪڻ يا ڪلياڻ، گيت اسان جا جيت اسان جي، اوتيون جوتيون ،لهر لهر دريا ءِ سوچون ڀڻڪا واڪا، ڪاري ڪڪر هيٺ، ڌرتي سرتي ،نه ڪم نبريو نه غم نبريو، زندگي او زندگي، ولولو۽ووڪ ،ميلا ملهالا، لهر لهر لالڻ ،وطن ۽ ويساه، ڳائي پيو جاڳي پيو، ماندي ٿي نه مارئي ،هڙئي ئي هيج وطن جا، تڙتڙ تيڏيان ڳالهيان ،گهڙيا سي چڙهيا، گلدستي ۾ گيت وغيره سندس ٻيوڪا في اهڙو ڪلام جيڪوشعري مجموعن ۾ نه ڇپجي سگهيو آهي اهومختلف اخباري رسالن ۾ ٽريل پکڙيل آهي ان سان گڏ ڪري ڇپائڻ جي ضرورت آهي، زندگي جي آخري حصي منجهه هن عظيم شاعر استاد بخاري کي بلڊ ڪينسر جي بيماري وڪوڙي وئي، پاڻ علاج واسطي ٻاهرين ملڪ برطانيه جي شهر لنڊن ما بلڊ ٽرانفريشن ڪرائڻ به ويو هو، ليڪن بيماري بستري تي سمهاري ڇڏيو موت جو رڪاس سندس حياتي مٿان ٽڪ ٻڌي بيٺو رهيو آخر ڪار سڀ ڪنهن کي اوڏانهن .ئي هلڻو آهي . استاد بخاري هزارين چاهيندڙن کي هميشه هميشه لاءِ الوداع چئي شام جو 9 آڪٽوبر 1992ع جمعي ڏينهن هجري سن مطابق 11 ربيع آخر 1413هه تي ڪراچي ۾ 62 سال 8 مهينا 23 ڏينهن زندگي جا گذاري سنڌي شاعرن ۽ اهل قلم وارن کان موڪلائي هميشه هميشه لاءِ راهه رباني ٿي لاڏاڻو ڪري ويو سندس مرتي جي خبر پوندي، سڄي سنڌ سوڳوار بڻجي وئي هينئرتائين به سندس شاعري ساڳي شوق ۽ چاهه سان پڙهي وڃي ٿي ​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو