اَڄُ پِڻُ اُجَهڻَ کَي مَرِين، نَڪِي ڪِتُءِ ڪَالَ ڀَورِي ! تَو سَان ڀَالَ، ڪَاندُ ڪَرِيندَو ڪَيتِرَو؟ سُرُ ڪَاپَائِتِي اُجَهڻَ کَي مَرِين = گهمڻ لاءِ تيار ٿي ڏسجين، رلڻ لاءِ آتي آهين، آرام لاءِ آرس ٿي ڀڃين ڪِتُءِ = ڪَتِيَئي ڪَالَ = ڪالھ ڀَورِي = اي موڳي، چري، نادان ڀَالَ = ڀلايون، چڱايون ڪَاندُ = ڪانڌ، ڀتارُ ڪَرِيندَو = ڪندو بيت جو پس منظر ~ ڪالھ بہ ڪونہ ڪَتِيَئي ۽ اڄ وري آرام ڪرڻ يا گهمڻ لاءِ تيار پئي ڏسجين. ~ او چري ! توسان آخر ڪيستائين ڀتار ڀلايون ڪندو رهندو ؟ سمجهاڻي ڪاپائتي اُها پورهيت عورت آهي جيڪا ائٽ تي سُٽُ ڪَتَي چرخي تي چاڙهي، ان مان ڪپڙو ٺاهي پاڻ بہ ڍڪي ٿي ۽ ٻين کي بہ ڍڪائي ٿي. ڀٽائي هڪ سُستُ ۽ ڪاهل عورت کي تنبيھ ڪندي چئي ٿو تہ : تو ڪالھ بہ سُٽُ ڪونہ ڪتيو هو ۽ اڄ بہ آرام ڪرڻ يا ڪيڏانهن گهمڻ ڦرڻ لاءِ تيار پئي ڏِسجِين. تنهنجي اها سُستي ۽ ڪاهلي جاري رهي تہ سرتين ۽ ڪانڌ اڳيان ڪهڙو ڪنڌ کڻي گهمندينءَ ؟ دراصل ڀٽائي اسان کي درس ٿو ڏئي تہ سُستِي ۽ ڪاهلي ڇڏي مسلسل ۽ لاڳيتي محنت، جفاڪشي، جاکوڙ ۽ جدوجهد وسيلي ئي ڪاميابيون حاصل ڪري سگهجن ٿيون. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____