• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇا سنڌي قومپرستن کي، مڪاني چونڊن ۾ گڏجي حصو وٺڻ گھرجي؟

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
ڇا سنڌي قوم پرستن کي گڏجي، مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺڻ گهرجي ۽ سنڌ ۾ پ پ پ جي ڪرپشن واري سرڪار جي اڳيان بند ٻڌڻ گھرجي؟ فيس بوڪ جي ڪجھه دوستن جو چوڻ آهي ته ائين ئي ڪرڻ گھرجي پر انهيءَ سلسلي ۾ سائين جي ايم سيد جو بيان رڪاوٽ بڻيل آهي جيڪو سنڌي قومپرستن کي چئي ويو آهي ته هو چونڊن ۾ حصو نه وٺن ـ
سو فيس بوڪ جا دوست انهيءَ رٿ تي تبصرو ڪن ته ڇا سچ پچ سنڌي قومپرستن کي گڏيل اتحاد ٺاهي، مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺڻ گھرجي ۽ ڪرپٽ پ پ پ سنڌ سرڪار کي ٽف ٽائيم ڏيڻ گھرجي يا وري ميدان، پ پ پ جي ڪرپٽ سرڪار جي اڳيان خالي ڇڏڻ گھرجي ته ڀلي هو ملڪ ڀيليندا وتن ـ
دوستن کي گذارش آهي ته مهرباني ڪري انهيءَ رٿ تي سنجيدگيءَ سان تبصرو ڪن ـ
 
Back
Top