• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڏهين جون تي نوري آباد ۾، سنڌين کي ٿورائيءَ ۾ تبديل ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ مظاهري جي حمايت ڪرڻ گھرجي

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
سنڌ اندر سنڌين کي ٿورائيءَ ۾ بدلائڻ کان بچائڻ لاءِ، ڏهين جون تي هڪ سنڌي قوم پرست تنظيم ـ جسقم، نوري آباد ۾ احتجاجي مظاهري جو پروگرام رٿيو آهي ـ سياسي ويڇن جي باوجود سڀني سنڌين کي گذارش آهي ته انهيءَ مظاهري ۾ ضرور شريڪ ٿين ڇاڪاڻ ته اها درست مقصد ڏانهن، درست وک آهي ـ
ساڳي وقت سنڌ جو درد رکندڙ قومپرستن سميت، سڀني تنظيمن کي گذارش آهي ته هو پنهنجا سياسي ويڇا وساري، سنڌ اندر سنڌين کي ٿورائيءَ ۾ ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ گھٽ ۾ گھٽ هڪ نقطي تي وسيع اتحاد جوڙن ۽ سنڌ جي اهم شهرن ۾ گھٽ ۾ گھٽ هر پندرهين ڏينهن مظاهرو ڪن ـ
هن وقت سنڌ اندر ڪرپٽ زرداري سرڪار، سنڌ جون قيمتي زمينون ڀڳڙن مٺ تي وڪڻڻ جي سازش ۾ شامل آهي ۽ اهڙي ريت سنڌ دشمنيءَ واري پاليسيءَ جي دڳ تي هلي رهي آهي ـ
منهنجي خيال ۾ سنڌ جو اهم مسئلو سنڌين کي ٿورائيءَ ۾ بدلائڻ کان بچائڻ آهي ـ اچو ته سڀ گڏجي انهيءَ عظيم مقصد جي پٺڀرائي ڪريون ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي حقيقي خدمت ڪريون ـ
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top